اسلام آبادپاڪستان

چاهيون ٿا ته چونڊ عمل شفاف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کان پاڪ هجي:چيف جسٽس

اسلام آباد :چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته چونڊن جو عمل شفاف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کان پاڪ هجي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ چيئرمين جي سيٽ تي اليڪشن ڪميشن جي ري پولنگ جي حڪم خلاف درخواست تي شنوائي ٿي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڳيان ڪامران مرتضيٰ جي وڪيل لطيف کوسي عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته لڪي مروت جي تعلقي سرائي نورنگ ۾ چيئرمين جي اليڪشن دوران امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ تي ري پولنگ جو حڪم ڏنو ويو. صرف هڪ پولنگ اسٽيشن تي ٻُڙي ووٽ ڪاسٽ ٿيا. باقي سمورين پولنگن جو عمل نارمل رهيو. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته عورتن جي پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران فائرنگ ڪئي وئي، ان تي ڇا چوندئو؟ رٽرننگ آفيسر جي رپورٽ موجب امن امان جي صورتحال گهڻي خراب ٿي، ان لاءِ ري پولنگ جو حڪم ڏنو ويو. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻي جي فوتگي ٿي ان تي ڇا چوندئو؟ عورتون خوف حراس سبب ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نه نڪتيون. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل لطيف کوسي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي خودمختياري تي يقين رکان ٿو. تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل ناهيان جو اليڪشن ڪميشن کي گهٽ وڌ ڳالهايان. اليڪشن ڪميشن کي فيئر رپورٽ ڏيڻ گهرجي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته تڪ ۾ ٽوٽل 108 پولنگ اسٽيشنون هيون ۽ اوهان کٽي به ويا. آئيني ۽ قانوني ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار هجڻ گهرجي. چاهيون ٿا ته اليڪشن جو عمل شفاف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کان پاڪ هجي. چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن جي اختيار کي واضح ڪريو، معاملا 7 سالن کان التوا هيٺ آهن. جڏهن ته ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. وڪيل لطيف کوسي چيو ته اليڪشن 13 فيبروري تي ري پول جو حڪم ڏنو آهي، ڪيس جو فيصلو 13 فيبروري کان اڳ ڪرڻ جي درخواست آهي. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان ري پولنگ واري حڪم جا تفصيل طلب ڪري ورتا ۽ ڪيس جي شنوائي 8 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button