اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردي واقعا شروع ٿي ويا،الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي:شيخ رشيد

اسلام آباد : وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالهه ڪراچي ڪمپني وٽ چوري ۽ يا ڌاڙو نه لڳو پر دهشتگردي جو واقعو هو.سگنل مليو آهي ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن. اسلام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اهو چوري يا ڌاڙي جو واقعو نه آهي، دهشتگردن فائرنگ ڪئي آهي. اسان کي هڪ قسم جو سگنل مليو آهي ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن. اهو هن سال جو پهريون واقعو آهي اسان کي گھڻو الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻنهي جوابدارن پهچي ويا آهيون، موٽرسائيڪلن سان کين ٽريس ڪيو ويو آهي. پوليس پنهنجي جان ڏئي ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان جي سموري فورس پاڪستان جي حفاظت لاءِ جن جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button