لاهور: پاڪستاني فاسٽ بالر وهاب رياض جو چوڻ آهي ته آسٽريليا کي پنهنجي سمورن سپر اسٽار رانديگرن تي ٻڌل ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري لاءِ موڪلڻ گهرجي. آسٽريلوي ٽيم 1998ع کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورو ڪندي، جتي ٽي ٽيسٽ، ٽي ون ڊي ۽ هڪ ٽي-ٽوئنٽي ميچ کيڏندي.
پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ستين ايڊيشن کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ وهاب رياض چيو ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا کي پنهنجون بهترين ٽيمون پاڪستان موڪلڻ گهرجن، جيڪي تازو ختم ٿيل ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪيون ويون هيون. هن چيو ته هاڻوڪي دور ۾ اها ڳالهه عام ٿي وئي آهي ته جڏهن به اسان کيڏڻ لاءِ ويندا آهيون يا ٽيمون پاڪستان اينديون آهن ته انهن ۾ ڪڏهن به فرسٽ چوائس رانديگر شامل نه هوندا آهن. فاسٽ بالر چيو ته ڪمرشل نقطه نظر کان اها ڪا خراب ڳالهه ناهي پر نوجوانن جي ترقي ۾ رنڊڪآهي ڇو ته انهن کي معياري رانديگرن خلاف مقابلي جو موقعو نه ٿو ملي.