ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پرويز خٽڪ جي بليڪ ميلنگ

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

هاڻوڪي حڪومت خلاف اپوزيشن پارٽيون ڪيتري به واويلا ڇو نه ڪنديون هجن پر سچ اهو آهي ته اهي حڪومت کي ڪجهه به ناهن ڪري سگهيون. ان جو هڪ اهم ترين سبب اپوزيشن جي پنهنجي بدنيتي آهي ۽ ان کان سواءِ اپوزيشن ۾ شامل پيپلز پارٽي جهڙي دوکو ڏيندڙ جماعت آهي.
آصف علي زرداري اهو ته چوي ٿو ته چاهيان ته هڪ ڏينهن حڪومت نه هلي ۽ هو وزير اعظم عمران خان نيازيءَ کي نامعقول سمجهي ٿو پر کيس به خبر آهي ته هو اڪيلي سر يا ڪنهن جي اشاري کان سواءِ هاڻوڪي حڪومت خلاف اهڙو ڪو به اپاءُ نٿو وٺي سگهي، جنهن سان حڪومت گهر هلي وڃي يا ان لاءِ ڪي مسئلا پيدا ٿي سگهن. پر جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “ميرن کي گهران لڳي” سو هاڻوڪي حڪومت جيڪڏهن ڊهي ٿي يا ان جا ٽپڙ گول ٿين ٿا ته اهو سندس حڪومتي ميمبرن وسيلي ئي ٿيندو يا عمران خان نيازيءَ جي ڪيل غلط فيصلن سبب حڪومت لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿي وينديون، ڇاڪاڻ ته اپوزيشن جي صورتحال اها آهي جو ان جو پاڻي حڪومت به ڪڇي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ان کان حڪومت کي ڪو اهڙو خاص خطرو في الحال نظر نٿو اچي. پر ڪالهه جيڪي ڪجهه حڪمران جماعت جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيو آهي، اهو ڪافي ڇرڪائيندڙ آهي.
وزيراعظم عمران خان نيازيءَ جي صدارت ۾ ٿيندڙ پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ ۽ وزير اعظم وچ ۾ ڏند چڪ ٿي پئي. قومي اسيمبليءَ جي مني بجيٽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ بحث هيٺ آهي ۽ ضمني مالياتي بل جي منظوريءَ کان اڳ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس گهرايو ويو هو، جڏهن ته اجلاس ۾معاملو وڌيڪ خراب ٿي ويو. پرويز خٽڪ، نور عالم ۽ ٻين ميمبرن مني بجيت، مهانگائي ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري بابت سخت اعتراض واريا.
اجلاس ۾ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته توهان کي وزير اعظم اسان ڪرايو آهي، ڪي پي ڪي ۾ گيس تي پابندي آهي. گيس بجلي اسين ٿا پيدا ڪريون ۽ پيسجي به اسين رهيا آهيون، جيڪڏهن توهان جو اهو رويو رهيو ته اسين ووٽ نه ڏئي سگهنداسين.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ جي ان ڳالهه ٻولهه تي وزير اعظم عمران خان نيازي چيو ته جيڪڏهن توهين سمجهو ٿا ته اوهين مون مان ممطئن ڪونه آهيو ته آئون حڪومت ڪنهن ٻئي کي ڏئي ٿو ڇڏيان، آئون ملڪ جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، ڪو ذاتي مفاد ڪونهي، منهنجا ڪارخانا ڪونه آهن، منهنجي ڪوشش ملڪي مفاد آهي.
هن پرويز خٽڪ کي سخت لهجي ۾ جواب ڏيندي چيو ته توهان مون کي سڀن جي آڏو بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو، آئون بليڪ ميل ڪونه ٿيندس. توهان مون کي بليڪ ميل نٿا ڪري سگهو. آئون حڪومت ملڪيت ٺاهڻ لاءِ ڪونه ڪري رهيو آهيان، آئون اوهان کي روز روز سڏائي ووٽ گهرندو رهان. آئون هر روز آءِ ايم ايف کي چوندو رهيو آهيان ته ٽيڪس گهٽ ڪريو. منهنجا نه ته ڪارخانا آهن ۽ نه ئي ڪو منهنجو ذاتي ڪاروبار آهي.
وزيراعظم عمران خان نيازيءَ کي جڏهن به ڪو ماڻهو حق سچ جي ڳالهه ڪري ٿو ته کيس اها بليڪ ميلنگ لڳي ٿي. ان کان اڳ به جڏهن هزاره برادري اهو مطالبو ڪيو هو ته وزير اعظم هڪ ڀيرو انهن وٽ لڙي اچي ته پوءِ لاش دفنايا ويندا، تڏهن ته وزير اعظم اهو ئي موقف اختيار ڪيو ته توهين مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو. هڪ وزير اعظم کي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي.
