اقتداري شهر ۾ جڏهن به ڪنهن سياسي بيچئني جي ڪيفيت ٺهڻ لڳندي آهي ته ان جو پهريون اظهار سڌسما جي ذريعن ۾ ٿيڻ لڳندو آهي، هن ڀيري به جذبات کان عاري شهر اسلام آباد ۾ ڪجهه اهڙي ڪيفيت ٺهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اها بيچئني عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جي شڪل وٺندي ميچوئر ٿي رهي آهي. ڊگهي وقت کان عمران خان جي گهر وڃڻ جون ڳالهيون ته ٿي رهيون آهن، جيڪي ظاهر آهي اڃا تائين ڪا به عملي صورت نه وٺي سگهيون آهن، پر جيئن اڄڪلهه اهو چيو پيو وڃي ته پي ٽي آ سرڪار جي زيرو ڪارڪردگي پاڻ ان کي اقتدار ۾ آڻيندڙن کي گهڻو بدظن ڪري ورتو آهي، تنهنڪري، هن ڀيري ان (پي ٽي آ سرڪار) جي سربراهه خلاف ڪو فيصلائتو قدم کڄڻ جا امڪان واضح آهن. ان ڳالهه کي ثابتي تڏهن ملڻ لڳڻ ٿي جڏهن پاڻ حڪمران طبقي جي مختلف پرتن ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي جا سرٻاٽ ٿي رهيا آهن. مطلب ته وزيراعظم خلاف ماحول ٺهي رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ آچر واري ڏينهن مخالف ڌر جي شهباز شريف کان بي اعتمادي واري رٿ بابت سوال پڇيو ويو ته شهباز شريف چيو ته “اهو فيصلو گڏيل مشاورت سان ڪيو ويندو.” ان مان اهو ته ثابت ٿئي ٿو ته بي اعتمادي بابت اقتداري حلقن ۾ سنجيدگي سان بحث ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته “بي اعتمادي رٿ آئي ته اپوزيشن جا 26 ووٽ گهٽجي ويندا. مخالف ڌر انڌي مڇيءَ وانگر اندروني تبديلي جا خواب ڏسي رهي آهي. فنانس بل تي سندس 12 ميمبر گهٽ ڪيا ويا، بي اعتمادي رٿ آئي ته اپوزيشن جا 26 ووٽ گهٽجي ويندا. ڊيل جون ڳالهيون ڪيون ويون ته هاڻي ڍَر به ناهي رهي. اپريل کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي، خزاني تي بار هجڻ سبب آءِ ايم ايف جون سختيون وڌي رهيون آهن، چارئي شريف سياست مان مائنس آهن، شهباز شريف وزيراعظم لاءِ ڊيڄاريندڙ نه، پر سهڻو خواب آهي. پي ڊي ايم وارا 2 بدران 3 مارچ تي مارچ ڪن، حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو، 23 مارچ تي اپوزيشن جي هنيانءُ تي مُڱ ڏرينداسين.”
شيخ رشيد ڀلي ان ۾ جارح موڊ اختيار ڪري پنهنجي حڪومتي “اعتماد” جي جهلڪ ڏيندو هجي پر ڳالهين ڳالهين ۾ سندس پريشاني به واضح آهي، کين اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته بي اعتمادي وارو وايومنڊل ٺهي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ پاسي شيخ رشيد اهڙي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري امڪاني بي اعتمادي بابت پنهنجو ردعمل به ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن حڪومت لا اهڙو ڪو به خطرو موجود ناهي ته پو ان کي ان ڳالهه کي هلڪو وٺڻ گهرجي، يا ان جو ذڪر ئي نه ڪرڻ گهرجي، پر شيخ رشيد جي بيان مان واضح ٿئي ٿو ته حڪومت ان معاملي کي نهايتي ئي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم جو ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گِل به ميدان تي لٿل آهي. سندس چوڻ آهي ته “شهباز شريف چئن جي ٽولي پنهنجي، حمزه شهاز، نواز شريف ۽ مريم نواز لاءِ ڊيل گهري رهيو آهي ۽ لنڊن وڃڻ چاهي ٿو پر کيس جيتري ڊيل ۽ ڍر ملڻي هئي اها ملي وئي. هاڻي جلد ئي شهباز شريف جيل اندر هوندو. جڏهن ته نواز شريف جي ويزا پڻ جلد رد ٿيڻ واري آهي. اسان جون جيتريون مجبوريون هيون اهي ختم ٿي ويون، ان لاءِ هاڻي نرمي جي توقع نه رکن. هاڻي ان جي سامهون عمران خان جهڙو ليڊر بيٺل آهي ان ڪري نواز شريف جو احتساب ضرور ٿيندو. هاڻي شهباز شريف جي ڊيل وارو خواب پورو نه ٿيندو، هو جلد ئي جيل ويندو.”
