پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت گڏيل صلاح سان 48 صفحن تي ٻڌل هڪڙو دستاويز سامهون آندو آهي، جنهن جو نالو آهي نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ۽ جيڪو آهي ته ذري گھٽ ملڪي آئين جو متبادل پر تحريڪِ انصاف جي حڪومت هميشه جيان پنهنجي ان ايڏي وڏي شڪست کي به تمام وڏي ڪاميابيءَ طور پيش ڪري رهي آهي.
عام طور تي ڪو به ملڪ جڏهن ڪنهن انقلاب يا حادثي جي نتيجي ۾ وجود ۾ ايندو آهي ته نه رڳو وجود وٺڻ واري زماني پر ان کان پوءِ به ڪافي وقت تائين عوام کان قربانيءَ جي اميد ۽ مطالبو ڪيو ويندو آهي. وڏو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قربانيءَ به وڏي ڏيڻي پوندي آهي. ان معنى ۾ هر ملڪ شروعاتي ڪجهه سال سيڪيورٽي اسٽيٽ طور وجود رکي سگهي ٿو پر ستر ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود سيڪيورٽي اسٽيٽ هئڻ جو اعزاز رڳو پاڪستان کي حاصل آهي. مُني صديءَ پڄاڻان به نيشنل سيڪيورٽي پاليسيءَ جهڙا دستاويز پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ ئي پڌرا ڪيا ويندا آهن. هڪڙي زماني ۾ عوام کي ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ گاهه کارايو ويو ۽ ٻئي دور ۾ ان ايٽم بم جي حفاظت ڪرڻ لاءِ گاهه کارايو پيو وڃي.
پاڪستان جو وجود مذهبي نفرت ۽ تشدد جي نتيجي ۾ ٿيو جنهن کان پوءِ تمام وڏي پيماني جي لڏپلاڻ جو عمل سامهون آيو جيڪو انساني تاريخ جي سڀ کان وڏين لڏپلاڻن منجهان هڪ هو. ان کان به پٺيان آئي ڪشمير واري جنگ. ان سموري صورتحال جي هوندي هندوستان جي اعلى سياسي قيادت جو اهو خيال ته پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جي حفاظت نه ڪري سگهندو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ واپس هندوستان ۾ شامل ٿي ويندو. ملڪ جي ابتدائي مالڪن کي موقعو ڏنو ته اهي هن نئين ملڪ کي فلاحي، عوامي يا جمهوري ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻائي ڇڏين. ملڪ کي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان خدشن جو دهل وڄائي پهرين بجيٽ جو 70 سيڪڙو دفاع، فوج ۽ هٿيارن تي خرچ ڪيو ويو. ان کان پوءِ اها بجيٽ لڳاتار وئي وڌندي.
گورنر جنرل ملڪ غلام محمد هجي توڙي خواجه ناظم الدين، صدر اسڪندر مرزا هجي توڙي ايوب خان، پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جا خاص ۽ اڻ چونڊيل ڪارندا آمريڪا سان سيٽو، سينٽو ۽ بغداد پيڪٽ جهڙا معاهدا ڪندا رهيا. انهن معاهدن جو ظاهري مقصد ته ڪميونزم جي رستي روڪ ڪرڻ هو پر پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي خبر هئي ته ڪميونزم جو خطرو هٿ ٺوڪيو آهي. اصل ۾ اها ان عرصي دوران آمريڪي امداد سان هندوستان جي خلاف هٿياربند ٿيڻ جي ڳڻتيءَ جو شڪار هئي. تاريخي طور تي پاڪستان ۾ سياسي شخصيتن توڙي پارٽين جي عمر ايتري وڏي ڪانه هئي جيتري بيٺڪيتي دور جي فوج ۽ آفيسرشاهيءَ جي. مٿان وري سيڪيورٽي اسٽيٽ واري منتر ملڪ ۾ سياست کي اسرڻ نه ڏنو جنهن ڪري لڳاتار فوجي راڄ کي ڀوڳڻو پيو. 1971ع ۾ جڏهن ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو ۽ قائدِ اعظم وارو پاڪستان نه رهيو جيڪو ڏينهن قيامت تائين قائم رهڻ لاءِ ٺهيو هو، تڏهن ٿوري وقت لاءِ سيڪيورٽي اسٽيٽ واري