ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ريگل چوڪ II

Editorial-Article- Mubark Lashari

جيئن ته مکيه طور تي هي ڪهاڻي مک نئريٽر ساجن جي آهي جنهن ۾ هو سماجي ڪٺورتا، قهر، ٽارچر ۽ اذيت کي منهن ڏئي ٿو، اتي ساڳئي وقت هن ناول ۾ سکي، ناظم صاحب، نائون مل ۽ ٻيا ڪردار انهي سماج جي داخليت ۽ خارجيت واري ٽڪراءُ کي منهن ڏين ٿا. جيتوڻيڪ هڪڙي پاسي اهو به چئي سگهجي ٿو ته اهو سمورو معاملو داخلي ڇڪتاڻ يا Trial and Tribulations جو مسئلو آهي ته اهي ڪردار پاڻ ئي ايئن ٿيا يا سندن ڪردار ايئن هو پر ساڳئي وقت اهو به ڏٺو وڃي ته سماج ۾ ٻيو يا متبادل رستو ڪهڙو هو يا سماج ۾ ڪنهن ڀڳل ٽڪل رانديڪن کي جوڙڻ جو ميڪينزم ڪهڙو هو؟ يا ويتر سماج يا خارجي حقيقتن انهي ڇڪتاڻ کي هٿي پئي ڏني. انهي سموري معاملي ۾ جيڪي نفسياتي Psychological يا ذهني Mental مونجهارا يا مسئلا پيدا ٿيا آهن، اهي جهڙوڪ ساجن جو پٺتي وڃي ماضي ۾ گم ٿي وڃڻ ۽ ماضي جي ناڪاري مسئلن ۽ ڇڪتاڻن تي ويچارڻ کي ميڊيڪل جي دنيا ۾ شيزوفرنيا چئبو آهي جنهن کي هيئن بيان ڪبو آهي Schizophrenia: medial: a mental disorder that is characterized by disturbances in thought (such as delusion), perception (Such as hallucination), and behavior (such as disorganized speech or catatonic behavior), by a loss of emotional responsiveness and extreme apathy, and by noticeable deterioration in the level of functioning in everyday life-called also dementia praecox. 2. Schizophrenia also often involves an inability to orient oneself with reality, a withdrawal from social interactions, and a failure to integrate thoughts with emotions so that emotional expression is inappropriate. There are several sub-types of schizophrenia, including paranoid schizophrenia and those types marked catatonia or hebephrenic (Merriam Webster dictionary).
مٿين تشريح اسان کي ٻڌائي ٿي ته اهي سموريون خاصيتون هن ناول جي تقريبن سڀني ڪردارن ۾ موجود آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي مختلف دورن مان اظهارين به ٿا. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته هن ناول جا ڪردار روايتي هيرو يا پروٽاگونسٽ Protagonist جي بلڪل ابتڙ ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ هيرو اهو تصور ڪيو ويندو هجي ته هيرو ڪنهن ڇوڪريءَ کان غنڊن جي جڪڙ کان بچائيندو، هيرو ظالم سان وڙهي غريبن کي حق وٺي ڏيندو يا پنهنجي خاندان جو وليئن يا ظالم کان بدلو وٺندو. جيڪڏهن هيرو جي وصف اها آهي ته هن ناول ۾ اهي خوبيون موجود نه آهن. پر هيرو رڳو خارجي مامرن سان منهن ڏيندڙ ڇو هجڻ گهرجي؟ خارجي سماجي جوڙجڪ جي ڪري جيڪي اندرين يا داخلي ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، ان کي منهن ڏيڻ بدران رڳو الله سائين تي ڇڏڻ ڏيڻ به ادب پاران سماج جي نمائندگي نه آهي ڇا؟
شيزوفرنيا جي مٿئين وصف ۾ ٽي اهم نقطا اچي ٿا وڃن، جهڙوڪ؛ خيالن ۾ ڀڃ ڊاهه، محسوسات ۽ رويو اچي ٿا وڃن ٿا. اهي ٽيئي شيون ڪنهن نه صورت ۾ سمورن ڪردارن ۾ موجود آهن پر انهن جي اظهار جو نمونو ٻيو ٿي سگهي ٿو. خيالن ۾ ڀڃ ڊاهه يا دوکو ساجن کي ٻالڪپڻ کان ئي ظاهر آهي تو هو اسڪول ۾ ڪيئن هوندو هو يا پنهنجي عام رواجي زندگيءَ ۾ ڪهڙي ريت هلندو هو. اهو سمجهه يا تصور جو دوکو ئي هوندو هو جو ولڻ شاهه جي ڪري ساجن جو ننڍي هوندي پيشاب نڪري ويندو هو جهڙوڪ “ولڻ شاهه جون اکيون ڪنهن غيبات جيان منهنجو پيڇو ڪرڻ لڳيون…مان ايترو ڊڄي ويس جو رات جو پيشاب ڪرڻ لاءِ به نه اٿيس ۽ جڏهن نرا ڦاٽڻ لڳا ته هنڌ ۾ ئي پيشاب وهائي ڇڏيم”. هن ڊسڪرپشن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شيزوفرنيا