ڀارت بيجنگ ونٽر اولمپڪس جي افتتاحي ۽ پڄاڻي وارين تقريبن ۾ شرڪت نھ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سرحدي ڇڪتاڻ ۾ شامل چيني فوجي کي مشعل بردار بڻائڻ تي ڀارتي اختيارين ايونٽ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. ان حوالي سان ڀارتي حڪومت جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ اسان جو ملڪ افتتاحي تقريب ۾ نھ ويو ۽ پڄاڻي وارين تقريب ۾ بھ شريڪ نھ ٿيندو، گلوان وادي ۾ جهڙپن ۾ شامل فوجي کي مشعل ڏيڻ افسوسناڪ قدم سمجهون ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close