رانديون

جوڪووچ آسٽريليا ۾ رهندو، عدالت آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سربيا سان تعلق رکندڙ عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ آسٽريليا ۾ ئي رهي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کيڏڻ جو اهل بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ تھ آسٽريليا جي عدالت ميڊيڪل بنيادن تي سندس حق ۾ فيصلو ڏيندي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نواڪ جوڪووچ عدالتي جنگ کٽڻ بعد ٽورنامينٽ ۾ ٽائيٽل جو دفاع ڪري سگهندو، پر سندس آڏو اڃا ڪجهه رڪاوٽون موجود آهن. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ آسٽريلوي اختيارين کي نواڪ جوڪووچ کي ترت آزاد ڪرڻ ۽ نقصان ڀري ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن بعد هو آزاد ٿي پنهنجي وڪيلن سان مشورا پڻ ڪري رهيو آهي تھ نئين صورتحال ۾ ڇا ڪرڻو آهي. هوڏانهن نواڪ جوڪووچ جي ٻيهر گرفتاري جا افواهه پکڙجي ويا، پر مقامي ميڊيا اهڙيون خبرون ڪوڙيون قرار ڏنيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ، عدالتي فيصلي بعد آسٽريلوي اميگريشن جو وزير ويزا رد ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.

نواڪ جڪووچ جا مداح سندس آڏو گڏ ٿي ويا، هنگامي بعد پوليس جي شيلنگ

نواڪ جوڪووچ جا حامي گڏ ٿي ويا آهن

عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار اميگريشن جي حراستي مرڪز مان آزاد ٿيڻ بعد جيئن ٻاهر آيو تھ سندس سربين ۽ آسٽريلوي مداح وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا، جن کي هٽائڻ خاطر پوليس کي انهن تي شيلنگ پڻ ڪرڻي پئي آهي. جڏهن تھ مڇريل ماڻهن پڻ اهلڪارن تي پاڻي جون بوتلون ۽ سندن هٿن ۾ موجود شيون اڇلي هنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button