ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي وڌائڻ حڪومت جو عزم

Editorial

پي ٽي آءِ حڪومت عوام مٿان مهانگائيءَ جو جيڪو عذاب نازل ڪيو آهي، اهڙي جٺ تاريخ ۾ عوام سان ڪڏهن ڪانه ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين عوام آمريتون ڏٺيون آهن، چونڊيل نمائندن جون حڪومت به ڏٺيون آهن پر هن وقت جيڪا مهانگائي پي ٽي آءِ سرڪار ڪئي آهي، سا بنهه خطرناڪ آهي. عوام ۾ هاڻ خريد جي قوت به ڪانه رهي آهي. هڪ پاسي ملڪ ۾ وڌندڙ قرض آهن ته ٻئي پاسي آءِ ايم ايف جون فرمائشون آهن، جنهن جي چوڻ تي مني بجيٽ به قومي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته عوام کي ڪو رليف ملي سگهي. هاڻ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ به پنهنجي حڪومت کان شڪايت ڪرڻ لڳا آهن ته عوام جا مسئلا حل ڪونه پيا ٿين. عوام کي گيس ۽ بجلي به ڪونه پيا ملن. ظاهر آهي عوام جا چونڊيل نمائندا پنهنجن تڪن ۾ عوام آڏو جوابده آهن. تنهنڪري اها صورتحال گهڻي ڳڻتي واري آهي. حڪومت رڳو ڪا هڪ شيءِ مهانگي ڪانه ڪئي آهي پر اها لاڳيتو مختلف اسم مهانگا ڪري رهي آهي. ڪڏهن بجليءَ جون قيمتون ته ڪڏهن گيس جون ته ڪڏهن وري تيل جون قيمتون وڌائي عوام کي عذاب ۾ وڌو وڃي ٿو پر ڪوبه پي ٽي آءِ جو وزير ان ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي ته ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو طوفان متل آهي. بلڪه وزير اعظم عمران خان ته هر تقرير ۾ اهو چوندو رهندو آهي ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي ۽ هن وقت به پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي، جتي سستو تيل ملي رهيو آهي. هڪ ڀيرو وري عوام کي مهانگائيءَ جو تحفو ڏيڻ لاءِ حڪومت بجلي مهانگي ڪري چڏي آهي.
ملڪ ۾ لاڳيتو مهانگائي جو عذاب ڀوڳيندڙ عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجليءَ جي قيمت ۾ 4 رپيا 30 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نومبر جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب جنوريءَ جي بلن تي اضافي چارجز لاڳو ڪيا ويندا ۽ اضافي وصوليون جنوري جي بلن ۾ ڪيون وينديون. جڏهن ته اليڪٽرڪ ۽ لائيف لائن جي صارفين مٿان واڌ لاڳو نه ٿيندي. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائيف لائن واهپيدارن تي نئون اگهه لاڳو نه هوندو. ڇا عمران خان ۽ سندس حڪومت کي خبر ناهي ته عوام اڳ ۾ مهانگائي سبب ڪيترو پريشان لڳو پيو آهي ته پوءِ سندس حڪومت ان مٿان مهانگائيءَ جو بار ڇو وجهي رهي آهي. جڏهن ته عوام ۾ هاڻ ايتري همت ئي ناهي جو اهو مهانگائيءَ جو بار وڌيڪ برداشت ڪري سگهي. بجلي هڪ اهڙو اسم آهي، جيڪو روزمره جي استعمال ۾ ايندو رهندو آهي پر ان کي ايترو ته مهانگو ڪيو ويو آهي جو عام ماڻهو هاڻ ان جي استعمال کان به لهرائيندو هوندو. جڏهن ته ان کان اڳ جڏهن بجليءَ جو يونٽ سنگل ڊجٽ ۾ هو ته عمران خان کي اها بجلي بنهه گهڻي مهانگي لڳندي هئي، هو بل جمع ڪرائڻ کان به جواب ڏئي ڇڏيندو هو ته ايتري مهانگي بجلي هو ڇو ٻاري ۽ ڇو ان جو بل ادا ڪري. پر هاڻ جڏهن بجليءَ جو يونٽ وڃي 25 روپين کي لڳو آهي ۽ ان کانسواءِ ملڪ مان لوڊشيڊنگ به ختم ڪانه ٿي سگهي آهي ته پوءِ عوام ڇو ايتري مهانگي بجليءَ جا بل ڏئي ۽ اهڙن حڪمرانن جا خرچ ڀري جيڪي پنهنجا کيسا ڀري رهيا آهن. تنهنڪري بجليءَ جون قيمتون ايتريون وڌايون وڃن جو عوام ان جو استعمال کي ڇڏي ڏي. حڪومت جي ايجنڊا به اها ئي لڳي ٿي ته عوام بجلي ٻارڻ ڇڏي ڏئي ته بهتر آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي حڪومت عوام جا مسئلا حل ته ڪانه پئي ڪري ويتر ان لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. تنهنڪري هن حڪومت ۾ اها صلاحيت ئي ناهي ته اها عوامي مسئلن کي حل ڪري سگهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ان سچائي کي قبول ڪري ته اها عوام جي مسئلن کي حل نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي مهانگائيءَ جو عذاب ماڻهن مٿان ٽاري سگهي ٿي. بجليءَ جا اگهه وڌائڻ وارو فيصلو عوام لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ برابر آهي. تنهنڪري هي فيصلو واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button