بنگلاديش پريميئر ليگ جي جاري مقابلن دوران 13 ميچ ۾ ڪاميلا وڪٽورين مخالف ٽيم چٽوگرام چيلنجرز کي 52 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪاميلا وڪٽورين جي ٽيم پهرين کيڏندي 3 وڪيٽن تي 183 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ چٽوگرام چيلنجرز18 اوور ۾ 131 ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ان کان اڳ ڪاميلا وڪٽورين جي بيٽر فاف ڊوپليسي 3 ڇڪن ۽ن 8 چوڪن جي مدد سان 83 رنسن جي جارحاڻي اننگ کيڏي، ڪيمرون ڊيلپورٽ 51 ۽ لٽن داس 47 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ چٽوگرام جي ول جيڪس 74 رنسون ڪيون، 8 بيٽر ڊبل فگر ۾ بھ نھ اچي سگهيا. ڪاميلا وڪٽوريا جي بالرن ناهيد اسلام 3، مسفضر رحمان، تنوير اسلام ۽ صهيد الاسلام 2،2 وڪيٽون ورتيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close