ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حادثن جو ملڪ

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پاڪستان حادثن جو ملڪ آهي، هتي ننڍي حادثي تي افسوس ڪرڻ بدران شڪر ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن وڏي حادثي کان بچي وياسين. يا جيڪڏهن سال جا ٻه ٽي مهينا ڪو حادثو نه ٿئي ته چيو ويندو آهي ته هيترا مهينا حادثو نه ٿيو، شڪر ڪريو جو هي پهريون حادثو ٿيو آهي، پر ڪوبه ان جي ذميواري قبولڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ۽ نه ئي انتظاميه پنهنجي نااهلي بابت ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار هوندي آهي، تنهنڪري عوام ڪيترو لوڙيندو رهندو آهي، ان جو اندازو کڻي وزيرن مشيرن کي هجي به، پر تنهن هوندي به اهي ائين ڏيک ڏيندا آهن ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونهي.
مريءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان مان خبر پئي ته وفاقي حڪومت ۽ مريءَ جي مقامي انتظاميه سياحتي ماڳ تي گهمڻ ويل عوام کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو. جڏهن ته سياحتي ماڳن تي هر قسم جي ايمرجنسيءَ لاءِ تيار رهڻو پوندو آهي. پر هتي ته وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ شهباز گل جهڙن نه رڳو مري ويل ماڻهن جو مذاق اڏايو پر اهي رڳو اپوزيشن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا. فواد چوڌريءَ جو چوڻ هو ته هيڏي وڏي انگ ۾ ماڻهن جو مري ڏانهن رخ ڪرڻ جو مطلب آهي ته ماڻهو معاشي طور ڪيڏا خوشحال آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ جو ڪوبه وزير توڙي وزيراعظم عمران خان نيازيءَ جو معاون معاشي انگن اکرن کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڇاڪاڻ ته اهي سمجهن ٿا ته عالمي ادارا، ملڪي ادارا ۽ معاشي ماهر سڀئي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. ان ڪري جڏهن به ملڪ ۾ ڪو اهڙو حادثو ٿئي ٿو، جنهن ۾ انساني زندگين جو زيان ٿئي ٿو ته ان لاءِ حڪومت وٽ پنهنجا عذر هوندا آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو اهو مسئلو حل ڪونه ٿي سگهندو آهي پر حڪومت جي لاتعلقي پڻ ظاهر ٿيندي آهي.
مريءَ ۾ هڪ پاسي ته حڪومتي لاتعلقي هئي ته ٻئي پاسي انساني بي حسي پڻ نظر آئي، جڏهن ته اهڙين حالتن ۾ نه رڳو انساني همدري وڌي وڃڻ گهرجي بلڪه جيڪي ماڻهو حادثن جي ڪري ڦاٿل هجن، انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر هتي ته مصيبت مان به مال ڪمائڻ ئي نظر آيو. مري گهمڻ ويل ماڻهو دانهون ڪندا رهيا، ٻارڙا گاڏين ۾ ويٺا رهيا ۽ آڪسيجن جو مقدار گهٽجڻ توڙي گاڏين ۾ هيٽر هلائڻ سبب اهي اجل جو شڪار ٿيا. پر هيترن ماڻهن جو موت ٽري ٽارو ڪري پئي سگهيو. ان لاءِ ضروري هو ته هڪ پاسي شهري انتظاميه تحرڪ ۾ اچي ها ته ٻئي پاسي اتان جا مقامي ماڻهو بنا ڪنهن لالچ جي عوام جي مدد لاءِ پهچي وڃن ها.
ان ڳالهه کان به انڪار ناهي ته مريءَ ۾ ماڻهو انتظاميه جي لاپرواهي سبب مري ويا پر انهن جو موت اتان جي ماڻهن جي بي حسيءَ جي ڪري به ٿيو آهي. مريءَ ۾ ڦاسي پيل ماڻهو جڏهن هوٽلن ۾ ڪمرو وٺڻ لاءِ ويا ته انهن کي هڪ ڪمرو 50000 هزار روپين تائين ڏنو پئي ويو. هڪ ڪلاڪ هيٽر هلائڻ جا هزار روپيا ورتا پئي ويا. ان حوالي سان جيڪي رپورٽون ڪالهه ڇپيون آهن، اهي ڪافي ڇرڪائيندڙ آهن.
