سنڌ ۾ هر ڀيري ڪچي شراب سبب انساني زندگين جو زيان ٿيندو رهندو آهي. ڪڏهن اها سزا ڪراچيءَ جي ڪنڌ ۾ پوندي آهي. ڪڏهن حيدرآباد جي هوائن ۾ الٽين جي بدبو ڦهلجي ويندي آهي. ڪڏهن لاڙڪاڻي وٽان لڙڪيل ڪنڌن جي قطار ميڊيا جي زينت بڻبي آهي پر هن ڀيري انساني حياتين جو ڀاري بار ٽنڊوڄام ۽ ٽنڊوالهيار جي ڪلهن تي پيو آهي. ميڊيا مطابق هن مهل تائين ڪچو شراب 17 انساني زندگيون ڳڙڪائي ويو آهي. جڏهن ته اهي فقط اهي انگ آهن، جيڪي رپورٽ ٿيا آهن. انهن شهرن جي ڳوٺن ۾ جيڪي ٻيا ڪلور ٿيا هوندا، انهن جو ته اسان کي پتو به نه پيو آهي. آخر ان اتياچار جو انت ڪڏهن ايندو؟ آخر ان مسئلي جو حل ڪڏهن نڪرندو؟
انسان نشو ڇو ٿو ڪري؟ اهو هڪ تمام مشڪل ۽ منجهيل سوال آهي. هي سوال پنهنجي جوابي جهول ۾ تمام گهڻن سببن جا مثال کڻي ٿو اچي. اسان ان سوال جو سڌو سادو جواب نه ٿا ڄاڻون پر اسان کي اها خبر آهي ته انسان تاريخ ۾ تمام گهڻي وقت کان وٺي نشو ڪندو رهيو آهي. هن ڌرتيءَ تي ويد سڀ کان آڳاٽا ڌرمي ڪتاب سمجهيا وڃن ٿا. هندو ڌرم انهن ويدن مان اسريو نسريو آهي. جڏهن اسان ويد پڙهون ٿا ته اسان کي انهن ۾ به “سوم رس” جو تمام گهڻو ذڪر ملي ٿو. بائيبل ۾ به شراب جو تمام گهڻو ذڪر آهي. بائيبل جي هڪ مشهور باب “راڳن جي راڳ” جي ابتدا ئي انهن لفظن سان ٿئي ٿي ته:
“ڀلي ته هو مون کي پنهنجي وات جي چمين سان چمي
هن جي محبت شراب کان پاڪ آهي”
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اڪثر مذهبي ڪتابن ۾ شراب کي سٺي شي قرار نه ڏنو ويو آهي پر ڪجهه عقيدن ۾ شراب گهڻو ناجائز نظر نه ٿو اچي. اسان مذهبن کان هٽي ڏسون ته سماج ۾ شراب جو واهپو سدائين رهيو آهي. مذهبي عالم شراب جي نندا ڪندا رهيا آهن پر شاعر سدائين شرابن جي ساراهه ۾ شعر لکندا رهيا آهن ۽ ڳائڻا انهن شعرن کي وڏي سوز ۽ گداز سان ڳائيندا رهيا آهن.
ايران جي شاعري ته شراب جي پُر ٿيل پيالي جهڙي آهي پر ننڍي کنڊ ۾ به شاعرن شراب جي تعريف ۾ تمام گهڻي ڪويتا تخليق ڪئي آهي. جيتوڻيڪ انهن شاعرن ۾ تمام گهڻا شاعر مسلمان هئا پر انهن جي شاعريءَ کي ڪڏهن غلط قرار نه ڏنو ويو. مرزا غالب ته شراب مئه ڪشيءَ جي وڏي علامت رهيو آهي ۽ هن جي ديوان ۾ شراب لاءِ اهڙا ته شعر آهن جو انهن کي پڙهي انسان “واهه واهه” ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو. اهومرزا غالب جو شعر آهي ته:
“پلادي اوڪ سي ساقي، جو هم سي نفرت هي
پيالا گر نهين ديتا نه دي، شراب تو دي”
غالب ته پاڻ به بلا جو مئه نوش هو پر اسان جنهن شاعر کي حڪيم الامت ۽ شاعر مشرق جو درجو ڏيون ٿا ۽ جنهن شاعر کي مصور پاڪستان قرار ڏيندي هڪ قسم جو فخر محسوس ڪريون ٿا ته اهو شاعر به پنهنجي ڪلام ۾شراب جي تعريف ڪندو نظر اچي ٿو. اهو ممڪن آهي ته هن جي ڪلام ۾ “شراب” کي ڪنهن الڳ علامت طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پر هن جي شاعريءَ ۾ حقيقت ۽ مجاز جي وچ ۾ فرق ڪرڻ تمام مشڪل آهي. علامه اقبال جو طويل نظم “ساقي نامه” ته هن وقت تائين باذوقن جي دلين کي ساز وانگر وڄائيندو رهيو آهي. اهو علامه اقبال ئي هو، جنهن لکيو هو:
