پاڪستانسنڌ

شهيد فاضل راهو جي 35 ھين ورسي ملهائي وئي، حق پني نه پر کسي وٺنداسين: قائم علي شاهه

گولاڙچي/ڪڙيوگھنور(رپورٽون: غلام مصطفى ميمڻ/محمد خان مھيري) سنڌ جي ھارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، ايم آر ڊي تحريڪ جي سرواڻ شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 35 ھين ورسي جي سلسلي ۾ کيس خراج عقيدت ۽ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ راھوڪي ۾ جلسو ٿي گذريو. جلسي جي شروعات شھيد عوام محمد فاضل راھو جي مزار تي صوبائي وزير ۽ سندس وڏي پٽ محمد اسماعيل راھو پاران گلن جي چادر چاڙھي ڪئي وئي. جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاھه چيو ته شھيد فاضل جي جدوجھد پنھنجي خاندان ۽ شان لا نه ھئي پر شھيد فاضل جي جدوجھد غريب، مسڪين ۽ بي پھچ عوام لا ھئي. قائم علي شاھه چيو ته شھيد جي آواز کي دٻائڻ لا وقت جي آمرن ڪوششون ڪيون پر فاضل مشڪل وقت ڪٽيا، جيلن ۾ ويو پر پنھنجي جدوجھد تان ھٿ نه کنيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري، شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شھيد فاضل راھو جي تصوير آھي. هن چيو ته عوام جي خدمت لا بلاول چترال ھجي يا آزاد ڪشمير ھجي ھر جڳھه تي پھچي عوام جي خدمت ڪري رھيو آھي. قائم علي شاهھ چيو ته موجوده حڪمران ايوب خان جي سليڪٽڊ حڪمرانن جي باقيات آھن. هن چيو ته اسان نه ڪڏنھن سنڌ جي حقن تان ھٿ کنيو آھي نه کڻنداسين. هن چيو ته عمران خان اقتدار جي نشي ۾ ڌت آھي. هن چيو ته 27 فيبروري تي بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ عمران خان کي نشي مان ٻاھر آڻينداسين. هن چيو ته سنڌ ھر مزاحمت ۾ اڳڀري ھوندي آھي ۽ 27 فيبروري جي ڏينھن پڻ سنڌ پپلزپارٽي جي شڪل ۾ مزاحمت جي ھڪ نئين تاريخ رقم ڪندي ۽ اسان پنھنجو حق پني نه پر کسي وٺنداسين.

راهوڪي: سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ورسي تقريب کي خطاب ڪندي

پپلزپارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراھه چيو ته جيڪي ماڻھن قوم جي خدمت ڪندا آھن، ھو ھميشه غريب عوام جي دلين ۾ زندھه رھن ٿا. جنھن جو مثال شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد فاضل راھو آھن. هن چيو ته اڄ راھوڪي جي ڌرتي ۾ ھزارين غريب ۽ ڌٿڙيل عوام جي شرڪت شھيد سان عقيدت جو اظھار آھي. هن چيو ته آمريت جي ڪاري دور ۾ جنھن آمر اسان جي ذوالفقار ڀٽو ۽ فاضل کي شھيد ڪرايو اڄ ان آمر جي قبر کي جانورن پنھنجو آماجگاھه ٺاھيون ويٺا آھن. جڏنھن ته شھيدن جي قبرن تي عوام جا ميڙا آھن. هن چيو ته پاڪستان پپلزپارٽي لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس جي نئين بل ذريعي سنڌ جي ٻهراڙين کي مضبوط ڪرڻ چاھي ٿي پر ايم ڪيو ايم سميت سنڌ دشمن پارٽين طرفان واويلا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ارڙھين ترميم تي راتاھو ھڻي رھي آھي. هن چيو ته سليڪٽڊ حڪمران ملڪ کي تباھي جي آخري ڪناري تي پھچائي ڇڏيو آھي.

راهوڪي: شهيد فاضل راهو جي 35 هين ورسي جي موقعي تي جلسي ۾ گڏ ٿيل عورتن ۽ مردن جو ميڙ

صوبائي وزير اسماعيل راھو ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شھيد فاضل راھو پنھنجي پوري حياتي غريب ۽ مسڪين عوام جي حقن جي حاصلات لا ارپي ڇڏي. هن چيو ته شھيد فاضل راھو بدين جي عوام سميت سنڌ جي حقن لا۽ پاڻ پتوڙيو. هن چيو ته ارڙھين ترميم صوبائي خودمختياري شھيد فاضل راھو جو خواب ھو، جنھن جي تڪميل آصف علي زرداري ڪئي. هن چيو ته سنڌ کي مضبوط ڪندڙ لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ھلندڙ پارٽيون جيڪي پنھنجي پاڻ کي سنڌ جو ترجمان سڏائيندڙ آهن، اهي مني بجيٽ جيڪو عوام دشمن بجيٽ آھي ان خلاف آواز اٿارڻ جي جرئت ڇو نٿا ڪن. اسماعيل راھو چيو ته بدين سان تعلق رکندڙ شخص جيڪو پاڻ کي پاڻمرادو شير سنڌ سڏائيندو آھي، اڄ سنڌ ۾ پاڻي ۽ ڀاڻ جي بدترين کوٽ سميت چشمه لنڪ ڪينال تي ڇو ستو پيو آھي. هن چيو ته شير سنڌ جيڪو ايم ڪيو ايم کي سنڌ دشمن سمجھندو ھو، اڄ سنڌ جي دشمنن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلي رھيو آھي. هن چيو ته ملڪ جي موجوده حالتن لا لازمي آھي ته سليڪٽڊ حڪمران جو خاتمو ٿئي. ورسي تقريب کي صوبائي صلاحڪار پير نور الله قريشي، حاجي رسول بخش چانڊيو، غلام قادر پليجو، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، حميدہ گهانگهرو، شھناز راھو، ايم پي اي تاج محمد ملاح، ذوالفقار شاھه، مير الھه بخش ٽالپر، پير امجد شاھه، اسلم راھو، پ پ ضلعي بدين جي اڳواڻن محمد رمضان چانڊيو، سائين بخش جمالي، حاجي عبدالغفور ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. سنڌ جي ناليواري راڳي الھڏنو جوڻيجو گيت ڳائي تقريب کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button