ويٽنام جو انقلابي سرواڻ ڪامريڊ هوچي منهه ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪندو هو. هن ايتري گهڻي شاعري نه ڪئي آهي، پر هن جي جيتري به شاعري آهي، ان ۾ هڪ ڪڏهن به نه وسري سگهندڙ احساس سمايل آهي. هن جو هڪ شعر رات جي وقت جيل ۾ ستل قيدين تي آهي. پر هن وقت پاڻ جنهن شعر جو ذڪر ڪريون ٿا، اهو شعر شهري ماڻهن جي ان آرٽسٽڪ ذوق تي آهي، جنهن جو بنياد غريب ماڻهن جي غربت آهي. هوچي منهه جو اهو شعر مون کي ان وقت شدت سان ياد ايندو آهي، جڏهن مان امير ماڻهن جي بنگلن ۾ اهي پينٽنگس ڏسندو آهيان، جن ۾ ٿري عورتن جي مٿن تي ٻه ٻه گهڙا رکيل ڏيکاريا ويندا آهن. ان وقت مان سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن ان شخص جي مٿان پاڻيءَ جا ٻه دلا ڀري رکيا وڃن ته ان مهل هن جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟
بورجوا ڪلاس غريبن جي غربت کي جڏهن ڪلچر جي نالي ۾ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن هن جو جرم تمام گهڻو تلخ ٿي ويندو آهي. هوچي منهه جو شعر ان موضوع تي آهي. ڪامريڊ هوچي منهه لکيو آهي:
”سموري رات مينهن وسندو رهيو
ڪکن پنن جي جهوپڙي پسندي رهي
ٻارن وٽ ڪجهه کائڻ لاءِ به نه هو
جڏهن صبح جو ڏکويل امڙ
آليون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ته
هن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي ويون
جهوپڙيءَ مان نڪرندڙ دونهين جو منظر
شهري بابوءَ کي تمام گهڻو پسند آيو
هن جهٽ پٽ پنهنجي ڪيمرا سان
تصوير ڪڍي ورتي
شهر جي ماڻهن لاءِ تحفي جهڙي“
ويٽنام جي سادي سودي ۽ املهه انقلابيءَ جو اهو شعر مون کي ٿر جي ياترا ڪندڙ امير ماڻهن جو اسٽائيل ڏسي سدائين ياد ايندو آهي.
اهو شعر مون کي هن ڀيري به ياد آيو. هن ڀيري جڏهن واريءَ ۾ فورويل ڊرائيو گاڏين جي ريس جون تصويرون سوشل ميڊيا تي لائيڪ ۽ شيئر ٿينديون رهيون.
گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير ٿر جي ان منظر کان لطف اندوز ٿيندي، جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن ۾ ٿر جي غربت کي ختم ڪرڻ جا اهي پاروٿا اعلان به شامل آهن، جن کي ٻڌي ٿر جي ماڻهن هاڻي کلڻ به ڇڏي ڏنو آهي. هونءَ به بار بار ساڳي پراڻي لطيفي جو رينگٽ کلڻ بدران روئڻ جو ڪارڻ بڻجي پوندو آهي. ٿر جي ماڻهن سان حڪمران طبقي جي زيادتيءَ جي تاريخ تمام گهڻي طويل آهي. هن وقت تائين ٿر جي ماڻهن کي آزارڻ وارا اعلان ٿيندا رهن ٿا. هن ڀيري به سنڌ جي سي ايم چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو ٿري ماڻهن جو آهي. جنهن ڪوئلي جي ڪري سنڌ جي نام نهاد ضمير جا صرف هٿ ئي ڪارا نه ٿيا آهن، ان ڪوئلي سبب ٿر جي ماڻهن جا صديون پراڻا ڳوٺ ختم ڪيا ويا آهن ۽ ٿر ۾ هن مهل ماحولياتي آلودگي سبب زندگي زهر بڻجي رهي آهي. ٿر جي ڪوئلي سان جيڪا بجلي پيدا ٿئي ٿي، اها ٿر ۾ موجود تاريڪيءَ کي ختم نه ٿي ڪري. اها ملڪ جي ٻين صوبن جي ترقيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي. سنڌ جو وزير اعليٰ پوءِ به ڪمال جي اداڪاري ڪندي چوي ٿو ته ”ٿر ۾ خوشحالي آڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي“
فيض احمد فيض لکيو آهي:
”ڪڇ چاره گرون ڪو اپني چاره گري سي گريز ٿا
ورنه هماري درد بهت لادوا نه ٿي“
جيڪڏهن حڪمران طبقا ٿر مان غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ سچي دل سان ڪوشش ڪن ها ته هن وقت ٿر جا اهڙا حال نه هجن ها. ڇا ٿي پيو جيڪڏهن ٿر ۾ پاڻيءَ جي بازيابي مشڪل آهي! هن سائنسي دور ۾ جيڪڏهن سرڪار سچي ٿئي ته اها ٿر کي سنڌ جو مثالي ماڳ بڻائي سگهي ٿي. اصل ڳالهه عملن جي نه پر نيتن جي آهي. حڪمرانن جي نيت ئي ناهي ته ڪو ٿر ترقي ڪري. حڪمرانن سدائين ٿر جي ماڻهن کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. حڪمرانن سدائين ٿر جي ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي. ٿر تي حڪمرانيءَ جي تاريخ جبر جي تاريخ آهي.
