پهرين جنوريءَ تي ڀارتي مسلمانن کي نئين سال جو تحفو مليو، ته بلي با ايپ ذريعي 100 کان وڌيڪ مسلم عورتن جا نالا گهرن ۾ ڪم عورتن جي نيلامي فهرست ۾ وجهي ڇڏيا. ان ۾ مشهور مسلمان صحافڻيون، اداڪارائون ۽ سماجي ڪارڪن شامل هيون. هي هڪ گهٽيا جنسي ذهنيت تي ٻڌل حرڪتن مان هئي، جنهن جو مقصد سياسي ۽ سماجي طور سجاڳ ۽ متحرڪ مسلمان عورتن جي عام سماجي تذليل آهي ۽ اها حرڪت ٻيو ڀيرو ٿي آهي.
گذريل واردات جي ابتڙ مسلم سماج ماٺ نه ڪئي، بلڪه پاڻمرادو ملحد گيت ڪار ۽ ڪهاڻيڪار جاويد اختر کان وٺي دارالعلوم ديوبند جي فارغ التحصيل عالمن ۽ روشن خيال غير مسلمن، ڏاهن ۽ سياستدانن تائين ڪيترائي رڙيون ڪندي اٿيا ته هاڻي گهڻو ٿيو. تنهنڪري ان دٻا جو زور گهٽائڻ لا ان ايپ پويان هڪ عورت سوڌو گهٽ ۾ گهٽ چئن ملزمن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ايپ تي پابندي لڳائي وئي.
پر اسلاموفوبيا جي لهر وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي، ڊسمبر جي وچ ۾ رياست اتر کنڊ جي راڄڌاني هري دوار ۾ منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن جي مذهبي ڪٺ ۾ مهثن، پنڊتن ۽ آر ايس ايس سان لاڳاپيل سنگهٽن جي ڪرمچارين کلي عام ڀارتي فوج ۽ پوليس کان وٺي هڪ عام هندو کي اڪسايو ته ميانماري روهنگين جي طرز تي ڀارت ۾ آباد مسلمانن جو صفايو سڀ کان وڏي مذهبي ذميواري آهي، جيڪو ان نيڪ ڪم ۾ ماريو ويو سو شهيد ۽ گرفتار ٿيو سزا ڪاٽيائين ته هندو قوم جو هيرو چورائيندو. گهر جو سامان ڀلي معمولي قسم جو وٺو پر هٿيار مهانگو ۽ اعليٰ خريد ڪريو، گڏ ڪريو ۽ ان جي استعمال جي تربيت وٺو. هندو مائرون وڌ کان وڌ ٻار پيدا ڪن، نه ته “ماس خور” جلدي ايترا وڌي ويندا جو هندن کي پنهنجي ئي ديس ۾ مٿو لڪائڻ لا جڳهه ڪانه ملندي. هر هر مها ديو، جي شري رام، ڀارت ماتا کي جي، بندي ماترم.
جيڪڏهن ان کان اڌ نفرت کي اڪسائيندي ڪو غير هندو اهڙي حرڪت ڪري ها ته سڄي ملڪ ۾ چئني پاسي ميڊيائي غدر مچي وڃي ها، سوين ايف آ آرز ڪٽجي وڃن ها ۽ درجنين گرفتار ۽ ديس دروهي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سلاخن پويان هجن ها. پر اتر کنڊ پوليس مذهبي ميڙاڪي جي منتظمن خلاف رڳو سماج ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش جي ڏوهه ۾ پرچو ڪٽيو ۽ ملزمن کي في الحال ڳولين پيا.
البت ان مذهبي ڪٺ کي مسلم ۽ روشن خيال طبقن اڳ وانگر آسانيءَ سان هضم نه ڪيو. مشهور اداڪار نصير الدين شاهه هڪ انٽرويو ۾ باليووڊ جي قبرستاني خاموشيءَ تي تبصرو ڪندي چئلينج ڪيو ته ان قسم جي انتشار انگيزيءَ سان ملڪ ۾ گهرو ويڙهه جي باهه ڀڙڪي ته 20 ڪروڙ مسلمان رڍ ٻڪريون ثابت نه ٿيندا پر ڀرپور مزاحمت ڪندا. گيت نگار جاويد اختر مودي کي چئلينج ڪندي چيو ته توهان ئي “سڀ ڪا ساٿ، سڀ ڪا وڪاس” جو نعرو لڳايو هو پر اوهان جي واتان اڃا تائين هري دوار ڪٺ جي مذمت يا ڳڻتي تي هڪ لفظ به ناهي اڪليو. الٽو مودي ڊسمبر ۾ ٻن عام جلسن کي خطاب ڪندي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جا لاڳاپا سوين سال اڳ گذرندڙ مسلمان حڪمرانن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هي اهو ئي مودي آهي، جيڪو گجرات رياست جو وزيراعليٰ هو، ان دوران هڪ ٽي وي چينل انٽرويو ۾ هن کان پڇيو ويو ته ڇا توهان فيبروري 2002ع جي گجرات فسادن ۾ 2 هزار مسلمانن جي قتل تي ڏکارا ٿيا. مودي جو جواب هو ته ڪتي جو گلر به گاڏي هيٺ اچي وڃي ته افسوس ٿئي ٿو. سڀ کان وڏي رياست اتر پرديش ۾ رياستي چونڊون ٿيڻ واريون آهن. 80 سيڪڙو آبادي هندو آهي ۽ گذريل چونڊن ۾ بي جي پي هڪ به مسلمان اميدوار نه بيهاريو. پو به وزيراعليٰ يوگي ادتيا ناٿ جو چوڻ آهي ته ايندڙ چونڊون 80 سيڪڙو بمقابلا 20 سيڪڙو جي وچ ۾ ٿينديون. سندس ان بيان تي ميڊيا دهل کڻي بازار ۾ نڪري آئي ۽ واهه يوگي جي واهه چوڻ لڳي.
