ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ مهانگي ايل اين جي ڇو خريد ڪري؟

Editorial

پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ نه رڳو پاڻ هڪ بحراني صورت ۾ آهي پر ان بحران مٿان بحران کي جنم پڻ ڏنو آهي. ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته اها ڪنهن به بحران کي حل ڪرڻ جي اهليت نٿي ڪري بلڪه ان بحران کي وڌيڪ خراب ڪري رهي آهي. بجلي، پيٽرول، کنڊ گيس بحران هاڻوڪي حڪومت جا ڏنل تحفا آهن. پر انهن سڀني بحرانن جي ڪري عوام گهڻو لوڙيندو رهندو آهي. اهڙي ريت سيارو اچڻ شرط ئي ملڪ ۾ گيس جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. پهرين ته چيو ويو ملڪ ۾ عوام کي رڳو ٽي وقت گيس فراهم ڪئي ويندي، اهي ٽي وقت ماني پچائڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا پر ان کان پوءِ به ڪئين ڪئين ڪلاڪ گيس جي لوڊشيڊنگ جاري آهي. تنهنڪري اهو سلسلو به عوام کي پريشان ڪري رهيو آهي.
جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ڪنهن به بحران کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي ته ان کي اهو قبولڻ گهرجي ته ان وٽ اهڙي ٽيم ناهي، جيڪا بحرانن کي حل ڪرڻ جي اهل هجي. هڪ پاسي گيس جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون ۽ ٻئي پاسي اها گيس به ماڻهن کي ڪانه پئي ملي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي حڪومت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي ۽ اها مسئلن کي اينگهائڻ پڻ چاهي ٿي. سنڌ ۾ هاڻي نوان ڪنيڪشن قدرتي گيس بدران ٻاهران گهرايل ايل اين جي مان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايل اين جي بنهه گهڻي مهانگي آهي، جنهن کي عام ماڻهو ڪنهن به ريت افورڊ نٿو ڪري سگهي پر تنهن هوندي به حڪومت عوام کي اها مهانگي گيس خريد ڪرڻ يج مجبور ڪري رهي آهي. جنهن مان حڪومت جي بي حسيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب سئي سدرن گس ڪمپني طرفان سنڌ ۾ ھاڻي نيون اسڪيمون ۽ ڪنيڪشن قدرتي گئس بدران امپورٽ ڪيل ايل اين جي مان ڏنا پيا وڃن، ايل اين جي گئس قدرتي گيس جي ڀيٽ ۾ 100 سيڪڙو مھانگي آھي. ڪمپني جي ھڪ اعليٰ آفيسر آف دي رڪارڊ ٻڌايو ته ايل اين جي جو في يونٽ 80 روپين جو ھوندو ۽ ڊمانڊ نوٽيس 6 ھزار جي جا تي 18 ھزار روپيا ڪيو ويو آھي، سنڌ ۾ گيس پيدا ٿي رھي آھي پوء زبردستي امپورٽ گيس ڇو۽ اھا 109 سيڪڙو مهانگي آھي ان آفيسر موجب ھاڻي جيترن به نون پراجيڪٽ ۾ ڪنيڪشن لڳندا اھي ايل اين جي مان ڏنا ويندا بلڪ ان فيصلي تحت سنڌ ۾ ڪيترين ئي نئين ڪالونين ۽ پلازا ۾ ايل اين جي واري گيس ڏني وئي آھي. 18 آئيني ترميم کانپوءِ قدرتي وسيلن تي پھريون حق ان صوبي جو ھوندو جتان اھا قدرتي شي نڪري رھي آھي. ان حساب سان قدرتي گيس تي پھريون حق سنڌ صوبي جو آھي ايل اين جي اتي کپائي وڃي جتي قدرتي گيس ناھي، سنڌ جو عوام حيران آھي ته سنڌ حڪومت ان آئيني ڀڃڪڙي ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلي تي لڳل ڌاڙي تي خاموش ڇو آھي؟ سنڌ ۾ گيس جا ذخيرا سڄي ملڪ کي گيس فراهم ڪندا رهيا آهن پر هن وقت تائين ڪڏهن به سنڌ جي خيرخواهي کي قبول نه ڪيو ويو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي ملڪ جا ٻيا صوبا ڀلي لٺ هڻندا رهن پر ان تي ڪو به اعتراض نه واريو ويندو، جيڪو صوبو ملڪ کي قدرتي گيس فراهم ڪري ٿو، ان کي وري ايل اين جي فراهم ڪئي ويندي. سنڌ جو ماڻهو پنهنجي گيس هوندي به مهانگي ايل اين جي ڇو خريد ڪري ۽ حڪومت اهو فيصلو ڪنهن به ريت سنڌ جي عوام مٿان مڙهي نٿي سگهي. ايل اين جي کي اتي وڪرو ڪيو وڃي، جتي قدرتي گيس نٿي پهچي يا اتي ڪي به اهڙا ذخيرا نه آهن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي ماڻهن کي زوري ايل اين جي ڏيڻ انهن سان ناانصافي آهي. ان ڪري جو سنڌ هن وقت به پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ گيس پيدا ڪري رهي آهي پر ان جو استعمال سنڌ کان ٻاهر ڪيو پيو وڃي. ارڙهين ترميم ۾ به اهو ڄاڻايل آهي ته قدرتي وسيلن تي پهريون حق اتان جي مقامي ماڻهن جو آهي، ان ڪري سنڌ ۾ جتان جتان به گيس نڪري رهي آهي، ان تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي، ان کان پوءِ جيڪا گيس بچت ۾ آهي، اها جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي ڏيڻ چاهي ٿو ته ڀلي ڏئي. پر جيڪڏهن وفاق زوري ايل اين جي خريد جي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي ته اها آئيني ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جا ماڻهو سستي گيس جي ڀيٽ ۾ ڪنهن به ريت مهانگي گيس خريد نه ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button