هي ڳالهه بظاهر سمجهه کان مٿانهين هجڻ گهرجي ته هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي ايراضي اولهه يورپ يا 90 سيڪڙو هندستان برابر هجي ۽ ان اعتبار کان دنيا جو نائون وڏو ملڪ چورائي ۽ اهو ملڪ يورينيم جو سڀ کان وڏي عالمي ذخيري تي ويٺل هجي. تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ انهيءَ جو درجو ترتيبوار 11 ۽ 30 هجي. ڪوئلي، لوهه، مينگنيز، ڪروم، نڪل، ڪوبالٽ، ٽامو، سون ۽ باڪسائيٽ جهڙين روڪ معدنيات سان مالا مال هجي.
قومي آمدني هڪ سئو ستر بلين ڊالر ساليانو هجي ۽ مهانگائيءَ جي شرح به هڪ انگ (8 ڏهائي 4 سيڪڙو) تائين محدود هجي. بيروزگاري رڳو 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ هجي، تعليم ۽ صحت جي شعبن تي سراسري 4-4 سيڪڙو ۽ دفاع تي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ خرچ هجي. في ڪس آمدني 25 هزار 300 هزار ساليانو هجي ۽ آبادي رڳو هڪ ڪروڙ نوي لک هجي ۽ 58 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهندي هجي. سراسري ڄمار 73سال هجي. 99 سيڪڙو آباد کي صحت ۽ صفائي ۽ 100 سيڪڙو کي بجلي ميسر هجي. بجليءَ به ايتري گهڻي برآمد ٿيندي هجي، لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو آبادي پڙهيل لکيل هجي. آباديءَ جي شرح ۾ واڌ به هڪ سيڪڙو سالياني کان گهٽ هجي. اهڙي ملڪ ۾ ڪنهن هڪ ڏينهن بس ان لاءِ اوچتو هنگاما شروع ٿي وڃن ته گئس جي قيمت ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو ويو آهي. اها سمجهه کان مٿانهين ڳالهه لڳي ٿي. هنگاما شروع ٿيندي ئي ٽن ڏينهن کانپوءِ قيمت ۾ واڌ واپس ورتي وئي پر بدامني وڌندي وئي. هيستائين 18 پوليس وارن سوڌو 168 ماڻهو مارجي ويا آهن. هنگامن جو سڀ کان وڏو مرڪز 20 لک آبادي وارو سڀ کان وڏو شهر الماتي آهي.
اهم عمارتن ۽ تنصيبن جو تحفظ هاڻي روسي قيادت ۾ قائم 6 مملڪتي علائقائي سلامتي تنظيم (سي ايس ٽي او) ڪري رهي آهي. جڏهن ته قازق فوج امن امان جي عام طور تي بحاليءَ تي ڌيان رکيو ويٺي آهي. 3 سال اڳ هڪ آزاد مملڪت ٿيڻ کانپوءِ قازقستان ۾ ٿيندڙ هي سڀ کان شديد هنگاما آهن. قازقستان اڳوڻي سوويت يونين رياستن جي دولت مشترڪه جو اهم رڪن آهي. ملڪ جي 20 سيڪڙو آبادي روسي آبادڪارين تي آڌاريل آهي. روسي خلائي پروگرام جي سرگرمين جو مرڪز به قازق علائقو بيڪانور آهي. يورشيا ۾ روس کان پوءِ جاگرافيائي ۽ معدني وسيلن جي اعتبار کان سڀ کان اهم ملڪ به قازقستان آهي. 5 وچ ايشيائي رياستن جي ڪل آمدنيءَ جو 60 سيڪڙو رڳو قازقستان پيدا ڪري ٿو.