“نشه پلاڪي گرانا تو سب ڪو آتا هي
مزا تو تب هي ڪه گرتون ڪو تهام لي ساقي”
ننڍي کنڊ ۾ ڪجهه مسلمان بادشاهه اهڙا به رهيا آهن، جن شراب تي مڪمل پابندي عائد ڪئي ۽ انهن پنهنجي دور حڪومت ۾ اهڙا “محتسب” به مقرر ڪيا، جيڪي ڏوهارين کي اتي جو اتي سزا ڏيندا هئا. انهن جي نظر ۾ به شراب حرام هو. محتسب جي روايت جي حوالي سان اردو شاعريءَ جو هڪ مشهور شعر آهي ته:
“مت پهينڪ محتسب، ميري محتسب
يه تو شراب هي، ظالم شراب هي”
مسلمان سماجن ۾ تمام گهڻي ڪوشش ٿيندي رهي آهي ته شراب جي مٿان مڪمل پابندي عائد ڪئي وڃي پر ڪنهن نه ڪنهن ريت شراب جو استعمال ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پوءِ به ٿيندو ئي رهي ٿو. ايران ۾ شراب سرڪاري سطح تي سخت قسم جي پابنديءَ هيٺ آهي پر ايران جي سماج ۾ ان جي وجود کان انڪار ڪرڻ آسان ناهي.
دنيا ۾ هن مهل به ڪيترائي مسلمان آباديءَ وارا ملڪ موجود آهن ۽ انهن ۾ شراب غيرقانوني قرار ڏنل ڪونهي. اسان جي ويجهي تاريخ ۾ سعودي عرب شراب خلاف عملي قانون لاڳو ڪرڻ وارو تمام سخت گير ملڪ رهيو پر هن وقت جيڪي قدم سعودي سرڪار کڻي رهيو آهي، انهن شراب جي واهپي کي سعودي عرب جي ڪجهه شهرن ۾نرم بڻايو آهي. جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو ته ذڪر ئي ڇا؟ جڏهن اسان شراب جي حوالي سان پابندين جو ذڪر ڪريون ٿا ته اسان جي نظر گهڻو ڪري مسلمان سماجن ڏانهن وڃي ٿي، جڏهن ته ڪجهه غير اسلامي سماجن ۾ به شراب جي مٿان تمام سخت پابندي عائد رهي آهي.
ڀارت جو ابو مهاتما گانڌي نشي جو سخت مخالف هوندو هو. جڏهن ته ڀارت جي سڀ کان مشهور شهر ممبئي جو تعلق گجرات سان هو ته گانڌي جي گيان سبب ممبئي شهر ۾ به شراب جي مٿان سخت پابندي عائد ڪئي وئي. ان جي نتيجي ۾ ڇا ٿيو؟ ان جي نتيجي ۾ ممبئي انڊرورلڊ جو اڏو ٿي ويو. هڪ طرف ممبئيءَ ۾ ديسي شراب جون بٺيون هڪ نيٽ ورڪ جي صورت اختيار ڪري ويون ۽ ٻئي طرف امپورٽيڊ يا ولايتي شراب جي اسمگلنگ وڏو آزار بڻجي وئي. جڏهن ممبئيءَ ۾ شراب جي مٿان پابندي لاڳو ٿيل هئي ته هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تان ڪچي شراب جي واهپي سبب تمام گهڻن انساني زندگين جي زيان جون خبرون ميڊيا ۾ عام جام هيون. ان صورتحال کي ڏسندي ڀارتي سرڪار شراب ٺاهيندڙ ۽ استعمال ڪندڙن کي فائرنگ اسڪوائڊ جي سامهون بيهاري گوليون نه هيون پر ان سنجيدگيءَ سان سوچيو ته آخر ان مسئلي جو حل ڪهڙو آهي؟ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڀارت سرڪار شراب جي غيرقانوني واپار جي جاءِ تي قانوني واهپي جي باري ۾ قانون سازي ڪئي ۽ انساني زندگين جي زيان کي وڏي حد تائين ڪنٽرول ۾ آندو.