تازي اجلاس جي جيڪا ڪهاڻي سامهون آئي آهي، ان مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته حڪومتي وزير به هاڻ عمران خان سان اختلاف ڪرڻ لڳا آهن. پرويز خٽڪ پنهنجي سياست جي شروعات پي ٽي آءِ کان ڪانه ڪئي آهي پر هو پيپلز پارٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن به رهيو آهي. سڀاڻي پي ٽي آءِ رهي ٿي يا نٿي رهي، ان سان عمران خان نيازيءَ جي صحت تي ڪو اثر ڪونه پوندو ڇاڪاڻ ته هو حادثاتي طور سياست ۾ آندو ويو آهي، کيس اهو سڄو ماحول تيار ڪري ڏنو ويو، جنهن وسيلي هو ملڪ جو وزير اعظم ٿي سگهي. پر ڪيترائي پي ٽي آءِ ۾ پرويز خٽڪ جهڙا ماڻهو آهن، جن کي سڀاڻي پنهنجي تڪ ۾ وڃي ماڻهن کان ووٽ گهرڻا آهن ۽ انهن کي مطمئن ڪرڻو آهي ته اهي هڪ ڀيرو وري پي ٽي آءِ کي ووٽ ڇو ڏين. تنهنڪري هاڻ جيڪا صورتحال سامهون اچي رهي آهي، اها چونڊيل نمائندن جي تڪن مان ايندڙ شڪايتن سبب پيدا ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته جتي ماڻهن کي گيس نه ملي، بجلي مهانگي هجي، ڏينهون ڏينهن ٽيڪس وڌندا رهن ۽ پيٽرول جون قيمتون ڳاٽي ٽوڙ هجن ته پوءِ اهي ڪيتري وقت تائين ان آسري ۾ رهندا ته انهن جو وزير اعظم سهڻو آهي ۽ سڄي دنيا مان کيس چندو ڏيڻ کان ڪو انڪار ناهي ڪندو.
هن حڪومت جن سنگتين جي ٽيڪ تي ساڍا ٽي سال ڪڍيا آهن، ان جي روين مان اڃا اهو ظاهر ڪونه پيو ٿئي ته ان عمران خان نيازيءَ جي حڪومت تان پنهنجو هٿ مڪمل طور کڻي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته اڃا به ڪيترائي اهڙا معاملا آهن، جيڪي منجهيل آهن يا مونجهاري جو شڪار آهن. تنهنڪري اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته هي حڪومت مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ۾ هلي ويندي. اهي به امڪان ٿي سگهن ٿا جيئن ته پي ٽي آءِ جي پيدا ڪيل گند کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪا به پارٽي تيار ناهي ۽ ان پارٽي وٽ وقت به گهٽ هوندو. ان ڪري ڀلي هاڻوڪي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري وٺي ۽ جڏهن چونڊن جو اعلان ٿئي ته پي ٽي آءِ کي پتو لڳي ويندو ته گهڻين ويهين سئو آهي. يعني ووٽ وسيلي پي ٽي آءِ کي رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي.
ملڪي معيشت تي هاڻوڪي حڪومت ڳڻتي ته ظاهر ڪري ٿي پر ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو اهڙو لائحه عمل ڪونهي، جنهن وسيلي معيشت بهتر ٿئي ۽ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ٿئي. ظاهر آهي هاڻ جڏهن حڪومت مڪمل طور آءِ ايم ايف تي ڀاڙڻ شروع ڪيو آهي ته پوءِ ان ملڪ جي معيشت بهتر ڪيئن ٿي سگهي ٿي. هڪ پاسي قرض مٿان قرض آهي ۽ ٻئي پاسي حڪومتي وزيرن جون شاهه خرچيون آهن.
ملڪي تاريخ ۾ هي پهرين حڪومت آهي، جنهن نه رڳو وڌ کان وڌ بحران پيدا ڪيا آهن پر انهن بحرانن کي حل ڪرڻ بدران عوام تي چٿر پڻ ڪندي رهي آهي. عوام جيڪڏهن چوي ٿو ته گيس مهانگي آهي ته وزير چون ٿا ته سياري ۾ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ گيزر نه هلايو. عوام جيڪڏهن چوي ٿو ته اٽو مهانگو ٿي ويو آهي ته وزير چون ٿا ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي. عوام جيڪڏهن آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي ته وزير اعظم چوي ٿو ته پوءِ اسين ڇا ٿا ڪري سگهون.
ان ڪري هڪ بحراني حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ ته سياسي عمل مان “ڪمپني بهادر” جي مداخلت ختم ٿيڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ ايندڙ چونڊن لاءِ جڙندڙ ماحول کي صاف شفاف رکيو وڃي ته جيئن ماڻهو پنهنجي ووٽ جو بهتر استعمال ڪري سگهن ۽ اهي جنهن به پارٽيءَ کي ووٽ ڏين، اقتدار ان حُوالي ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت جي اندران ئي آواز اٿڻ شروع ٿيا آهن ته پوءِ وزير اعظم عمران خان نيازيءَ کي هوشيار رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن حڪومتي وزيرن پاران آواز اچڻ شروع ٿي وڃن ته سمجهڻ گهرجي هاڻ معاملا ائين ڪونه رهيا آهن، جيئن ڪجهه وقت اڳ عمران خان جي حق ۾ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button