اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وڌيڪ 42 حياتيون کسي ورتيون،5 هزار 830 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 42 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 29 هزار 372 ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 830 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 42 هزار 263 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 4 لک 83 هزار 779، سنڌ ۾ 5 لک 46 هزار 141، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 97 هزار 937، بلوچستان ۾ 34 هزار 557، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 768، اسلام آباد ۾ هڪ لک 29 هزار 758 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 39 هزار 323 ڪيسز رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 51 لک 94 هزار 561 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 هزار 786 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 13 لک 12 هزار 819 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هڪ هزار 590 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button