بيانئي کي به ڌڪ لڳو. پر جنهن ذوالفقار علي ڀٽو کي اهو موقعو مليو هو ته سيڪورٽي اسٽيٽ واري بيانئي کي هنڌائتي وارَ سان ختم ڪري، ان ئي ان کي ويتر سگهارو ڪيو. نتيجي طور 1977ع ۾ جنرل ضياءُالحق اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. اسين هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل سيڪورٽي اسٽيٽ بڻجي وياسين. اتفاق اهو ٿيو جو آمريڪا بهادر کي افغانستان ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي خلاف اسان جي ڪردار جي ضرورت هئي، ان ڪري جنرل ضياءَ جو اقتدار ويو ڊيگهه وٺندو. 1988ع ۾ جڏهن ان جي ضرورت نه رهي هئي ۽ ابتو مالڪن جي مٿي جو سُور بڻجڻ لڳو هو، تڏهن ان منجهان جان آجي ڪرائي وئي ۽ بينظير ڀٽو جي صورت ۾ اقتدار سياسي قيادت جي حوالي ڪيو ويو پر جيئن ته اها هندوستاني قيادت سان امن امان بابت ڳالهيون ڪري رهي هئي جنهن سان اسان واري نيشنل سيڪيورٽي اسٽيٽ جي بيانئي کي نقصان پوڻو هو. ان ڪري بينظير ڀٽو کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي اقتدار کان بيدخل ڪيو ويو. ان کان پوءِ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اسان عوام جي چونڊيل پارليامينٽ ۽ وزيرِ اعظم کي ٽي ڀيرا اقتدار کان محروم ٿيندي ڏٺوسين. آخري ڀيرو 1999ع ۾ ميان نواز شريف جي بيدخلي به مکيه طور تي هندوستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڏوهه سبب ئي ٿي. جنرل مشرف اقتدار ۾ آيو ۽ اٺن سالن تائين نيشنل سيڪيورٽي اسٽيٽ ۽ آمريڪي ڊالرن جي ٽيڪ تي ڪرسيءَ سان چنبڙيل رهيو. ان کان پوءِ حالتون بدليون ته عوام بينظير ڀٽو جهڙي شخصيت جي قرباني پيش ڪري اقتدار پنهنجي چونڊيل نمائندن حوالي ڪرايو پر نيشنل سيڪيورٽي اسٽيٽ وارا به خاموش نه ويٺا. انهن ميموگيٽ جهڙا تيليءَ منجهان ٿنڀ اسڪينڊل سامهون آڻي چونڊيل وزيرِ اعظم کي نااهل قرار ڏياريو ۽ ساڳي حالت بعد ۾ ميان نواز شريف سان به ڪئي وئي جنهن جو مکيه ڏوهه سي پيڪ جي حفاظت لاءِ نيون بٽالينون جوڙڻ تي ايندڙ خرچ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ کان انڪاري ٿيڻ هو. وزيرِ اعظم جو گناهه سنگين هو ان ڪري کيس سزا به سنگين ڏني وئي يعني تاحيات نااهليءَ جي سزا.
جنهن بعد 2018ع ۾ هائبرڊ حڪومت آندي وئي ته جيئن عالمي سطح تي پنهنجي مرضيءَ جا لاڳاپا قائم ڪجن يا ٽوڙجن جڏهن ته ٻئي طرف وري معاشي حوالي سان من پسند فيصلا وٺي سگهجن. مثال طور ويجهڙ ۾ ئي هڪڙو مطالبو ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي ته مستحقن کي بجليءَ جي بل ۾ پنجاهه سيڪڙو رعايت ڏني وڃي. پر هاڻوڪي هائبرڊ حڪومت مڪمل طور تي نااهل ۽ نڪمي ثابت ٿي آهي. جنهن پنهنجي نااهليءَ سبب اسٽيبلشمينٽ کي ايترو وائکو ڪري وڌو آهي جو اڳ ائين ڪڏهن نه ٿيو هو. اسان جي زماني ۾ اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ تمام گھڻي آزادي ۽ اختيار مليو آهي، جڏهن ته بين الاقوامي طور تي به سياستدانن کان وڌيڪ ان جا لاڳاپا موجود آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته پاڪستاني سياست جو سرشتو انتهائي ڏکئي دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. سياستدانن ڏکئي وقت لاءِ ڪجهه بچائي به نه رکيو آهي ۽ سندن سٺا ڏينهن پڄاڻيءَ کي پهچي رهيا آهن.
