پکي ماحول جي سونهن به آهن ۽ ماحوليات جي توازن لاءِ هڪ ضروري عنصر به آهن. اهي هڪ ته مختلف پوکن ۽ وڻن جا ٻج گھڻن هنڌن تي ڦهلائڻ جو ڪم ڪندا آهن. ٻيو اهي پوکن کي نقصان رسائيندڙ ڪيڙن کي کائيندا آهن. ٽيون ڳجھن جهڙا پکي مئل جانورن جي لاشن کي کائي ماحول کي آلودگي ۽ گندگيءَ کان بچائيندا آهن.
پکين جي ڪل انگ جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪم آهي. انهن مان گھڻا اهڙين جاين تي رهندا آهن جتي ماڻهو جو پهچڻ ڏکيو آهي. ٻي ڳالهه ته اهو انگ لاڳيتو تبديل ٿيندو رهندو آهي. ان جي باوجود ڏهه سال اڳ ٻن سائنسدانن وڏي محنت کانپوءِ اهو اندازو لڳايو ته دنيا ۾ پکين جو انگ ٻه سئو کان چار سو ارب تائين آهي. جڏهن ته هاڻي هڪ تازي اسٽڊي موجب اهو انگ پنجاهه ارب کان چار سئو سٺ ارب تائين آهي. انهن ۾ چار اهڙا پکي (جن ۾ جھرڪي به شامل آهي) آهن جن جو انگ هڪ ارب کان وڌيڪ آهي. ايڏي وڏي فرق جو ڪارڻ به اهو ئي اهي ته گھڻين اهڙين جاين تي ماڻهو جو پهچڻ ممڪن ناهي جتي پکي رهن ٿا. هن وقت موجود پکين جا ڪل 9787 قسم ٻڌايا وڃن ٿا.
اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سن 1500 عيسوي کان دنيا ۾ پکين جو انگ لاڳيتو گھٽجي رهيو آهي. هڪ اندازي موجب ويهه کان پنجويهه سيڪڙو پکين جو انگ ۽ انهن جا پنج سئو قسم ختم ٿي ويا آهن. گرم خطن جي ٻيلن ۾ هر سال چوڏهن ڪروڙ چاليهه لک پکي گھٽجي وڃن ٿا. پکين جي انگ جي گھٽجڻ جو وڏو ڪارڻ انسان جون معاشي ۽ سماجي سرگرميون آهن. هڪ اندازو اهو لڳايو ويو آهي ته پاڪستان، ڀارت ۽ نيپال مان اٽڪل پنجانوي سيڪڙو ڳجھون ختم ٿي ويون آهن. ان جو ڪارڻ هڪ دوا ڊائيڪلوفينيڪ جو متعارف ٿيڻ هو، جنهن جي استعمال سان جانورن ۽ انسانن جي گردن تي اثر پيو ٿئي ۽ نتيجي ۾ موت واقع ٿئي پيو. انهن مئل جانورن کي کائڻ سان ڳجھن جو هڪ وڏو انگ مري ويو.
هر سال سياري جي مند ۾ لکين بلڪه ڪروڙين پکي ٿڌن علائقن مان گرم علائقن ڏانهن سفر ڪن ٿا ۽ مند پوري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي وڃن ٿا. اهو سلسلو سالن نه پر صدين کان جاري آهي. خاص طور ڳيري، ٻگھه پکي ۽ ابابيل متعلق تحقيق اهو ٻڌائي ٿي ته اهي اٽڪل ٽي هزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجو اهو سفر جاري رکندا اچن. انهن جو اهڙو ذڪر پراڻن ڪتابن ۽ ليکڪن جهڙوڪ هومر ۽ ارسطو وٽ به ملي ٿو. پکين جي ان سفر جا ٻه ڪارڻ هوندا آهن. هڪ کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو اجھي جي ڳولها.