پنجاب جي سياحتي ماڳ مري ۾ شديد برفباري سبب 22 سياحن جي فوت ٿيڻ واري دردناڪ سانحي سبب سڄي ملڪ ۾ سوڳ ڇانيل آهي. جڏهن ته مري جي انتطاميا جي بيحسي، لاپرواهي ۽ نااهلي جو ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي. ڪنهن به اداري مناسب نموني سياحن جي مدد نه ڪئي، انتظاميا ڦاٿل سياحن کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو. في ڪمري جي مسوار 50 هزار تائين وڃي پهتي. مري ۾ برف هٽائڻ لاءِ روڊن تان سرڪاري مشينري گم هئي، نه ٻيلي کاتي نه ئي سالٽ ڪليئرنس جي عملي ڪا مدد ڪئي. اهلڪارن به ڪو سهڪار نه ڪيو. مقامي ماڻهن سياحن کي پنهنجن گهرن ۾ پناهه ڏني، پراڻو ون وي به بند ٿي ويو هو. هوٽل وارن ڪمائي خاطر سياحن کان هڪ رات جي رهائش جي 50 هزار رپيا مسواڙ جي گهر ڪئي. ان دوران ايتري قدر جو سياحن کي پنهنجي گهروارن جا زيور به ڏيڻا پئجي ويا. ان کانسواءِ سياحن بند پيل گهرن جا تالا ٽوڙي ان ۾ پناهه ورتي. ان سلسلي ۾ برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي رپورٽ موجب مريءَ ۾ ڪيترائي روڊ سنسان ٿي ويا آهن، ڪافي گاڏيون اڃا به ڦاٿل آهن. ٽرئفڪ اهلڪارن ٻڌايو آهي ته جيڪي رستا کوليا ويا آهن، انهن کي به مڪمل ڪليئر قرار نٿو ڏئي سگهجي نه ئي سياح مريءَ جو رخ ڪري سگهن ٿا. معلوم ٿيو آهي ته 8 جنوريءَ تي برفباري ۽ اڳواٽ انتظامن لا اي سي جي آفيس ۾ اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ هر اداري جا عملدار موجود هئا. سرڪاري اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالسلام ان اجلاس جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته آئون پاڻ ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هئس، برفباري سبب 3 ميڊيڪل ڪئمپس به لڳايون. مريءَ ۾ 3 هزار گاڏين جي پارڪنگ آهي پر ان ڏينهن ڪل 30 هزار گاڏيون داخل ٿيون هيون. جڏهن ته ماڻهو هزارن جي انگ ۾ هئا. مري، پنڊي ۽ ايبٽ آباد پوليس جي ذريعن موجب پوليس مري، گليات ۾ ٽرئفڪ بلاڪ، رش ٿيڻ، برفباري بابت خراب صورتحال بابت رپورٽون تيار ڪري اماڻيندي رهي. اهلڪار موجب برفباريءَ ۾ ماڻهو سيلفيون ڪڍي رهيا هئا پر مشينري ڪٿي پوئتي رهجي وئي. بي بي سي موجب ان حوالي سان اي سي مري، ڊي سي پنڊي ۽ گهرو وزير سان رابطو ڪيو ويو پر انهن ڪو جواب نه ڏنو. حڪومت داخلا تي پابندي جو اعلان رات جو 9 وڳي ڪيو تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ڪير به ڪيڏانهن نڪري نه ٿي سگهيو. واضح رهي ته موسميات کاتي مريءَ ۾ شديد برفباري بابت هدايتون جاري ڪيون هيون. پر ٽول پلازا تي ماڻهن کي نه روڪيو ويو نه ئي موجود ماڻهن جي ڪا بروقت مدد ٿي سگهي. ٽرئفڪ اهلڪار قيصر موجب ريسڪيو آپريشن جمع ڏينهن 3 وڳي شروع ڪيو، ان ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش آيون، 4-4 فوٽ برف پئجي چڪي هئي. ڊبل لائين ۾ مشينري لا جڳهه نه هئي، مشينري سني بئنڪ تائين پهچي سگهي. حڪومت ٻئي ڏينهن ٽول پلازا بند ڪرڻ جو چيو، اهو اسان جي اختيار ۾ نه هو. هاءِ وي وارا مشينن لا ڊمپنگ پوائنٽ نٿا ٺاهين، مشينون سني بئنڪ تائين هونديون آهن، ان ڏينهن به حالتون خراب ٿيون، مشينري پهچڻ ۾ دير ٿي وئي. هن ٻڌايو ته اسان جي پي او چوڪ، جهيڪا گلي ۽ باڙيان تائين پوائنٽ ٺاهڻ جو چيو پر اهي سني بئنڪ تائين ئي محدود رکندا آهن. اسان هاءِ وي وارن کي فونون ڪيون پر نه ٻيلي کاتي نه ئي سالٽ ڪليئرنس وارن ڪا مدد ڪئي. هن ٻڌايو ته اڃا به گاڏيون ڦاٿل آهن پر انهن جا ڊرائيور موجود ناهن. جڏهن ته ريسڪيو 1122 جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر قمر جو چوڻ آهي ته تمام گهڻي گاڏين جي رش ۽ برفباري سبب واقعو ٿيو، اسان مدد ڪري رهيا هئاسين. پر روڊ بلاڪ هجڻ ڪري مشينون حرڪت نه پئي ڪري سگهيون. رات جو دير سان شديد برفباري ٿي ته اسان جا اهلڪار به چرپر جي قابل نه رهيا. هڪ مقامي محمد صابر جو چوڻ هو ته اهو سڀ اوچتو ناهي ٿيو، روڊ بلاڪ ٿي رهيا هئا، برفباري وڌي رهي هئي، گاڏيون سلپ ٿي رهيون هيون پر ماڻهن کي نه ڪڍيو ويو. پر مقامي ماڻهن سياحن کي گاڏين مان ڪڍي مسجدن ۾ منتقل ڪيو. رات جو ٻيهر شديد برفباري ٿي ۽ بجلي هلي وئي. مقامي ماڻهو ان صورتحال جو هڪ سبب پراڻو ون وي ختم ڪرڻ کي به قرار ڏين ٿا. مري جي ڪالي مٽي ۽ جهينگا روڊ تي سڀ کان گهڻا ماڻهو فوت ٿيا. پراڻي ون وي کي بحال رکڻ گهرجي. سرگوڌا واسي سياح توقير حسين موجب هو خاندان سميت مري آيو هو، هن چيو ته اسان ڏکي صورتحال ۾ 20 هزار ڏئي ڪمرو ورتو، گاڏي ۾ تيل به نه هو. نگينا خان ٻڌايو ته هوٽل وارن 25 هزار رات جو ڪرايو گهريو. ڪلڊنا روڊ تي سياحن کان 50 -50 هزار روپيا رات جو ڪرايو ورتو ويو.
دنيا ۾ جتي جتي به سياحت کي هٿي ڏني ويندي آهي، اتي سياحن لاءِ سهولتون به پيدا ڪيون وينديون آهن ته جيئن اهي امڪاني طور مصيبتن کان بچي سگهن. پر هتي ته صورتحال اها نظر آئي جو جتي 3 هزار گاڏين جي گنجائش هئي، اتي 30 هزار گاڏيون هيون. هي واقعو اسان کي اهو احساس پڻ ڏياري ٿي ٿو ته ڪهڙي ريت حڪومتي انتظاميه ۽ اتان جي مقامي واپارين ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڦٽو ڪيو ۽ انهن جي مجبورين جو فائدو وٺندا رهيا. پاڪستان کي سياحت لاءِ محفوظ قرار ڏيندڙ عمران خان نيازيءَ کي اهو سمجهڻو پوندو ته ڪابه سياحت ان وقت تائين محفوظ نٿي ٿي سگهي، جيستائين شهري انتظاميه ۽ حڪومت ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هجن ۽ پنهنجي ڪوتاهين کي قبول ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button