جا ٻه عنصر موجود هئا هڪ ته سندن سوچ جو دوکو يعني ڊيليوزن ٻيو هاليوسينيشنHallucination به موجود آهي پر هاليوسينيشن جو بهترين مثال گوگول جو ڪتاب پڙهي اهو سمجهڻ ته اهو منهنجي مائٽن منهنجي خلاف لکرايو آهي ۽ ٻيو اهم مثال اهو ته جڏهن ساجن چئي ٿو ته اهو پوڙهو به منهنجي مائٽن سان ملي ويو آهي ۽ منهنجو دشمن آهي. ايئن هاليوسينيشن ۾ ماڻهو هڪڙي ڳالهه کي ٻي ڳالهه ڪري سمجهندو آهي. انگريزي ادب ۾ ان جا تمام گهڻا مثال موجود آهن. ساڳئي وقت هن ناول ۾ ٻين ڪردارن سان موجود آهن.
شيزوفرنيا جو ٽيون اهم مثال رويو آهي جنهن انسان اصلي رشتن يا جذبن جي ابتڙ ٿي سوچيندو آهي بلڪه سماجي طرح انهن لاڳاپن يا رشتن يا انهن سان واڳيل گهربل قدر کي وڃائي ويهي ٿو. جهڙوڪ ناول جي شروعات ۾ جڏهن ساجن چئي ٿو ته “آئون هن ناسي لوسي ڪتي جهڙو ٿي ويو آهيان…” يا اهو چوڻ ته “وڏي ڀيڻ ماءُ برابر هوندي آهي….بڪواس…سڀ بڪواس….!” يا “گهر وارن جي روين کان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم، اها به منهنجي غلطي هئي….انهي تي وڏي ڀيڻ بابا جا ڪتاب چورائي وڪرو ڪرڻ وارو بي بنياد الزام هنيو، ان ۾ به منهنجي غلطي هئي…مون کي ته لڳي ٿو، منهنجي ڄمڻ ۾ به منهنجي ئي غلطي هئي.” ايئن سماجي طور روين کي منهن ڏيندي انسان هڪڙي نقطي تي اچي ردعمل جو رويو اپنائي ٿو جنهن ۾ سموري سماجي لاڳاپن کي هو فضول سمجهي ٿو يا انهن کي اها گهربل سماجي حيثيت نٿو ڏئي. انسان جو اهو رويو اسان کي سکي جي روپ ۾ به ملي ٿو ته ناول کان ٻاهر ٽين جنس پاران هر قسم جي حرڪت جي قبوليت ۽ جواب ۾ جنسي اظهار جو رويو به مشاهدي ۾ آڻي سگهجي ٿو، منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن ٽين جنس جا هڪ ٻه ڪردار به هن ۾ هجن ها ته اهي به پنهنجي سماجي ويڳاڻپ جو اظهار ڪن ها. بهرحال هن ناول جي مک ڪردار ۾ اهو سمورو سماجي لقاءُ ملي ٿو جيڪو شيزوفرنيا جي دائري ۾ اچي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه ته هو ڪنهن به سماجي وهنوار واري روايتي رستي تي فٽ نٿو ٿئي نه هو سماجي رهڻي ڪهڻي جي حوالي سان نه پنهنجي اندر جي سوچ جي حوالي سان ٿئي. مارڪسي تصورِ بيگانگي به انهي ڏس ۾ پروڙي سگهجي ٿي. جهڙوڪ مارڪس سرپلس ويليو جي ڪري مزدور جي ڪارخاني سان سماجي ويڳاڻپ جي ڳالهه ڪئي آهي پر اهو سماجي، نفسياتي، ذهني ۽ اقتصادي به ٿي سگهي ٿي ته سياسي به ٿي سگهي ٿي.
ناول ۾ ٻين اهم تصورن تي آخر ۾ اينداسين پر پهرين شيزوفرنيا تحت ٻين ڪردارن جي حوالي سان به جائزو وٺڻ گهرجي. جنهن ۾ هڪڙو اهم تصور هاليوسينيشين جو مثال ناظم صاحب به آهي جنهن جو تحليل النفسي جائزو ته الڳ اهم موضوع آهي. جيڪو ٽرانس Trans جي تصور تي اسريل ڪيترين ئي تصورن ۽ فلمن سان جهڙوڪ The Woman Inside جيان آهن پر وٽس بي ترتيب خيال ۽ تصور جهڙوڪ گوگول جو وٽس اچڻ يا سگمنڊ فرائيڊ جو وٽس اچڻ آهن. اهي سمورا خيال هڪڙي ذهني يا دماغي بي ترتيبي سماجي ساخت جي ردعمل جو نتيجو آهن. انهن ۾ هر هاليوسينيشن جو هڪ الڳ نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هي خيالن جو بي ربط هجڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو. صرف هڪڙو ئي باب ناظم صاحب جي نئريشن ۾ آهي پر اهو انتهائي رچ ڊسڪرپشن تحت آهي، مطلب ان ۾ ايترا نفسياتي مونجهارا ۽ ڇڪتاڻ ڏيکاريا ويا آهن جو انهن تي الڳ بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. ساڳئي ريت سکي جڏهن ساشيءِ ۽ نائون وارو واقعو بيان ڪري ٿي ته ان ۾ نائون مل انهي ذهني بي ربط جو شڪار ٿي وڃي ٿو جو ڪيتري عرصي تائين گهٽين ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو آهي ته “آئون به ڌرتي جو رهواسي آهيان”…..
(هلندڙ(

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button