پاڪستانسنڌ

ڳاڙهو لڳ بااثر ماڻهن ۽ ڪيٽي بندر پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڳاڙھو: ڳاڙهو لڳ ڪيٽي بندر جي ڳوٺ مورڇڏائي جي رهواسي عورتن ۽ مردن مقامي بااثرن خلاف مين نيشنل ھا وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيٽي بندر-ڳاڙهو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي عبداللطيف، عبدالقادر، گلزار خاصخيلي، حاجران، فاطمه ۽ بين ٻڌايو ته رحمت الله ملڪاڻي، عارب شولاڻي ۽ ٻين نشي جي حالت ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪاھي پيا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪيو.

هنن چيو ته اسان ٻگھاڻ پوليس وٽ وياسين ته پوليس بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسان مجبور ٿي احتجاج ڪيو آهي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته ٻگھاڻ پوليس بااثر ماڻهن جي ونگاري آھي، جيڪا اسان جو فرياد نٿي ٻڌي ۽ ڌر بڻيل آهي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪيٽي بندر ٻڌايو ته ماڻهو ٿاڻي تي نه آيا آهن، ھنن اوچتو رستو بلاڪ ڪيو آھي. مون وٽ اچن ته ايف آئي آر داخل ڪريان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button