رانديون

ٽينس اسٽار رناتا ويڪسين نھ ڪرائڻ تان آسٽريليا مان ڊيپورٽ

آسٽريلوي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي خاطر پهتل چيڪ ريپبلڪ جي ٽينس اسٽار رناتا گورا چووا کي آسٽريليا ۾ ڊيپورٽ ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق رناتا گورا چووا کي ڪرونا ويڪسين کان استثنا مليل هئي ۽ هن آسٽريليا پهچڻ شرط اختيارين کي استثنا وارو سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو هو، جنهن تي کيس اجازت ڏني وئي هئي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ رناتا گورا چووا ميلبورن ۾ هڪ ايونٽ ۾ شريڪ هئي تھ اوچتو اختيارين پهچي کيس ڊيپورٽ ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ٽينس جي عورتن واري تنظيم ڊبليو ٽي او چيو آهي تھ اهي اختيارين سان رابطي ۾ آهن، ڇوتھ، جيڪڏهن رناتا گورا چووا ڪابھ غلط بياني ناهي ڪئي تھ ويزا ڇو رد ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button