ڪراچي ۾ پاڪستان جي ويمن قومي ٽيم جي رانديگرياڻين جي ٽريننگ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪپتان بسما معروف کين ٽپس ڏنا آهن. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ۾ 9 فيبروري کان شروع ٿيندڙ ويمن ورلڊ ڪپ کان ڪجهه ڏينهن اڳ رانديگرياڻين کي ڪراچي آندو ويو آهي، جتي سندن ٽريننگ سيشن ڪيا پيا نوڃن. ڪپتان بسما معروف رانديگرياڻين کي ليڪچر ڏيندي ٻڌايو تھ ورلڊ ڪپ ۾ پهريون هدف سيمي فائنل ۾ پهچڻ کي بڻايو آهي. هن چيو تھ اسان کي ورلڊ ۾ پنهنجي ذات بدران ٽيم ۽ ملڪ بابت سوچي کيڏڻو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو مسئلو آهي تھ اها مون وٽ يا ڪوچ وٽ اچي پيش ڪري سگهي ٿي. هن چيو تھ ٽيم ورڪ جو هجڻ لازمي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close