ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي آءِ اي جو اڳيون نُور به چٽ ٿي ويو

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) پراڻو پر ساک وارو قومي ادارو رھيو آھي پر ھاڻوڪي وفاقي سرڪار توڙي سندن مقرر ڪيل انتظاميه ٻنھي، انھيءَ اھم اداري خلاف نفرت جو ڪاروبار اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌائي ڇڏيو آھي. پنھنجا پسند وارا ملازم ته مقرر ڪندا رھيا آھن پر پراڻن ملازمن کي وڏي پيماني تي ڪڍڻ لاءِ نوان نوان بھانا ڳوليندا رھندا آھن. ائين لڳي ٿو ته عمران خان سرڪار پي آءِ اي خلاف به نفرت جو خاص ڪاروبار جاري رکيو آھي. ھئڻ ته ائين گهرجي ھا ته سويلين، اھل ۽ ڪارائتا سربراهه مقرر ڪري، ايئرلائينز کي ترقي ڏيارجي ھا پر بدقسمتيءَ سان ائين ڪونه ٿي سگهيو آھي. ھونئن به ھاڻوڪي وفاقي سرڪار، سڄي ملڪ ۾ ناڪاري پاليسيون اختيار ڪري، ملڪ جو ٻيڙو عام طور ٻوڙي ڇڏيو آھي.
مان به اٽڪل 30 سال پي آءِ اي ۾ مئنيجر رھيو آھيان ۽ ڪجھه سالن کان پي آءِ اي ريٽائرڊ ايمپلائيز ايسوسي ايشن جو نائب صدر آھيان. منھنجي ايمانداريءَ سان راءِ آھي ته پي آءِ اي ملازمن سان زيادتين جو سلسلو عمران خان سرڪار طرفان شروع کان وڌيڪ جاري آھي. اھا سچائي آھي ته اڳ زيادتيون ڪجھه گهٽ ھونديون ھيون پر ھاڻوڪي وفاقي سرڪار توڙي انتظام ھيٺ، ناانصافيءَ جو قصو چوٽ چڙھيل آھي. مثال عمران سرڪار اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي جون اھم فلائيٽون بند ڪري ڇڏيون جڏھن ته موھن جي دڙي لاءِ سڄي دنيا جا سيلاني ايندا ھئا. نه رڳو ايترو پر انھيءَ سکر جون فلائيٽون بھ گهٽائي ڇڏيون ھيون.
ھوابازيءَ واري وفاقي وزير غلام سرور خان چواڻي پي آءِ اي جو قرض 462 ارب گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھيون. انھيءَ کانسواءِ، پي آءِ اي ترجمان خبر ۾ ڄاڻايو آھي ته پاڪستان جي قومي ايئرلائين پي آءِ اي ۾ 4837 ملازمن جي ڇوٽڪاري کانپوءِ هاڻي افرادي قوت جي شرح بين الاقوامي تناسب جي برابر ٿي وئي آهي. پي آءِ اي جي ترجمان چواڻي سال 2017ع ۾ پي آءِ اي جي ھڪ جهاز جي ڀيٽ ۾ ملازمن جو انگ 550 هو جيڪو گهٽجي فقط 260 ٿي ويو آهي. ترجمان موجب دنيا جي بهترين ايئر لائينز افرادي قوت جي شرح کي 200 کان 250 جي وچ ۾ رکي ٿي. سال 2022ع ۾ وڌيڪ جهاز اچڻ سان شرح 220 تي اچي ويندي. ترجمان جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق قومي ايئر لائين مان تازو ئي 1900 ملازمن کان رضاڪاراڻي علحيدگي اسڪيم ذريعي استيعفا ورتي وئي. 837 ملازم جعلي ڊگرين جي ڪري برطرف ٿيا ۽ 1100 ملازمن خلاف ڊسيپلين ھيٺ ڪارروائي ڪئي وئي. سي اي او (سربراهه) پي آءِ اي ايئر مارشل ارشد ملڪ چواڻي ملازمن جو انگ گهٽائڻ سان ساليانو 8 ارب رپيا بچت به ٿيندي، پي آءِ اي جو سڌارن تي عمل جاري رهندو.