فقط 20 سيڪڙو مسلمان ئي اکين ۾ کٽڪي نٿو، بلڪه پوڻا 2 سيڪڙو مسيح به بي جي پيءَ جي ترشولي وڪڙ ۾ آهن. مسيحي خدا ترسيءَ جي سڀ کان وڏي ڀارتي استعاري مدر ٽريسا فائونڊيشن کي ملندڙ غير ملڪي عطين تي پابندي لڳائي وئي آهي. پو اولهه جي ملڪن جي را عامه جي ڊپ کان ان کي واپس ورتو ويو.
ڪئين ڀارتي رياستن ۾ مذهب جي تبديلي ۽ غير مذهب ۾ شادي بابت قانونن جي جڪڙبندي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. پر مسيحن کي اها پروپيگنڊا ڪري به عوامي ڪاوڙ آڏو اڇلايو ويندو آهي ته اهي فلاحي سرگرمين جي آڙ ۾ هندوئن (اڇوت ۽ قبائلي) کي عيسائي پيا ٺاهين. تنهنڪري کليل ميدانن ۾ نماز جي حوصلا شڪنيءَ کان حوصلو ماڻي مسيحن جي آچر واري عبادت کي به ختم ڪرڻ جو لاڙو زور وٺي رهيو آهي ۽ گرجائن کي الڳ نشانو بڻايو پيو وڃي. هڪ سرگرم ڀارتي صحافي جان ڊيال موجب رڳو ڊسمبر جي مهيني ۾ مشتعل هندوئن 16 شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪرسمس جي ميڙاڪن ۽ عبادتن کي جسماني تشدد ۽ توڙ ڦوڙ جو نشانو بڻايو. اهي حملا بنا فرق جي اتر، ڏکڻ هريانا، يوپي، دهليءَ کان ڪرناٽڪ تائين ڏسڻ ۾ آيا. يونائيٽڊ ڪرسچن فورم موجب گذريل سال ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسيحي برادريءَ تي لڳ ڀڳ 460 حملا ٿيا.
ان اونداهي ماحول ۾ هڪ حوصلي وارو ڪرڻو اهو آهي ته جيڪي نشانو بڻجي رهيا آهن، اهي شروعاتي سڪتي جي دور مان نڪري پاڻ کي متحرڪ ڪري رهيا آهن. مثال طور نيلامي ايپ ۾ جن جن مسلمان عورتن جا نالا سامهون آيا. انهن مان ڪيترين ئي سڌي ريت ٿاڻن ۾ تڪرار ڪري فرياد داخل ڪرايو، يا وري انهن عورتن جي حق ۾ آواز وڌندو ويو. ڪيترائي نوجوان مسلمان صحافي ۽ سماجي ڪارڪن هاڻي مذهبي حملن جي تفصيل جا باقاعده رڪارڊ گڏ ڪري ۽ ان کي شايع ڪري دنيا آڏو آڻڻ لا متحرڪ ٿي رهيا آهن، ته جيئن موديءَ جو ڀارت جيڪو پاڻ کي لاڳيتو هڪ سٺو چهرو ثابت ڪرڻ لا سفارتڪاري، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي پوري طاقت استعمال ڪري رهيو آهي. ان کي بريڪ لڳي سگهن.
مذهبي تشدد کي دستاويزي شڪل ڏيڻ سان مقامي اختيارن تي به دٻا وڌي پيو ته اهي قانوني ڪارروائي تي مجبور ٿين، اهڙي قسم جو دٻا عدالتن کي به مجبور ڪري ٿو ته اهي دنيا کي ڏيکارڻ لا ئي سهي پر گهٽ ۾ گهٽ فرياد ضرور ٻڌن. مثال طور سپريم ڪورٽ هري دوار ۾ ٿيندڙ نفرت انگيز تقريرن خلاف هڪ درخواست جي شنوائي شروع ڪئي ۽ رياست تريپورا جي پوليس کي پابند ڪيو ته اهي مسلم دشمن تشدد تي اظهار را جي حق کي امن کي نقصان پهچائڻ جي بهاني دٻائڻ ۽ مسلمان صحافين ۽ سوشل ميڊيا جي ليکڪن خلاف ڪارروائي کان مڙي وڃن.
انهن اقليتن کي تازو هاري تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو به هڪ نفسياتي سهارو مليو آهي ۽ انهن کي “جو ڊر گيا سو مر گيا” جو مفهوم به سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي. ايندڙ لوڪ سڀا چونڊ لڳ ڀڳ 2 سال پري آهي. هي مدو ڪريو يا مرو جو فيصلو ڪرڻ لا قدرت پاران ئي ڏنل هڪ دري آهي. ان کانپو شايد موقعو نه ملي. اها ڳالهه عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ ته اچي رهي آهي، البت مودي مخالف سياسي جماعتون اڃا تائين هجي، هجت ۽ هجو ۾ مگن آهن.