ڪير جيل ويندو ۽ ڪير گهر ويندو ان لا ايندڙ هڪ ڏيڍ مهيني کي اهم قرار ڏنو پيو وڃي پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته پاڻ شهباز گل جو بيان حڪومتي صفن ۾ موجود بيچئني کي ئي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هو ايئن ان “احتساب” تي زور نه ڏئي ها، جيڪو هن مهل تائين شريف خاندان جو ڪجهه به نه بگاڙي سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته “احتساب” جي ايجنڊا جيڪي ڌريون کڻي آيون آهن، انهن جي پنهنجي ڪارپت تي سواليا نشان لڳل آهن، انهن جو پنهنجو ڪردار گدلو آهي. اڃا به ايئن کڻي چئجي ته پي ٽي آ سرڪار جو “احتساب” جو بيانيو پاڻ سندس ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، وقت اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ان بيانيي جي آڙ ۾ پي ٽي آ ماڊل جو تجربو ڪيو ويو جيڪو بري طرح ناڪام ٿي ويو. پر جيئن سرڪار وٽ ان کانسوا عوام کي بيوقوف بڻائڻ لا ٻيو ڪجهه به ڪونهي، تنهنڪري، هر هر “احتساب” جو رينگٽ ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو شهباز گل شهباز شريف جي جيل وڃڻ جو “بشارتون” ڏيئي رهيو آهي، جيڪو سندس بوکلاهٽ کي ئي ظاهر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته جڏهن پنهنجي حڪومت جي شروعاتي ڏهاڙن، جڏهن اڃا پي ٽي آ سرڪار جي منهن تان جڙتو تبديلي جو نقاب نه لٿو هو ۽ ان جي ڪنهن حد تائين جئه جئه ڪار هئي، ڪجهه نه ڪري سگهيا ته هاڻي ته سندن سج لهڻ وارو آهي، هاڻي هو ڪهڙو احتساب ڪندا؟ سڀ عوام کي بيوقوف ٺاهڻ جون ڳالهيون آهن پر عوام به هاڻي انهن کي سمجهي ورتو آهي، اهو ئي سبب آهي جو پي ٽي آ سرڪار پاڪستان جي تاريخ جي نفرت جوڳي حڪومت بڻجي چڪي آهي.
هڪ ٻي پيشرفت اها ٿي آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ سياسي رابطا بحال ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. چيو پيو وڃي ته آصف زرداري فون ذريعي مولانا فضل الرحمان سان سياسي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. مولانا فضل الرحمان ڳالهه ٻولهه دوران ڪجهه شڪايتون ڪيون ۽ چيو ته پيپلز پارٽي کي سمجهه کان ڪم وٺڻ گهرجي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان مشرف دور ۽ سينيٽ اليڪشن ۾ پ پ جي رويي جي شڪايت ڪئي، گڏوگڏ پي ڊي ايم جي ناڪامي جو به پ پ کي ذميوار قرار ڏنو. آصف علي زرداري ڳالهه ٻولهه دوران استعيفائن واري شرط کي پي ڊي ايم جي ناڪامي قرار ڏنو.
بهرحال، ان اڳڀرائي مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڌرين ۾ اڃا تلخيون موجود آهن، جيڪڏهن اپوزيشن واقعي به عوام سان خيرخواهه آهي ته ان کي هاڻي سڀ تلخيون ختم ڪري، هن سرڪار خلاف ڪو فيصلائتو قدم کڻڻ گهرجي، هاڻي بيانن کان اڳتي وڌڻو پوندو. اپوزيشن جا مهانگائي خلاف بيان سرڪار جو وار به ونگو نه پيا ڪن. هاڻي اپوزيشن کي به ڪو ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ اپوزيشن کي هن سرڪار جي خاتمي کان پو ڪو معاشي ۽ سياسي پروگرام به ڏيڻ گهرجي. خاص ڪري، اپوزيشن جي ڪا به پارٽي جيڪڏهن اقتدار ۾ اچي ٿي ته هو هن ايڏي وڏي مهانگائي کي ڪيئن واپس ڪندي، ان جو پلان به عوام کي ٻڌائڻ گهرجي.