رانديون

ٽنڊولڪر، ونود ڪمبلي سان گڏ جوانيءَ جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي

ممبئي: ليجنڊ ڀارتي بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيٽر ونود ڪمبلي سان گڏ جوانيءَ جي تصوير شيئر ڪئي آهي. مداح هن تصوير کي ڏسي حيران ٿي ويا ۽ هي ٻئي ڪير آهن ڇو ته ٻنهي ليجنڊز کي سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو هو. سچن ٽنڊولڪر پنهنجي دوست ونود ڪمبلي جي سالگرهه جي موقعي تي اها تصوير شيئر ڪئي، جنهن تازو ئي پنهنجي 50 هين سالگرهه ملهائي هئي.

سچن ٽنڊولڪر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته سالگرهه مبارڪ ڪمبلي! مون کي هميشه ياد رهنديون اهي بيشمار يادون جيڪي اسان وٽ ميدان تي ۽ ٻاهر آهن، هن پڇيو “توهان کان ٻڌڻ جو منتظر آهيان 50 سالن جي ڄمار ۾ ڇا محسوس ٿئي ٿو، هميشه خوش رهو!”.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button