سنڌ

جاتي واسي گندو ۽ ڪيميڪل مليل هاڃيڪار پاڻي پيئڻ تي مجبور، شهري سراپا احتجاج بڻيل

جاتي: پبلڪ ھيلٿ کاتي جاتي جي آفيسرن جي نااھلي سبب واٽرسپلا جاتي جي چئن تلائن ۾ پيئڻ جو پاڻي وقت تي ذخيرو نه ڪرڻ بعد پڃاري برانچ ۾ ڇوڙ ڪيل حيدرآباد جي گٽرن ۽ ڪارخانن جو ڪيميڪل وارو صحت لا ھاڃيڪار پاڻي چوڙ ڪري شھر جي پنجاھه ھزار آبادي کي گذريل ٻن ڏينھن کان پياريو پيو وڃي. جڏھن ته صحت لا ھاڃيڪار پاڻي پيئڻ ڪري درجنين شھري پيٽ جي وبائي بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا آھن. شھرين پاران واٽرسپلا جو پاڻي ڊاڪٽر کان چيڪ ڪرايو ويو ته ڊاڪٽر سيد يامين شاھه ٻڌايو ته واٽرسپلا جو موجوده پاڻي صحت لا انتھائي ھاڃيڪار آھي، جيڪڏھن شھري مجبوري ۾ پيئڻ چاھين ته باھه تي اٻاري پو استعمال ڪن.

ھوڏانھن “سنڌ ايڪسپريس” پاران ايس ڊي او نديم شاھه سان فون تي رابطو ڪيو ويو ته سندس نمبر بند مليو. جڏھن ته رابطي ڪرڻ تي ايڪسيئين پبلڪ ھيلٿ سجاول سڪندر خواجي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي طرف شھري ايڪشن ڪميٽي جاتي جي اڳواڻن سيد وفا شاھه، عادل لغاري، عبدالرزاق ٿھيم ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته جڏھن کان واٽرسپلا جاتي جو نظام پبلڪ ھيلٿ کاتي حوالي ڪيو ويو آھي، تڏھن کان واٽرسپلا جو نظام تباھه آھي. ھنن چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي جا آفيسر جاتي اچڻ لا تيار ناھن، ٺٽي ۾ ويھي ڪم ھلائي رھيا آھن. واٽرسپلا تي سياسي سفارشن تي ڊيلي ويجز وارا اڻ تجربيڪار ملازم ڀرتي ڪري شھرين کي صحت لا ھاڃيڪار گٽرن جو پاڻي پياريو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته شھرين جي زندگين سان کيڏندڙ غيرذميوار پبلڪ ھيلٿ جي افيسرن کان پڇاڻو ڪري شھرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي بنيادي سھولت مھيا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button