مون کي ياد آھي ته مان 1977ع ۾ پي آءِ اي ۾ پي آر او طور شامل ٿيو ھئس تن ڏينھن ۾ اڳ ۾ ڀرتي ٿيل پي آءِ اي جا ملازم تمام گهڻا ھئا ۽ اھا دعويٰ ڪئي ويندي ھئي ته پي آءِ اي، ملازمن کي وڌ کان وڌ نوڪريون ڏيڻ لاءِ ٺاھي وئي ھئي. سال 1954ع ڌاري پي آءِ اي جا ملازم ايترا ته ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا ويا جو پي آءِ اي ملازمن جو انگ جھاز جي ڀيٽ ۾ سڄي دنيا ۾ ستون يا اٺون نمبر ٿي ويو. نه رڳو ايترو پر ڪراچيءَ جا مھاجر انهن جي خاندانن جا خاندان پلاننگ ۽ ٻين ڊپارٽمنٽن ۾ ڀرتي اڳ ٿيل ھئا، جن وٽ ايئر لائينز جو ٽڪو به تجربو ڪونه ھو. انھيءَ وقت ته اھو بيان ڪونه ڏنو ويندو ھو ته ھڪ جهاز جي ڀيٽ ۾ ھزارين ملازم ھوندا آھن ۽ ھاڻي وري ھر جھاز جي اڳيان ملازمن جو گهٽ انگ ٻڌائي، ملازم ڪڍيا پيا وڃن. ھونئن به ته ترقي يافته ملڪن ۾ ڪيتريون اضافي سھوليتون ٻين آزاد ادارن کان ملنديون آھن پر اسان وٽ قصو نرالو ھو.
جيستائين ملازمن جو ھوائي جھاز جي ڀيٽ ۾ انگ اکر ظاھر ڪيا ويا آھن سو منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ وڏو دوکو آھي. اسان جي ملڪ ۾ ھڪطرفو رويو اختيار ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. سندن دعويٰ آھي ته ھڪ جھاز جي ڀيٽ ۾ 260 ملازم ٿي ويا آھن، جڏھن ته بھتر ايئرلائينز 200 کان 250 ملازم رکي ٿي. اصل مسئلو اھو آھي ته پي آءِ اي انتظاميه اھو ٻڌائڻ کان شرمائي ٿي ته ٻين ملڪن ۾ ايئرلائينز جي ملازمن جون گهڻيون پگهارون آھن، اسان وٽ انھن جي ڀيٽ ۾ بلڪل گهٽ آھي.
ھاڻوڪي سرڪار جي نااھليءَ جو ڪاٿو انھيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته پي آءِ اي ھيڊ آفيس کي اسلام آباد نيو ويو آھي. سچائي اھا آھي ته ھن وقت جيڪڏھن ھيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ موجود ھجي ھا ته اسلام آباد سان رابطو بلڪل ڪارائتو ۽ سولو ھو ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ رابطو ڪجھه سيڪنڊن ۾ قائم ٿي سگهي ٿو. بھرحال، پي آءِ اي ھيڊ آفيس منتقل ڪرڻ دوکي کان گهٽ ڪونه ھو جو اصل مقصد ملازمن کي ڪڍڻ ھو. جڏھن ته عمران سرڪار دور ۾ ڪيترن سنڌي ملازمن کي ريٽائر ڪرڻ تي مجبور به ڪيو ھو.
انھيءَ ۾ شڪ ناھي ته پي آءِ اي شروع کان ڪنھن حد تائين تعصب پرست ادارو رھيو آھي جو ڪيترن سالن تائين ڪوبه سنڌي ملازم ڪونه ھو پر شھيد ڀٽي جي دور ۾ پھريون ڀيرو ڪيترا اھل سنڌي ملازم وڏن عھدن تي ڀرتي ڪيا ويا. جڏھن جنرل ضياءَالحق، شھيد ڀُٽي کي ھٽائي اقتدار تي قبضو ڪيو ته ھن اٽڪل 80 سنڌي آفيسرن کي ڪڍڻ جا فائيل گھرايا پر پي آءِ اي سربراهه ايئر مارشل نور خان لکي موڪليو ته سنڌ جا جيڪي ملازم (سنڌي) ڀرتي ڪيا ويا آھن سي به اھليت جي بنياد تي ڀرتي ڪيا ويا آھن. بھرحال، پوءِ به سنڌي کي نوڪرين مان ڪڍجي ھا پر سنڌ کانسواءِ رھيل ٽن صوبن جا ملازم به ڀرتي ٿيل ھئا سو سنڌين کي ڪڍڻ جي صورت ۾ ٻين کي به ڪڍڻو پوي ھا. جنرل ضياءُالحق ٻه سال فائيل رکي واپس ڪيا. اھا ٻي ڳالھه آھي پوءِ انتظاميه سنڌين ۽ بلوچ ملازمن سان شديد نفرت ڏيکاري ۽ کين جائز ترقيون به ڪونه ڏنيون ۽ کين مالي طور زوردار نقصان پھچايو.
