رانديون

پنجاب ۾ پي ايس ايل رانديگرن کي وي آئي پي سيڪيورٽي ملندي

پنجاب ۾ پي ايس ايل 7 جي ايندڙ مرحلي جون تياريون جاري آهن، ان سلسلي ۾ پنجاب پوليس فيصلو ڪيو آهي تھ پي ايس ايل جي رانديگرن کي وي آئي پي سيڪيورٽي ڏني ويندي. ان ڏس ۾ آئي جي پنجاب پوليس جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پي ايس ايل 7 بابت اهم فيصلا پڻ ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم دوران ميچن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. آئي جي پنجاب پوليس ڳالهائيندي چيو تھ رانديگرن کي اسٽيٽ گيسٽ جو درجو هوندو، 550 ڪيمرائون بھ لڳايون وينديون ۽ ميچن دوران 7 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button