ان سلسلي ۾ سڀني پکين جي فطرت ساڳي ناهي هوندي. ڪي پنهنجا ماڳ نه ڇڏيندا آهن ته ڪي گھٽ مفاصلي واري منزل ڏانهن ويندا آهن. جڏهن ته گھڻا هزارين ميلن جي مسافت طئي ڪري ڏورانهن ڏيهن ڏانهن ويندا آهن ۽ وري مند بدلجڻ کانپوءِ پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽندا آهن. ماهر ان ڳالهه جي کوجنا ڪندا رهيا آهن ته اهي پکي موسم بدلجڻ کانپوءِ نيٺ هزارين ميلن جو سفر ڪري واپس ڇو ٿا وڃن ۽ پنهنجن ميزبان ملڪن ۾ رهي ڇو نه ٿا پون. سندن ليکي اهو هڪ منجھيل معاملو آهي ۽ ان جي انت تائين پهچڻ ڏکيو آهي. اهو ممڪن آهي ته اهو سڀڪجھه سندن پرکن جي وقت کان هزارين سالن کان ٿي رهيو هجي ۽ هاڻي اها ڳالهه سندن جينز ۾ شامل هجي. اها پڻ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه آهي ته پوپٽ جنهن کي هڪ نفيس ۽ نازڪ جيو سمجھيو ويندو آهي، هزارين ميلن جو سفر طئي ڪري ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙا سمنڊ اڪري ٻين ڏيهن ۾ پهچن ٿا.
انسانن جيان پکين جي ان سفر تي ڪي پابنديون ناهن پر انهن کي گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. ان هزارين ميلن جي ڊگھي سفر دوران گھڻا واٽ ۾ ئي اجل جو شڪار ٿين ٿا. گھڻا ميزبان ملڪن ۾ شڪارين جي بندوقن جو نشانو بڻجن ٿا. گھڻن قيمتي پکين کي ڪوڙڪين ۾ ڦاسائي ٻين ملڪن ڏانهن اسمگل ڪيو وڃي ٿو. ڪي ٿورا ئي موٽڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا. اها اچرج ۾ وجھندڙ ڳالهه آهي ته هر سال ٿيندڙ ان سڄي ورتاءُ جي باوجود به سندن پنهنجن ميزبانن ۾ اعتماد قائم رهي ٿو ۽ اهي وري موٽي هتي اچن ٿا.
سياري جي مند ۾ گھڻا پکي پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ جي ڍنڍن، دريائن ۽ سمنڊ تي اچن ٿا. ماحول جي تبديلي ۽ انسان جي معاشي سرگرمي پکين کي به متاثر ڪيو آهي. گرمي پد وڌڻ جي ڪري گھڻن پکين جي سمت تبديل ٿي وئي آهي. ليکڪا ايلف شفق پنهنجي هڪ ناول ۾ ٻڌايو آهي ته جيڪي پوپٽ هونئن ٿڌن علائقن جهڙوڪ انگلينڊ وغيره کان آفريڪا جهڙن گرم علائقن ڏانهن ويندا هئا، انهن جو اهو سفر هاڻي مخالف سمت ۾ ٿي ويو آهي. هاڻي اهي گرم علائقن کان ٿڌن علائقن ڏانهن اچن ٿا. ساڳي ريت انسان پنهنجي فائدي لاءِ وڏي پئماني تي ٻيلن کي ختم ڪيو آهي. اهو دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ٿيو آهي پر ان جو سڀ کان وڏو مثال دنيا جو وڏو ٻيلو امازون آهي، جتي علائقي جي مختلف ملڪن جي حڪومتن گھڻ قومي ڪمپنين سان گڏجي اتان جي قدرتي وسيلن تي قبضي لاءِ ان حد تائين ٻيلي کي نقصان پهچايو آهي جو اهو چيو پيو وڃي ته ڪجھه عرصي ۾ ان جي ٻيلي واري حيثيت ئي ختم ٿي ويندي. اهو هڪ لحاظ کان هڪ وڏو الميو آهي. ان سان ان ٻيلي ۾ صدين کان موجود انسانن، جانورن پکين ۽ ٻوٽن جي زندگي متاثر ٿيندي. بجا طور اهو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جانورن، پکين ۽ ٻوٽن جا گھڻا اهڙا قسم جيڪي هن وقت دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي ۾ موجود ناهن، اهي هتان به ختم ٿي ويندا. ان سان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو گھڻو مقدار خارج ٿيندو ۽ ان جا دنيا ۾ گرمي پد تي ڪهڙا اثر پوندا اهو هڪ ڌار موضوع آهي.