سنڌ جي حڪمرانن کي معلوم آهي ته ٿر جا ماڻهو بنيادي طور تي سادا، اٻوجهه ۽ سياسي طور تي سخت مزاج رکڻ وارا ناهن. سنڌ جي حڪمرانن کي معلوم هجي ته ٿر جا ماڻهو پنهنجن حقن جي لاءِ احتجاج به ڪري سگهن ٿا ۽ حڪومتي حلقن ۾ پريشاني پکيڙي سگهن ٿا ته ٿر جا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ سرڪار جي پنهنجو پاڻ ترجيح بڻجي ويندي. ٿر مان حڪمرانن کي ڪو خوف ڪونهي. انهن سدائين ٿر جي ماڻهن کي واريءَ وانگر لتاڙيو آهي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي محسوس ٿئي ها ته ٿر جا ماڻهو پنهنجي سرزمين جو استحصال ڪرڻ نه ڏيندا ته ڇا سالن کان وٺي ٿر جي خوبصورت پهاڙ ڪارونجهر جي ڪٽائي ٿيندي رهي ها؟ هن وقت به جيڪڏهن ڪارونجهر جي ڪٽائيءَ جو ڪم بند ٿيو آهي ته ان جو سبب سنڌ سرڪار نه پر عدليا آهي. جڏهن سنڌ سرڪار جو پنهنجو مفاد آڏو ايندو آهي ته اها عدليا جي آڏو به رڪ جي ديوار بڻجي کڙي ٿي ويندي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ سرڪار جي نظر ۾ ڪارونجهر پهاڙ جهڙو قدرت جو حسين تحفو ڊاڪٽر عاصم جيترو به اهم نه هو. سنڌ سرڪار احتساب جي وڪڙ ۾ آيل ڊاڪٽر عاصم جي لاءِ ڪيترو پريشان هئي؟ جيترو سنڌ سرڪار ڊاڪٽر عاصم جي لاءِ پتوڙيندي هئي، جيڪڏهن ان جي اڌ جيتري پتوڙ اها ڪارونجهر پهاڙ لاءِ ڪري ها ته ڪارونجهر جي حفاظت سدائين سنڌ حڪومت جي لاءِ تاريخ ۾ تحرير ٿي هجي ها پر سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو. اردو ٻوليءَ جو مشهور پهاڪو آهي ته ”ڪارائيءَ ۾ پيل ڪنگڻ کي ڏسڻ لاءِ آئيني جي ڪهڙي ضرورت؟“ سنڌ سرڪار جي ترجيحن ۾ ٿر جي حسن جي حفاظت هجي ها ته ڪارونجهر کي بارود سان ٽڪرا ڪرڻ واري ڪارروائي ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏني وڃي. ٿر جيڪڏهن دردن جو گهر بڻيل آهي ته اهو قدرت جو قصور نه پر سنڌ سرڪار جو جرم آهي.
سنڌ جي وڏي وزير ٿر کي دنيا جو حسين ڊيزرٽ ڪوٺيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وارياسن پٽن جو پنهنجو الڳ حسن هوندو آهي ۽ ساون گاهن سان جهنجهل پهاڙن جو پنهنجو الڳ حسن هوندو آهي پر جهڙي طرح شيخ اياز لکيو آهي:
”آهي هر ڪنهن ساهه کي ڳڀي جي ڳولا
ڍوَ بنان ڍولا، ناهي ساڃهه سونهن جي“
ٿر حسين آهي، تمام گهڻو حسين آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٿر واسيءَ جي اکين سان ڏسبو ته ٿر اڃان وڌيڪ خوبصورت نظر ايندو پر سوال اهو آهي ته ٿر جا ماڻهو ڏينهن جو سج جي ڪرڻن ۽ رات جو چانڊوڪيءَ جي جهرڻن ۾ چمڪندڙ واريءَ جي ڀٽن سان ته پيٽ ڀري نه ٿا سگهن. ٿر ۾ جڏهن به ڪو ٻار بيمار ٿيو آهي ته ان جو وڏو ڪارڻ ماءُ جي ڪمزوري آهي ۽ ماءُ جي ڪمزوريءَ جو مطلب مناسب خوراڪ ناهي. ٿر جي ماڻهن کي سونهن کان اڳ ۾ ساهه جي تحفظ لاءِ مانيءَ جو ڳڀو گهرجي.
