عدليا ڪارونجهر جي حق ۾ فيصلو ڏئي، جيڪا تاريخ جوڙي آهي، اها ان ماڳ تائين محدود نه رهڻ گهرجي. ڪارونجهر جي ڪٽائي واقعي هڪ تمام اگرو عمل هو ۽ ڪنهن به باشعور انسان جي لاءِ اهو منظر تمام تڪليف وارو هو ۽ منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن عدليا هن وقت اک نه پٽي ها ته هوند اهي مائننگ واريون ڪمپنيون ڪارونجهر کي ايندڙ ڪجهه سالن تائين ڪرٽي کائي وڃن ها ۽ اسان جي ايندڙ نسل کي معلوم به نه هجي ها ته ٿر ۾ هڪ خوبصورت جبل به هوندو هو.
جبل ته سڀ خوبصورت ٿيندا آهن. انهن جبلن جي مٿان برف ڄمندي هجي يا نه؟ انهن جبلن تي سائو گاهه ڦٽندو هجي يا نه؟ انهن جبلن جي مٿان جنگلي جيوت هجي يا نه؟ ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. ڇو ته جبل هن ڌرتيءَ جو حسن آهن، انهن جو ٻيو به ڪارج آهي. اسان کي انهن جي تحفظ جي باري ۾ هڪ سنجيده سوچ رکڻ گهرجي. اها ڪيتري نه ڪمينگيءَ واري ڳالهه آهي ته هڪڙا واپاري صرف ناڻي جي لاءِ ڌرتيءَ جي ان تمام اهم ۽ خوبصورت حصي کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن. انهن جو وجود ختم ڪن ٿا. انهن کي ذرو ذرو ڪري وڪڻن ٿا. اهو ڪاروبار تمام گهڻو ڪڌو آهي. هونءَ ته ڪاروبار لفظ ئي اهڙو ناهي، جنهن کي پسند ڪري سگهجي پر ڪاروبار مجبوري به آهي. پر جيڪو ڪاروبار مجبوري ناهي، اهو ته ناقابل برداشت هجڻ گهرجي. ان ڪاروبار جي مٿان پابندي پوڻ گهرجي، جيڪو ڪاروبار نه صرف ڌرتيءَ جي سونهن اجاڙي ٿو پر ان جي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ جا سبب پيدا ڪري ٿو.
اسان کي هن وقت تائين اهو معلوم ٿي چڪو آهي ته اسان جي ڪهڪشان ۾ ڌرتيءَ جهڙو زندگيءَ سان ڀرپور ٻيو ڪو سيارو ناهي. ان ڪري اسان کي هن ڌرتيءَ جو تمام گهڻو خيال رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان ڌرتيءَ جو خيال نه رکيو ته هڪ وقت اهڙو به ايندو، جڏهن ڌرتي اسان لاءِ رهڻ جي قابل نه رهندي ۽ سائنس جيڪي اسان کي چتاءَ ڏئي رهي آهي، اهي سڀ سچ ٿي ويندا ۽ ان وقت انسان تمام گهڻو پڇتائيندو پر ان پڇتاءَ جو ان مهل ڪو ملهه نه هوندو. جيڪڏهن ڪوئي ٺيڪ پڇتاءَ ڪرڻو آهي ته اهو هاڻي ئي ڪرڻو پوندو ۽ هونءَ به بهتر پڇتاءُ اهو ئي هوندو آهي، جنهن جي سلسلي ۾ ڪجهه ڪري سگهجي. پڇتاءَ صرف خالي هٿ مهٽڻ جو نالو نه هجڻ گهرجي.
ڌرتيءَ سان ترقيءَ جي نالي ۾ جيڪا تعدي ڪئي وئي آهي، ايندڙ دور جو شعور اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. اسان جو اهو بهتر عمل هو ته اسان ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريو ۽ اهو آواز مختلف سببن جي ڪري ٻڌو به ويو ۽ ان جي ماڻهن کي مسرت به ٿي آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا ان قسم جي حرڪت ڪرڻ اسان کي جڳائي؟ ڪارونجهر هڪ تاريخي ۽ تمام خوبصورت ماڳ آهي. اسان کي عدليا جو هڪ ڀيرو ٻيهر به شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪارونجهر کي تحفظ فراهم ڪيو پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪارونجهر کان سواءِ ٻيا پهاڙ ۽ پهاڙيون ايترا اجايا آهن جو انهن جو وجود وڃائڻ لازمي هجي؟
اسان کي سمجهڻ گهرجي ته فطرت جي هر مظهر کي محفوظ رکڻ انسانن جو اولين فرض آهي. جيڪي انسان فطرت کي وڪڻن ٿا، انهن کي ايندڙ وقت ڪڏهن معاف نه ڪندو پر ڳالهه معاف ڪرڻ ۽ نه معاف ڪرڻ کان تمام وڏي آهي. اهم ڳالهه آهي ڌرتيءَ جو تحفظ!! اسان کي ان ڳالهه تي تمام گهڻو شرم اچڻ گهرجي ته اسان صرف پنهنجي مالي فائدي ۽ اکين جي ڍوَ لاءِ هن خوبصورت ڌرتيءَ جو اهڙو حال ڪيو آهي جو هاڻي ان جو اڳيون روپ اسان ڏسڻ کان به محروم ٿي ويا آهيون.