پي آءِ اي انتظاميه جو ڪاٿو انھيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته ريٽائرڊ ملازمن جن پنھنجي دور ۾ پي آءِ اي کي عاليشان ترقيون ڏياريون ۽ انھن جي ڪارڪردگي سڄي دنيا ۾ مشھور ھوندي ھئي پر تن جي پينشن ايتري ته ٿورڙي آھي جو ٻڌائڻ ۾ به شرم ٿئي ٿو. مون ته انگريزي اخبارن ۾ کوڙ خط لکيا آھن ته ريٽائرڊ ملازمن جي ماھوار معمولي پينشن وڌايو پر پي آءِ اي انتظاميه اهڙو اپاءُ کڻڻ لاءِ تيار ناھي. اھو ٻڌائڻ مناسب آھي ته پي آءِ اي انتظاميا، پي آءِ اي جي مالي پوزيشن جو ناٽڪ رچائي چيو ته اسان رڳو 35 سيڪڙو پينشن وڌائينداسون. انھن جيڪا ڪارروائي ڪئي سا کل جوڳي آھي. انھن 35 سيڪڙو انھن جا وڌايا جيڪي 35 سال اڳ ريٽائرڊ ھئا ۽ 25 سيڪڙو انھن جا وڌايائون جيڪي 25 سال اڳ ريٽائرڊ ٿيا ھئا، مطلب ته 95 ۽ 85 سالن جي ڄمار وارا عام ماڻھو جيئرا ئي ڪونه ھوندا آھن. جڏھن ته ٻين جا معمولي يعني سوين روپيا ئي مس وڌايون. اھو ظلم ھو. جڏھن ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ ملازمن جو ساهه ئي سڪائي ڇڏيو. اڳ ۾ سرڪيولر جاري ھو ته جڏھن ملازمن جون پگهارون وڌنديون ته پينشن به وڌنديون پر انھي سرڪيولر تي عمل ھڪطرفو بند ڪري ڇڏيائون. ھاڻ پي آءِ اي ريٽائرڊ ملازمن جي تنظيم (پياريَ) کي چيائون ته اسان ڏهه سيڪڙو وڌائينداسون جن کين ٻڌايو ته اھڙي ريت ڪن ماڻھن جا 300 يا 400 رپيا مھيني ۾ مسين وڌندا. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب پي آءِ اي انتظاميه کان خير جي اميد ڪرڻ اجائي آھي. جڏھن ته وفاقي سرڪار به پي آءِ ي ملازمن ۽ ريٽائرڊ جي ڀلائي لاءِ نٿي سوچي.
اسان جي نيڪ نيتيءَ جي صلاح آھي ته پي آءِ اي ملازمن کي ڪڍڻ جي روايت بند ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جو ماحول الڳ آھي. ھتي پگهارون وڌيڪ ناھن سو ماڻھن کي ڪڍي انھن جو جيئڻ جنجال ڪيو پيو وڃي. بھرحال، پي آءِ اي انتظاميه کي اھا به صلاح آھي ته ريٽائرڊ ملازمن جن پي آءِ اي کي سڄي دنيا ۾ عاليشان نالو ڏنو ھو، تن سان نفرت جو ڪاروبار بند ڪريو ۽ انھن جي معمولي پينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 700 واڌ ڪئي وڃي، جڏھن ته اھا رقم پوءِ به گھٽ ھوندي پر نه ھئڻ کان ڪجھه ھئڻ بھتر ھوندو. وفاقي سرڪار توڙي انھن طرفان مقرر ڪيل پي آءِ اي جي سربراهه کي دلي عرض آھي ته ھو پي آءِ اي جي ملازمن توڙي ريٽائرڊ ملازمن خلاف ڪات ڪھاڙا ھڻڻ ڇڏي ڏين. جيڪڏھن پي آءِ اي بھتر صورتحال اختيار ڪونه ڪئي آھي ته ان جا ذميدار وفاقي سرڪار ۽ پي آءِ اي سربراهه ھوندا. کين عرض آھي ته ھو انتقامي ڪارروايون ڇڏي ملازمن توڙي ريٽائرڊ ملازمن لاءِ هاڪاري پاليسيون اختيار ڪن ته پي آءِ اي ضرور ترقي ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button