پر روس لاءِ به ايترا شديد هنگاما غير متوقع هئا. روس کي پريشاني ان ڪري به گهڻي آهي، ڇاڪاڻ ته يوڪرين جي معاملي ۾ ان اولهه جي ملڪن سان سڱ ڦاسائي رکيا آهن. ان کي خدشو آهي ته يوڪرين ڪٿي ناٽو جو مستقل ميمبر سندس لاءِ نئون مٿي جو سور نه بڻجي وڃي. روس کي بيلا روس ۾ لوڪاشيمپو جي ڊگهي آمريت جو تحفظ به درپيش آهي ۽ قزاقستان ۾ به رنگ بدلجي ٿو ته صدرت ولاديمير پيوٽن جا ستارا گردش ۾ اچي سگهن ٿا، تنهنڪري روس پنهنجي سرحدن سان لڳو لڳ اڳوڻي سوويت يونين ڏکڻ اولهه رياستن ۾ ڪا اهڙي سياسي اٿل پٿل يا تبديلي نٿو ڏسڻ چاهي. جنهن جي ڌمڪ ان جي پنهنجي اڱڻ ۾ ٻڌڻ جو خدشو هجي.
قازقستان چين لاءِ به ايترو ئي اهم آهي، هي روڊ اينڊ بيلٽ منصوبي جي اهم ڪڙي آهي. جيڪو چيني شيون اولهه يورپ کي روڊ ۽ ريل ذريعي وڃن ٿيون. اهي قازقستان مان ئي گذرن ٿيون. تنهنڪري چين به هتي ڪا اڻ ٿيڻي صورتحال برداشت نٿو ڪري سگهي. خاص طور تي ڀرواري صوبي شنجيانگ جي حساس صورتحال کي نظر رکندي.
قازقستان آمريڪا لاءِ به سڀ کان اهم وچ ايشيائي رياست آهي. تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ وڏي آمريڪي سرمائيڪاري آهي. تنگيز آئل فيلڊز کان روزانو پوڻا ٻه لک بيرل تيل نڪري ٿو. ان جي اڌ حصي جي مالڪ آمريڪي آئل اينڊ گئس ڪمپني شيورون آهي. آمريڪي ڪمپنين بئنڪاريءَ جي شعبن ۽ کاڻين جي منصوبن ۾ چڱي سرمائيڪاري ڪئي آهي. جيئن جيئن چين-آمريڪا بگڙن پيا ٻنهي طاقتن ٻاهرين سرمائيڪاريءَ جي ميدان ۾ به هڻ وٺ تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ قازقستان هر اعتبار کان روس، چين، آمريڪا ٽي ملڪي ٽورنامينٽ جي هڪ وڏي ٽرافي آهي. قازقستان کي به هن جو پورو احساس آهي تنهنڪري انهن پنهنجي اقتصادي پرڏيهي پاليسي کي چڱي ريت توري تڪي متوازن رکيو ته جيئن رند به خوش رهي ۽ وعظ به ناراض نه ٿئي، ته پوءِ قازق ايترا بچين ڇو آهن ۽ سرڪار قازق عوام کي سڌي ريت ان بيچينيءَ جو الزام ڏيڻ بدران ڇو هزارين غير ملڪي تربيتي يافته دهشتگردن تي وجهي رهي آهي ته جن جي اڪسائڻ تي مٺ جيترا پرامن شهري به اچي ويا. باقي دنيا کي تربيتي يافته دهشتگردن جي بريڪنگ نيوز به پهرين جنوريءَ تي هنگاما ٿيڻ کانپوءِ ڇو ملي.
ڳالهه اها آهي ته قازق عوام ڏهاڪن کان جاري اقتصادي جمود سبب هاڻي ڳالهائڻ چاهي ٿو ۽ سوويت دور جي مسلسل مڙهيل حڪمران اشرافيه جي چنبن مان ڇوٽڪارو ماڻي کليل هوا ۾ ساهه کڻڻ به چاهي ٿو. ان تحريڪ ۾ سڀ کان مقبول نعرو شال ڪيت يعني پوڙها وڃو آهي.
