رانديون

آسٽريلوي حڪومت جو نواڪ ڪووچ جي ويزا ٻيهر رد ڪري ڇڏي

آسٽريليا جي حڪومت سربيا سان تعلق رکندڙ عالمي نمبر هڪ ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ جي ويزا ٻيهر رد ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نواڪ جوڪووچ جي ڪرونا ويڪسين کان استثنيٰ تحت آسٽريليا ۾ بنا ويڪسين لڳرائڻ جي اچڻ تي کيس ميلبورن ايئرپورٽ تي حراست ۾ وٺي سندس ويزا رد ڪئي، جيڪا نواڪ جوڪووچ عدالت ذريعي بحال ڪرائي وڏو رليف ورتو آهي. جڏهن تھ عدالتي رليف بعد اميگريشن وزير ايلڪس هاڪس خصوصي اختيار استعمال ڪري ويزا رد ڪري ڇڏي آهي. ايلڪس هاڪس جاري ڪيل بيان ۾ چيو تھ مون پنهنجا صوابديدي اختيار استعمال ۾ آڻي نواڪ جوڪووچ جي ويزا رد ڪئي آهي، جيڪو عام ماڻهن جي صحت کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن چيو تھ اسين جوڪووچ جي ويزا تي ٽن سالن جي پابندي بھ لڳائي سگهون ٿا. هوڏانهن نواڪ جوڪووچ حڪومتي قدم کي ٻيهر عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ياد رهي تھ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ نواڪ جوڪووچ جي 17 جنوري تي رٿيل ميچ ۾ شرڪت پڻ شڪي ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button