رانديون

سرفراز ڪاوڙ ڪئي ته گرائونڊ کان ٻاهر ري ايڪشن ڏيندس:شاهد آفريدي

ڪراچي :اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان ۽ مشهور آل رائونڊر شاهه خان آفريدي چيو آهي ته سرفراز ڪاوڙ ڪئي ته گرائونڊ کان ٻاهر ري ايڪشن ڏيندس. پي ايس ايل سيون ملتوي ڪئي وڃي يا وري وري واڌ رانديگرن سان گڏ ايوينٽ ڪرائڻ ممڪن بڻايو وڃي. اٽل فيصلو آهي ته پي ايس ايل سيون منهنجو آخري ايڊيشن هوندو. ڪالهه ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته آئون واعدي موجب هلندڙ سال ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو حصو بڻجي ويو آهيان. سرفراز احمد منهنجو فيورٽ ڪپتان آهي، سرفراز فيلڊ ۾ جان لڳائيندو آهي جيڪو مون کي پسند آهي. سرفراز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سان گڏ کيڏڻ جي خوشي آهي، ڪوشش هوندي ته ڪوئيٽا کي جيترو ويڙهائي سگھان ويڙهايان. هن چيو ته ان کان اڳ سرفراز احمد جي قيادت کي سٺي انداز ۾ سامهون نه آندو ويو، ڪوشش ڪنداسين ته سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن کي موٽ ملي. سينيئر رانديگر طور ٽيم کي وڙهڻ سيکاريندس، ڪوشش هوندي ته گھٽ کان گھٽ غلطي ڪئي وڃي، رانديگرن کي ڪپتان جي گيم پلان تي عمل ڪرڻو پوندو. ڪپتان کي ڪاوڙ اچڻ قدرتي عمل آهي، سرفراز کي هن جي پنهنجي اسٽائل سان کيڏڻ ڏيندس پر ان سان گڏ ڪپتان کي اهو محسوس نه ٿيڻ ڏيندس ته آئون پوڙهو ٿي ويو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button