انسان جو الميو اهو آهي ته هن صرف ڌرتيءَ جون اهي شيون نه کاڌيون آهن، جيڪي هن جي جسم جي ضرورت آهن پر هن پنهنجي شوق جي تسڪين لاءِ هن ڌرتيءَ جي هر شيءَ کي اجاڙيو ۽ وجود کان وڃايو آهي. اسان کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ڪارونجهر جبل کي بچائڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جو نئون نسل سوڀارو ٿيو آهي پر اسان کي ان ڳالهه تي فڪرمند ٿيڻ گهرجي ته هن مهل تائين سنڌ جا ٻيا جبل ۽ فطرت جا ٻيا روپ رنگ حملن هيٺ آهن ۽ انهن کي بچائڻ جي سلسلي ۾ به اسان کي پنهنجو سعوري آواز اٿاڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان پنهنجو موثر آواز نه اٿاريو ته فطرت اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
شيخ اياز ڪيتري نه اهم ۽ ڪارائتي ڳالهه ڪندي چيو هو ته:
“ناگا ساڪي ڪافي ناهه
سڀ ڪجهه ناس ڪندو نادان”
ساڳي طرح سان اسان کي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته فطرت جي انمول شين جي سلسلي ۾ ڪارونجهر ڪافي ناهي پر اسان کي سنڌ جي حصي ۾ آيل فطرت جا ٻيا به حسين جلوا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان کي پنهنجي چوطرف نهارڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته ماڻهوءَ جي حوس ڪيتري نه خطرناڪ آهي ۽ هن ڇا ڇا نه تباهه ڪيو آهي؟
اسان سنڌ جا ٻيلا ۽ سنڌ جون ڍنڍون ڍورا ته نه ڇڏيا آهن پر اسان ڪا به اهڙي شيءَ نه بچائي آهي، جيڪا اسان جي لالچ جو نشانو نه بڻي هجي. اسان کي هاڻي لالچ ختم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن شين جو تحفظ ڪرڻ اسان جي اولين ذميواري آهي، جن شين کي ختم ڪرڻ جو مطلب فطرت کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي. اسان ماڻهن کي اها ڳالهه به محسوس ڪرڻي پوندي ته صرف اسان اهو احتياط صرف جبلن جهنگن ۽ فطرت جي ٻين روپن تي رحم کائي نه ٿا ڪريون پر اسان اصل ۾ پاڻ تي قياس ڪريون ٿا. ڇو ته اسان انسانن جو وجود به انهن شين سان مشروط آهي. اسان کي ڪالهه اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي، ان ڪري انسان ڪارخانا ٺاهي ۽ ڪائنات کي دونهين سان ڀري ۽ ايٽم بم ايجاد ڪري ڌرتيءَ جو وجود خطري ۾ وجهي اهو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڪري اڄ ڌرتيءَ جي موسمن جو توازن تباهه ٿي ويو آهي. هن مهل اسان جنهن گرمي پد ۾ واڌ جي دانهن ڪريون ٿا، اها اسان جي هٿن جو گناهه آهي. هن مهل جيڪي گليشيئر ڳري رهيا آهن ۽ جيڪي حياتياتي نسل ناپيد ٿي چڪا آهن، انهن جو ذميوار انسان جو اهو لوڀ آهي، جنهن جو ڀڀ هن مهل تائين نه ڀرجي سگهيو آهي. اسان کي ان باري ۾ پنهنجي ڏوهه کي تسليم ڪرڻ گهرجي. اهو ڏوهه صرف هلندڙ دور جو ناهي پر اهو ڏوهه ايندڙ وقت جو به آهي ۽ اهو ڏوهه ناقابل معافي آهي. ڇو ته اسان پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪرڻ بدران انهن شين جو به حق کاڌو آهي، جيڪي شيون بچائڻ گهربيون هيون.
فطرت جي تحفظ جي سلسلي ۾ اسان کي اها ڳالهه به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اسان کي هيءَ شعور واري ڪوشش صرف سنڌ تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي پر اسان کي پنهنجي ڪوشش جو دائرو پوري دنيا تائين نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ملڪ تائين ضرور سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اڄ به جڏهن اسان کي مارڪيٽ ۾ سوات ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان ايندڙ ماربل نظر اچي ٿو ته اسان کي اها ڳڻتي ٿيڻ گهرجي ته نه معلوم اسان انسانن جي گهرن کي سينگارڻ لاءِ ڪهڙن ڪهڙن خوبصورت پهاڙن کي ڪيرائي ختم پيو ڪيو وڃي!!
اهو هڪ تمام وڏو پاپ آهي ته اسان صرف پنهنجي مفاد جي لاءِ ڌرتيءَ جو وجود خطري ۾ وجهي ڇڏيون. جيڪڏهن اسان اهو ڪم نه ڇڏيو ته اسان جي شعور کي مجرمن واري ڪٽهڙي ۾ بيهڻو پوندو ۽ اسان کي ايندڙ وقت ۾ اهڙي گناهه جي سخت سزا ملندي. اسان کي ان وقت جو سوچي پنهنجا هٿ هٽائڻ گهرجن، جنهن وقت اسان وٽ پڇتاءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه بچندو.