پاڪستان ۾شراب جي وهاپي جي عجيب تاريخ رهي آهي. ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن لاءِ حاصل ڪيل هن ملڪ ۾ ڪيتري وقت تائين شراب جي مٿان ڪا پابندي عائد نه هئي. شراب جي سلسلي ۾ نه فقط هن ملڪ پر خود سنڌ جي وڏن شهرن ۾ تمام گهڻيون بارون هيون ۽ ماڻهو نه رڳو اتان شراب خريد ڪندا هئا پر هو اتي ويهي پيئندا به هئا. ڪراچيءَ ۾ ته تمام گهڻيون پر حيدرآباد ۾ به ڪجهه مشهور بارون هيون ۽ انهن جو ذڪر هن مهل به سنڌي شاعريءَ ۾ موجود آهي. پاڪستان جا ڪيترائي حڪمران پيئڻ پيارڻ جي حوالي سان مشهور رهيا آهن ۽ انهن حڪمرانن ۾ سڀ کان وڏو نالو پنهنجي وقت جي مدهوش فوجي آمر جنرل يحيٰ جو رهيو آهي. پاڪستان ۾ شراب جي مٿان پابندي ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ عائد ٿي ۽ هن وقت به زيڊ اي ڀٽو جا ڪيترائي حامي ۽ شراب کي هٿ نه لاهيندڙ اهو موقف پيش ڪندا رهيا آهن ته زيڊ اي ڀٽو کي سياسي ملن جي دٻا ۾ اچي اهڙو قدم نه کڻڻ کپندو هو. پاڪستان ۾سرڪاري سطح تي شراب جي مٿان پابندي عائد ٿيڻ کان پوءِ به مٿئين توڙي هيٺئين سطح تي شراب جو استعمال هلندو رهيو آهي. ڪنهن کي معلوم ناهي ته پاڪستان جو پويون فوجي حڪمران پرويز مشرف مڌ جو متوالو هو. هو جڏهن نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري اقتدار ۾آيو هو ته هن جي باري ۾ عام ماڻهن کي ته ڇا پر ميڊيا کي به گهٽ معلوم هو. ان وقت پاڪستاني سياست جي عجيب ڪردار پير پاگاري صحافين پاران پرويز مشرف جي باري ۾ پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن چيو هو ته “هن جي ڪلاس فيلوز ۽ گلاس فيلوز معرفت اهو معلوم ٿيو آهي ته همراهه وڏو شوقين آهي.” پرويز مشرف ايترو پردو نه ڪندو هو. اهوئي سبب هو ته هن جي دور ۾ پوليس کي اها واضح هدايتون مليون هيون يا وڏن ڏينهن تي يا رات جو دير سان گاڏيون بيهاري ماڻهن جا وات سنگهڻ واري روش فوري طور تي روڪي وڃي.
هن وقت به ڪنهن کي معلوم ناهي ته پاڪستان جا ڪهڙا ڪهڙا سياسي اڳواڻ مئه جا متوالا آهن! فرق فقط اهو آهي ته اهي تمام مهانگي ۽ غيرملڪي وسڪي ۽ وائين سان دل وندارئيندا آهن، جڏهن ته هن ملڪ جي غريب عوام سان تعلق رکندڙ مئه ڪش ڪچو شراب پيئندا رهن ٿا ۽ ان سبب انهن جا موت ميڊيا جون اهم خبرون بڻجي وڃن ٿيون. جڏهن ته ڪجهه نه ڪجهه مهانگو شراب افورڊ ڪرڻ وارا ماڻهو انهن وائين شاپن تي بيٺل نظر اچن ٿا، جن جون تمام گهڻيون پرمٽون ۽ انهن ۾ تمام گهڻي سيڙپ سياست ۽ سرمائي ۾ سگهارن مسلمانن جي رهي آهي ۽ جيڪڏهن قانوني طور تي هلندڙ وائين شاپن تان گهڻو ڪري مسلمان شراب نه خريد ڪن ته اهو ڪاروبار هلي ئي نه سگهي.
ڇا اسان اهو نه ٿا ڄاڻون ته سنڌ ۾شراب جو ڪاروبار هڪ وڏي سياسي نالي جي حوالي سان به مشهور آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي محدود معلومات کي به منظرعام تي آڻيون ته گهڻيون حقيقتون پڌريون ٿي سگهن ٿيون. اهي حقيقتون جن جي آئينن ۾نهاري اسان سمجهي سگهنداسين ته اسان ڪيتري نه منافقيءَ واري سسٽم ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. هن ملڪ ۾ ڪو سگهارو مطالبو ڪرڻ به تمام مشڪل آهي، ان ڪري دٻيل لفظن ۾ اهائي درخواست ڪري سگهجي ٿي ته ڪنهن ريت ڪا اهڙي قانون سازي ڪئي وڃي جو ماڻهو شراب جي نالي ۾ زهر پيئڻ کان بچي سگهن. آخر اسان اٺ پکيءَ وانگر ڪيستائين واريءَ ۾ منهن وجهي طوفان جي وجود کان انڪار ڪنداسين؟ لطيف لکيو آهي:
“نه ڪنهن ماريا جنگ ۾، نه ڪنهن سور ٻري”
جيڪي انسان هر سال ڪچي جو پڪو زهر پيئڻ کانپوءِ مري وڃن ٿا، انهن کي اهڙي موت کان بچائڻ جي سلسلي ۾ ملڪي سياست وٽ آخر ڪهڙو حل آهي؟