ان جو اشارو 81 سالن جي نور سلطان نظر بائيف ڏانهن آهي، جيڪو 1984ع ۾ سوويت ڪميونسٽ جو پارٽيءَ جو قازق شاخ جو سيڪريٽري جنرل ٿيڻ کانپوءِ ان رياست جو ناظم رهيو ۽ 16 ڊسمبر 1991ع تي سوويت يونين کان ڌار ٿيڻ واري آخري رياست جو صدر ٿي ويو. پر 1993ع جي آئين تحت فيصل آباد جو گهنٽا گهر ٿي ويو. هر چونڊ ۾ سندس جماعت 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندي رهي. شروعاتي سالن ۾ نظر بائيف ملڪ کي مذهبي دهشتگرديءَ کان بچائڻ جو نعرو لڳائيندو رهيو، پوءِ قازقستان جي معاشي ترقيءَ جو سرچشمو قرار ڏنو ويو، باباءِ ملت جو خطاب به مليس. هر اهم چوڪ تي مجسما لڳي ويا، دولت پيدا ٿي پر سوويت دور جي اشرافيه جي هٿن ۾ گڏ ٿيندي وئي ۽ پوءِ نظر بائيف خاندان اشرافيه اندر اشرافيه ٿيندو ويو.
سڀ کان وڏي ڌيءَ دريگا نظر بائيف کي ممڪنه سياسي جانشين طور اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي. وچٽ ڇوڪري دينا ۽ ان سندس مڙس تيمور ڪلي بائيف کي هن وقت ملڪ جي سڀ کان وڏي بئنڪ “هالڪ” جا مالڪ آهن، ۽ ملڪ جو امير ترين جوڙو چورائين ٿا. انهن ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيت به خريد ڪئي، نظر بائيف خاندان ۽ سندس واٺن جو تيل ۽ گئس جي صنعتن تي به ڪنٽرول ٻڌايو وڃي ٿو. مارچ 2019ع ۾ نور سلطان 27 سالن جي صدارت کي الوداع ڪيو پر سڀ کان اهم اداري نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهي هٿ ۾ رکي انتهائي اعتماد جوڳي قاسم جمرات توڪائيف کي صدر نامزد ڪيو ويو. هن سيڪيورٽي ايجنسيءَ جو انتظام نور سلطان جي بااعتماد ساٿي ڪريم مسيموف حوالي ڪيو. ڪابينا جي نامزدگين ۽ فيصلن ۾ به نظر بائيف جو عمل دخل برقرار رکيو. سندس قومي خدمتن جي اعتراف ۾ گادي واري شهر استانه جو نالو به تبديل ڪري نور سلطان رکيو ويو.
في الحال ڇڪتاڻ ۽ بيچيني ختم ڪرڻ لاءِ صدر توڪائيف نه رڳو نور سلطان جي حامي وزير اعظم کي برطرف ڪيو آهي پر نيشنل سيڪيورٽي ڪانفرنس جي سربراهيءَ به پاڻ سنڀالي آهي. اڳوڻي سيڪيورٽي چيف مسيموف کي غداريءَ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو. ڄڻ توڪائيف جي گرفت اقتدار تي مضبوط آهي. جيئن جيئن معاملا ٿڌا ٿيندا ويندا صدر توڪائيف جي شڪل ۾ قازقستان کي هڪ ٻيو نور سلطان ملي ويندو.
ڇا عام قازق ويجهي مستقبل ۾ اهڙي جمهوريت ڏسي سگهندا، جو انهن جي امنگن جي اصل نمائنده هجي. امڪان گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته قازقستان جي سرحد جيترن به ملڪن سان لڳي ٿي انهن سڀني مان هڪ کان هڪ وکري ٽائيپ جي آمريت نظر اچي پئي. روس چين ۽ آمريڪا به اهڙو قازقستان ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪو پارليامياني نظام سبب خراب ٿيڻ بدران ڪنهن لوهي گرفت ۾ رهي ته جيئن اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ مفادن کي سيڪ نه اچي. رهيا پوڻا ٻه ڪروڙ پڙهيل قازق ته اهي ڪالهه وانگر اڄ به “جائين تو جائين ڪهان سمجهي گا ڪو نه يهان” واري ڪيفيت ۾ ڪڏن پيا.