رانديون

پي سي بي، پاڪ-آسٽريليا سيريز هڪ ئي هنڌ ڪرائڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪ-آسٽريليا سيريز هڪ ئي هنڌ ڪرائڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آسٽريليا خلاف سيريز کي هڪ جڳهه تي ڪرائڻ جي تجويز غور هيٺ ناهي، ان ڪري آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچون ڪراچي، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ ئي ڪرايون وينديون.

پي سي بي جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ لاءِ 19 ڏينهن تائين هڪ جڳهه کي منظم ڪرڻ ممڪن ناهي، ان ڪري هو ٽنهي جڳهين تي محفوظ ۽ سيڪيور ماحول جا انتظام ڪري رهيا آهن. پي سي بي چيو آهي ته ميچن ۾ تماشائين جي شرڪت بابت فيصلو اين سي او سي کي ڪرڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button