رانديون

قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه جنسي ڏاڍائي ڪيس ۾ بيگناهه قرار، ايف آئي آر مان نالو خارج

اسلام آباد: قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه کي جنسي ڏاڍائي ڪيس ۾ بيگناهه قرار ڏنو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ياسر شاهه جو مبينا زيادتي ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، جنهن بعد اسلام آباد جي شاليمار پوليس ايف آءِ آر مان ڪرڪيٽر جو نالو خارج ڪري ڇڏيو آهي. متاثر عورت به اهو اعتراف ڪيو آهي ته ايف آءِ آر ۾ ياسر شاهه جو نالو غلط بياني سبب داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ايف آءِ آر جي ضمني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ مدعي ياسر شاهه جو نالو ڪيس مان ڪڍڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ياسر شاهه خلاف 14 ورهين جي نينگري سان زيادتي ۾ مدد ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هوڏانهن قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه جنسي ڏاڍائي ڪيس ۾ بري ٿيڻ کانپوءِ بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ياسر شاهه الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته سچ جي فتح ٿي آهي. منهنجي خاندان، مداحن ۽ پي سي بي جي حمايت ۽ دعائن جي ڪري مون تي لڳل الزام هٽايو ويو آهي. ڪرڪيٽر چيو ته اهو سڀ ڪجهه عوام جي مون تي مڪمل اعتماد کانسواءِ ممڪن نه هجي ها. مان عالمي ميدان ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪريان ٿو، جيڪو به مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو اهو پاڪستان کي بدنام ڪندو. ياسر شاهه چيو ته اهو منهنجي لاءِ تمام ڏکيو وقت هو پر ان جي باوجود مان ذاتي طور تي مقابلو ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ سچ کي سامهون آڻڻ لاءِ عدالتن ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ سان نفرت ڪرڻ وارا ئي پنهنجي فائدي لاءِ ان حد تائين اچي سگهن ٿا. پنهنجي بيان جي آخر ۾ قومي ڪرڪيٽر چيو ته هو انهن خلاف هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪندو، جن سندس نالو خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button