سنڌ سرڪار ته سنڌ سرڪار پر ٿر جي مظلوميت جو راڳ ڳائيندڙ وفاقي حڪومت وٽ به ٿر جي لاءِ اهڙو ڪجهه نه رهيو آهي، جنهن تي شڪر جا ٻه لفظ ادا ڪري سگهجن. حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ٿري ماڻهن جي مظلوميت کي ياد ڪري وزير اعظم عمران خان پنهنجي نام نهاد ”صحت ڪارڊ“ جو افتتاح ٿر مان ڪيو پر اهو اعلان به ٿر جي بک ۽ ڏک تي هڪ چٿر سمان هو. هڪ ته صحت ڪارڊ سهڪار گهٽ ۽ سرڪاري پروپيگنڊا وڌيڪ آهي. ٻيو ته ٿر جي ماڻهن جي بيمارين جو بنيادي سبب بک آهي. حڪمران هيٺيان هجن يا حڪمران مٿيان هجن، انهن کي بيماريءَ جا سبب ختم ڪرڻ جي ڪا پريشاني ڪونهي. ٿر ۾ جيڪڏهن خوشحالي اچي وڃي ته ٿر ۾ ماڻهو بيمار ئي گهٽ ٿين. ان صورت ۾ انهن کي دوا دارونءَ جي ڪا ضرورت نه رهندي ۽ جيڪڏهن رهندي ته ان جو بندوبست هو پاڻ ڪري وٺندا.
ٿر ۾ خوشحالي پنهنجا پير ڪهڙي طرح کوڙي سگهي ٿي؟ اهو ڪو اهڙو سوال ڪونهي، جنهن جو جواب نه هجي. ٿر ۾ خوشحاليءَ جا سوين جواب ٿي سگهن ٿا. دنيا جي هر رڻ پٽ ۾ ترقيءَ جو رستو الڳ رهيو آهي. سنڌ جي ٿر ۾ ترقيءَ جو ڪهڙو ماڊل ڪم ڪري سگهي ٿو؟ ان سلسلي ۾ الڳ تحقيق جي ضرورت آهي. پر اهو مسئلو صرف تحقيق سان حل ٿيڻ جو ناهي. ان جي لاءِ ٺوس عملي اپاءَ گهربل هوندا ۽ ان ڪم جي نگرانيءَ لاءِ ٿر جي ماڻهن کي تيار ڪيو ويندو ته اهو ڪم ٿيندو. جيڪڏهن ٿر جي ترقيءَ جو ٺيڪو وري به سنڌ سرڪار پنهنجن ڪرپٽ ڪمدارن کي ڏيندي ته ٿر جي ماڻهن جي حصي جي خوشحالي انهن سرڪاري ٺيڪيدارن جي خاندانن ۽ گهرن ۾ گم ٿي ويندي.
ٿر سان هن مهل تائين اها بي انصافي ٿيندي رهي آهي. ٿر جا غريب ماڻهو وقت سان گڏ وڌيڪ غريب ۽ ٿر جا امير ماڻهو وقت سان گڏ وڌيڪ امير ٿيندا رهيا آهن. ٿر عوامي سطح تي هڪ مظلوم علائقو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ٿر ۾ هن مهل به غريب ماڻهو قرضن سبب پريشان ٿي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻيندا رهيا آهن. ٿر ۾ امن آهي پر ٿر ۾ انصاف ناهي. ٿر انصاف کان سواءِ سرزمين جو نهايت نهوڙيندڙ مثال آهي. ٿر جي ماڻهن کي مال نه گهرجن. ٿر جي ماڻهن کي ڀلائيءَ جا ڀال نه گهرجن. ٿر جي ماڻهن کي جيڪڏهن ڪجهه گهرجي ته انصاف گهرجي. ٿر جا ماڻهو سادگيءَ واري زندگيءَ جا عادي آهن. انهن جو کاڌو، انهن جو پاتو ۽ انهن جا گهر سادا ٿين ٿا. پيپلز پارٽي هن مهل به ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ جا نعرا ته هڻندي رهي آهي پر هن ٿر جي غريب ماڻهن لاءِ ان سلسلي ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. جڏهن ته ٿر جي ماڻهن جون ڪي وڏيون فرمائشون به ناهن. ساڳي طرح سان ”انصاف“ جي نالي ۾ ملڪ جي مٿان حڪومت ڪندڙ عمران خان به ٿر جي عوام کي نالي ماتر انصاف به نه ڏنو آهي. ٿر صدين جي سفر سبب ٿڪل سرزمين آهي. هن کي ڪنهن به دور ۾ ٿڪ لاهڻ جو موقعو نه مليو آهي. آخر اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟ جڏهن ٿر پنهنجي ليارن وانگر مرڪندو! اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟ جڏهن ٿر پنهنجا صدين جا ٿڪ لاهڻ لاءِ ڪارونجهر جي پاڇي هيٺ پرسڪون ننڊ ڪندو!!