سنڌ

سنڌياڻي تحريڪ جي سورمي صابي نوحاڻي جو چاليھو ڪڙيو گهنور ۾ ٿي گذريو

ڪڙيوگھنور: عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ جاکري نوحاڻي جي ما ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي سورمي صابي نوحاڻي جو چاليھو ڳوٺ جاکرو نوحاڻي ۾ ٿي گذريو. چاليهي جي پروگرام جي آغاز ۾ مرحومه جي قبر تي عوامي تحريڪ جي جھنڊي واري چادر چاڙهي اجتماعي دعا گھري وئي.

تقريب ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن محمد علي ٽالپور، علي محمد نظاماڻي، ڊاڪٽر غلام علي نوحاڻي، مبارڪ سمون، نھال نوحاڻي، ڌڻي بخش نوحاڻي، احمد خان نوحاڻي، عبدالڪريم نوحاڻي، محمد خان مھيري سميت عوامي تحريڪ جي سمورن عھديدارن ۽ پارٽي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي جاکرو نوحاڻي ۽ محمد علي ٽالپور چيو مرحومه جو سنڌياڻي تحريڪ ۾ اھم ڪردار ھو، سندس پارٽي لا ڪيل خدمتون ڪڏهن به نٿيون وساري سگھجن. ھن پنهنجي زندگي ۾ غريب عورتن جي سهائتا ڪئي ۽ پارٽي جي منشور تي ڪم ڪندي رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button