ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران نيازي کي “معصوم” ثابت ڪرڻ واري مهم

Editorial-Article- Yameen Jatoi

جيئن ئي عمران نيازي جي چهري تان ڪوڙي تبديلي جو ميڪ اپ لهڻ شروع ٿيو آهي، تيئن ئي سندس (عمران نيازي) جي معذرت خواهه دانشورن ۽ تجزئي نگارن جي کيس فرشتو ثابت ڪرڻ واري مهم به تيز ٿي وئي آهي. عمران سرڪار جي حمايت ۾ سنڌي ۾ لکندڙ لکاري هجن، اردو ۾ يا انگريزي ۾، انهن وڏي شد مد سان اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته “عمران پاڻ ذاتي طور ڀلو ماڻهو آهي، هو ڪجهه ڪرڻ به چاهي ٿو پر کيس ڪجهه ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي” وغيره! هڪڙا هن ٻاريل خلم جو ذميوار نوڪرشاهي کي قرار ڏئي رهيا آهن، هڪڙا اڳوڻين سرڪارن کي ته ٻيا وري مافيائن کي. ڄڻ عمران نيازي ايترو سادو آهي جو ان سڄي معاملي جي کيس ڪا به سڌ ڪونهي. ڀلا جي ايڏو ئي سادو ۽ معصوم هيو ته هو چپڙي ڪري گهر ويهي رهي ها، هن هڪ گندي منصوبي جو حصو ٿيڻ ڇو قبوليائين؟
مسئلو اهو ناهي ته هو سادو يا معصوم آهي، يا کيس ان سڄي معاملي جي خبر ڪانهي، اصل سوال هي آهي ته هي همراهه راڪاس مافيائن جو به “برڙباڪاس” آهي. سڀ ڪجهه ڳڙڪائي وڃي ٿو پر اوڳرائي به نٿو ڏئي! هن ملڪ جي تاريخ جون وڏيون وڏيون مافيائون سندس ڇپر ڇايا هيٺ پلجي مچي مواڙ ٿي رهيون آهن پر سندس پروپئگنڊا مشينري اهو ثابت ڪرڻ ۾ لڳل آهي ته “هو ته بيگناهه آهي. هو ته تمام ڀلو ماڻهو آهي.” وغيره. بلڪل، هو ته صفا سادڙو آهي، نه کائڻ جي خبر اٿس، نه پيئڻ جي، نه سمهڻ جي، نه وهنجڻ جي، صفا ايڏو سادو ۽ عقل کان آجو جو اصلي گدو ۾ وجهڻ جهڙو! ظاهر آهي جڏهن هو ان سطح جو “گگدام” هجي ته پو هن سڄي تباهي جو ذميوار هن کي قرار ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ اهو ئي ته سندس معذرت خواهه تجزئي نگار ۽ دانشور اسان کان هضم ڪرائڻ جي مهم ۾ لڳل آهن. سڀ ڪجهه کائي ويو، سمورا ٽپڙ سامراجي مالياتي ادارن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، مهانگائي ٽيڻ چئوڻ تي وڃي پهتي، روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا، گيس اڻلڀ ٿي وئي، بحران مٿان بحران، هر شئي گم ڪري ڇڏيائين، پر هو معصوم آهي، هن ويچاري جو ڪو به قصور ڪونهي، ذاتي طور تمام “ڀلو” ماڻهو آهي!! ڀلا هن جي “ذات” کي ڪپڙ ڇاڻ ڪري پيئنداسين ڇا؟ اسان جو هن جي ذات سان وڃي؟ اسان لا ته اصل مسئلو سندس سياسي ڪردار آهي، جيڪو رجعت پرست ۽ عوام مخالف آهي. پر نيازي جي معذرت خواهن جا ان بابت چپ سبيل آهن.
رڳو عمران نيازي جي فسطائيت، عوام دشمني ۽ رجعت پرستي لا بيهوده عذر پيش ڪندڙ “دانشور” بضد آهن ته اسان کي اهو مڃڻ گهرجي ته نيازي صاحب جو ڪردار تمام گهڻو بي داغ آهي!! بلڪل توهان جي نظر ۾ هوندو، پر سندس ڪردار اهڙو ته بي داغ آهي جهڙو دانگي!! جيئن دانگي ڪنهن داغ کان پاڪ ۽ آجي هوندي آهي، ۽ جيڪڏهن ان کي ڪو داغ وغيره لڳل به هجي ته ان جي خبر نه پئجي سگهندي آهي، تيئن نيازي صاحب جو ڪردار به هر مير کان آجو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڪردار ايترو ته ميرو آهي جو ٻيو ڪو مير نظر به نٿو اچي. بهرحال، سندس معذرت خواهه باربار اهو چون ٿا ته جيڪڏهن ڪٿي سندس ڪردار داغدار آهي به ته ان ۾ ان جو ڪو به “ڏوهه” ڪونهي، اهو سڀ مافيائن ۽ نوڪرشاهي جو ڪيتو ڪرتو آهي!! جيڪڏهن اهي “رڪاوٽون” نه هجن ها ته هن مهل تائين عوام لا کير ۽ ماکي جون نديون وهڻ شروع ٿي وڃن ها!! نه رڳو نيازي سرڪار بي حيائي جا ليڪا لتاڙي ويٺي آهي پر ان جا وانگاري دانشور ته بيشرمي جون سڀئي حدون پار ڪري ويٺا آهن. هڪ رجعت پرست ۽ فاشي ذهنيت رکندڙ حڪمران کي هر صورت ۾ فرشتو ثابت ڪرڻ، هر وقت اها پروپئگنڊا ڪرڻ ته “عمران خان ذاتي طور ڀلو ماڻهو آهي” بنيادي طور عوام دشمن ڪئمپ ۾ بيهڻ آهي. جيڪڏهن عمران نيازي واقعي به “ڀلو” ماڻهو هو ته کيس ان بدبودار منصوبي جو حصو نه ٿيڻ گهرجي ها، پر هن کي سڄي خبر هئي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي مافيا اسٽيبلشمينٽ سندس شڪل ۾ عوام ۽ جمهوريت خلاف هڪ منصوبو ٺاهي رهي هئي، ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون مافيائون ان جون ٻانهه ٻيلي بڻيل هيون، ۽ ان منصوبي ۾ عمران نيازي کي مهڙ وارو ڪردار ادا ڪرڻو هو (جيڪو هن بعد ۾ ڪيو)، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه سندس مرضي، منشا ۽ اکين آڏو ٿي رهيو هو. عوام کي اهو سچ ٻڌائڻ بدران ڪجهه سنڌي ۽ اردو دانشور ان جي ان مڪروهه ڪردار کي لڪائي، کيس ذاتي طور وڏو ايماندار ۽ نيڪ سيرت قرار ڏئي رهيا آهن. دراصل اهي به هن منصوبي جو حصو ئي لڳل ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button