رانديون

بابر اسان جو ارطغرل ۽ اسان هن جا سپاهي آهيون: شاهين شاهه آفريدي

لاهور: پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي، قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کي ترڪي سيريل ارطغرل غازي جو مرڪزي ڪردار قرار ڏنو آهي. شاهين آفريدي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مان، وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان هميشه بابراعظم کان پڇندا هئاسين ته اسان کي ٻڌايو ته ڇا ڪجي ڇو ته هو اسان جو ارطغرل غازي آهي ۽ اسان سندس سپاهي آهيون. هن چيو ته آءِ سي سي ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر ڪي ايل راهول جي وڪيٽ منهنجي ڪيريئر جي بهترين وڪيٽن مان هڪ آهي.

پاڪ-ڀارت ميچ جي حوالي سان نوجوان فاسٽ بالر چيو ته ميچ کان اڳ عجيب ماحول بڻجي ويندو آهي ته هي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ آهي. روهت شرما کي آئوٽ ڪرڻ بابت سوال تي شاهين آفريدي چيو ته روهت خلاف پلاننگ سان بالنگ ڪئي، مون کي خبر هئي ته هو عامر خلاف سوئنگ بال تي آئوٽ ٿيو، جنهن جو مان به فائدو ورتو. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڀارت خلاف جڏهن به موقعو مليو ته سٺو ڪم ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button