رڳو پاڪستان ۾ ئي نه پر آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ فريڊم هائوس جي رپورٽ موجب هن وقت دنيا جي اڪثر ملڪن اندر موجود سرمائيداراڻي جمهوريت خطري ۾ آهي. اها هر هنڌ زوال جو شڪار بڻجي رهي آهي. ايتري تائين جو 2024ع ڌاري آمريڪي صدارتي چونڊن دوران ووٽن ۽ ڌانڌليءَ جي الزامن جي نتيجي ۾ آمريڪا اندر گھرو ويڙه جهڙي صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي. خاص ڪري اتان جي ريپبليڪن پارٽي ته اهڙي تياري هاڻي کان ئي ڪري رهي آهي.
جمهوريت جي زوال ۾ سوشل ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي. اڳ جيڪا سوشل ميڊيا تحريڪِ انصاف لاءِ استعمال ٿي رهي هئي، اها هاڻي ان جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي. اڳ جنهن سوشل ميڊيا ذريعي نواز شريف ۽ زرداري توڙي ٻين سياستدانن کي چور ۽ بدعنوان ثابت ڪيو ويندو هو، اها ساڳي سوشل ميڊيا هاڻي عمران خان ۽ سندس ساٿين جون چوريون، ڪُوڙ، ٺڳيون، بدعنوانيون، يوٽرن ۽ نااهلي ثابت ڪرڻ جو بهترين ۽ ڪامياب پليٽ فارم بڻجي چڪي آهي. پاڪستان کان وٺي آمريڪا تائين سوشل ميڊيا جي استعمال سبب ماڻهو پنهنجي جمهوري حڪمرانن جا اعمال ۽ ڪرتوت ڏسي رهيا آهن، جنهن ڪري اتان جي ماڻهن جو انهن حڪمرانن ۽ جمهوري سرشتي تان ايمان ۽ اعتماد ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو پيو وڃي. تحريڪِ انصاف جي حڪومت پاڪستان کي اهڙي بدترين معاشي بحران جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي جو ملڪي تاريخ ۾ اهڙو سخت ۽ بدترين بحران اڳ ڪڏهن نه ڏٺو ويو هو. ان سان گڏوگڏ حڪومت ملڪ جي اڪثريتي آباديءَ کي پنڻ جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ماڻهو نواز ليگ ۽ ٻين سياسي پارٽين ڏانهن ڏسي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اهي به سندن مسيحائي ڪرڻ بدران پراڻيون دشمن ۽ ڦورو آهن پر جڏهن عوام کي ٻن ڦورن ۾ سَنڌو ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن انهن جي اڳيان اهو سوال اچي ٿو ته عمران خان بهتر آهي يا نواز شريف ۽ زرداري وارا بهتر هئا ته انهن جو ووٽ يقينن عمران خان جي خلاف ئي هوندو آهي. جنهن جو عملي ثبوت گذريل ٽن سالن دوران ڪنٽونمينٽ بورڊ، مڪاني ۽ ضمني چونڊن دوران ماڻهن پاران تحريڪِ انصاف کي هارائڻ آهي.
عدالتي سرشتي کي ڏسون ٿا ته ڪيترائي معزز جج اسٽيبلشمينٽ جي خلاف سرِعام ڳالهائين پيا. اليڪشن ڪميشن حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ وارن فيصلن کي رد ڪندي رهي ٿي جنهن ۾ خاص ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن وارو معاملو سڀ کان مٿانهون آهي. وزيرِ اعظم صاحب پاڻ ڌمڪيون پيو ٿو ڏئي ته جيڪڏهن کيس ڪرسيءَ تان لاٿو ويو ته هُو وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو. ساڳي وقت اهو پڻ قبولي رهيو آهي ته موجوده وقت ۾ هُو خاموش تماشائي بڻيل آهي.
سو، پاڪستاني سياسي سرشتي لاءِ انتهائي برو وقت اچي ويو آهي. بهرحال، تاريخي حقيقت آهي ته فتح نيٺ عوام جي ٿيندي رهي آهي. وڏي ڪاميابيءَ لاءِ قرباني به وڏي گهربل هوندي آهي. ان ڪري عوام کي جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي عوام دشمن مُهرن کان هميشه لاءِ جان ڇڏائڻي آهي ته قرباني به وڏي ڏيڻي پوندي.