اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وائرس جا 5 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ،10 ڄڻا فوت

اسلام آباد : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب پاڪستان ۾ روزاني رڪارڊ ٿيندڙ ڪرونا ڪيسن جو انگ چئن مهينن کان پوءِ 5 هزار کان ٽپي ويو آهي. 8 آگسٽ 2021ع تي پاڪستان ۾ 5 هزار 661 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 53 هزار 253 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 5 هزار 34 ڪيس سامهون آيا ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 9 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 29 هزار 29 ٿي ويو آهي. نون ڪيسن جي واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ ڪرونا جي فعال ڪيسن جو انگ 39 هزار 881 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته 827 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ان کانسواءِ وڌيڪ هڪ هزار 125 ڄڻا ان وائرس مان صحتياب ٿيڻ ۾ ڪامياب رهيا ۽ گڏيل طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 12 لک 64 هزار 611 ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button