سنڌ ۾ پکين جو شڪار ته هڪ معمول جي ڳالهه آهي. پر هتي ماحول کي جيڪو نقصان پهچايو ويو آهي اهو پکين جي حوالي سان هڪ وڏو عنصر آهي. مختلف بهانن ۽ دليلن سان ٻيلن ۽ جھنگن کي ختم ڪيو ويو آهي. سنڌ جون ڍنڍون ۽ پاڻي جا ٻيا ذخيرا پرديسي پکين جي منزل آهن. پر انهن پاڻين جي آلودگي، جنهن جو وڏو مثال منڇر ڍنڍ آهي، پکين ۽ ٻي جيوت لاءِ هاڃيڪار بڻجي وئي آهي. سنڌو پاڻ دنيا جي ٻين گھڻن وڏن دريائن جيان انساني سرگرمين جي ڪري آلودو ٿي چڪو آهي. ان جي ڪري گھڻن پرڏيهي پکين هتي اچڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ پکين جا گھڻا قسم ختم ٿي ويا آهن. ساڳي وقت زرعي دوائن جو اجايو استعمال پڻ پکين لاءِ هاڃيڪار آهي.
ماحول جي آلودگي، گندگي، شهر جي بي ترتب ڦهلاءُ ۽ وڏين عمارتن ۽ پلازائن وغيره جي تعمير جتي ڪراچي کان ٻيو گھڻو ڪجھه کسيو آهي، اتي پکي به متاثر ٿيا آهن. گلشن اقبال، لالوکيت، اورنگي، سورجاني، ملير ۽ ٻيا شهر جا گھڻا پسگردائي وارا علائَقا پکين جا مرڪز هوندا هئا. اورنگي وغيره جي ٽڪرين تي عقابن جا به آکيرا هوندا هئا. شهر ۾ مختلف قسمن جا پکي هوندا هئا. شهر ۾ آيل تبديلين ان سڄي صورتحال کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ انهن پکين مان هاڻي ڪجھه رڳو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اتان جي پرسڪون ماحول، ساوڪ ۽ وڻن جي ڪري نظر اچن ٿا. جڏهن ته هتان جي باٽني شعبي جي قائم ڪيل ڪنزرويٽري ۾ ڪجھه اهڙا پکي به نظر اچن ٿا جيڪي عام طور ملڪ جي اترئين علائقن ۾ هوندا آهن. هڪ پرڏيهي ماهر ٽي جي رابرٽس اٽڪل ويهه سال اڳ اها اسٽڊي ڪئي هئي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پکين جا 200 قسم هئا. هن وقت ڪراچيءَ ۾ انهن مان اڌواڌ گھٽجي ويا آهن.
شهر ۾ وڏي پئماني تي وڻن جي وڍجڻ ۽ وڏين عمارتن جي ٺهڻ سان، گھڻن پکين کي سندن اجھن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. شهر جي پاڻيءَ جا ذخيرا آلوده ٿي ويا آهن. سمنڊ جو الميو ته هڪ ڌار مسئلو آهي. شهر جون ٻه وڏيون موسمي نيون، لياري ۽ ملير، هن وقت رڳو گندگي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ذريعو بڻجي ويون آهن. گندگيءَ جي ڪري شهر ۾ هڪ ته ڪانگ ۽ سرڻيون گھڻيون نظر اچن ٿيون ۽ ٻيو ڪبوتر جن لاءِ ماڻهو ثواب خاطر شهر جي مختلف چوواٽن ۽ پارڪن وغيره ۾ ٻاجھر ۽ ٻيو داڻو وجھن ٿا. صورتحال اها آهي ته اهي پکي، جھرڪي جهڙي ننڍي پکي کي داڻي جي ويجھو نه ٿا اچڻ ڏين جنهن جي ڪري شهر ۾ انهن جو انگ به گھٽبو پيو وڃي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اها سڄي صورتحال ڪنهن سياسي ۽ غير سياسي تنظيم جي ترجيحن ۾ شامل ناهي. ان ڳالهه کي سمجھڻ جي ضرورت آهي ته انسان جو پنهنجو جياپو ان ڳالهه سان لاڳاپيل آهي ته ماحول ۾ هڪ توازن هجي ۽ ٻي جيوت کي به جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.