رانديون

والد سان ڪرڪيٽ کيڏي ۽ جلد آئوٽ ٿيڻ تي مار کاڌي: بابر

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ والد سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏي آهي ۽ جلد آئوٽ ٿيڻ تي مار بھ کاڌي آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ هر ميچ ۾ والد گڏ وٺي ويندو هو، ان سان گڏ ڪرڪيٽ بھ کيڏندو رهيو آهيان. هن جو چوڻ هو تھ انڊر 15 ۾ سليڪٽ ٿيڻ تي ڪزن کان بوٽ گهريا ۽ ان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چيو تھ مون ان ڏهاڙي کان عزم ڪيو تھ ٿوري ئي پر شئي پنهنجي هجڻ کپي، بعد ۾ والدا پيسا ڏنا ۽ بيٽ ورتي، جيڪا اڄ بھ گهر پيل آهي.

بابراعظم کي ميڪ اپ آرٽسٽ ڪوٽ ۾ بٽڻ سبي مداح پريشان ڪيا

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي ڪوٽ تي بٽڻ سبڻ واري تصوير وائرل ٿيڻ تي سندس مداح پريشان ٿي ويا آهن، پر جلد پتو پئجي ويو تھ اها دبئي جي آرٽسٽ آهي. هوڏانهن بابراعظم جي مداحن کي پريشان ٿيندوڳ ڏسي هڪ ماڻهو وضاحت ڪئي تھ هي ميڪ آرٽسٽ ۽ پرڻيل عورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button