رانديون

نادر علي مگسي ٿر ڊيزرٽ جيپ ريلي پنهنجي نالي ڪري ورتي

مٺي: مير نادر علي خان مگسي ٿر ڊيزرٽ جيپ ريلي پنهنجي نالي ڪري فتح کي برقرار رکيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار ارباب لطيف الله جي ذاتي ڪوششن سان 10 سالن بعد ٿر ڊيزرٽ جيپ ريلي منعقد ڪئي وئي، مير نادر علي خان مگسي پروفيشنل رائونڊ ۾ پنهنجي برتري برقرار رکي.

مير نادر مگسي پنهنجي ساٿي ڊرائيور نصرت علي سان گڏ 120 ڪلوميٽر جو فاصلو هڪ ڪلاڪ 7 منٽ 56 سيڪنڊن ۾ پورو ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران 6 لک رپيا انعام ۽ ٽرافي وصول ڪئي. ٻي پوزيشن شهزادا سلطان پنهنجي ساٿي ڊرائيور سلطان صفدر علي سان گڏ هڪ ڪلاڪ 13 منٽ 50 سيڪنڊن ۾ ۽ ٽين پوزيشن چوڌري خرم پنهنجي ساٿي ڊرائيور طاهر محمود سان گڏ هڪ ڪلاڪ 22 منٽ 13 سيڪنڊن ۾ حاصل ڪئي.

بي ڪيٽيگري ۾ نعمان سرنجام پهرين، ايم بلال عاشق ٻي ۽ گوهر اسلم سانگي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته سي ڪيٽيگري ۾ پهرين پوزيشن رفيق ڀرچنڊي، ٻي پوزيشبن ايم علي شاهه ۽ ٽين پوزيشن منيب جھنڊو حاصل ڪئي. 6 لک 60 هزار روپيا ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون، ٻئي پوزيشن وارن کي 4 لک 4 هزار روپيا ۽ ٽرافيون، جڏهن ته ٽين پوزيشن کي اڍائي لک روپيا ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button