رانديون

ڀارت پنجون ڀيرو انڊر 19 ورلڊ ڪپ کٽي ورتو، انگلينڊ کي شڪست

ڀارت 4 وڪيٽن تان انگلينڊ کي شڪست ڏئي پنجون ڀيرو انڊر 19 ورلڊ ڪپ کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ پهرين کيڏندي 188 رنسون ٺاهي 189 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جي موٽ ۾ ڀارت 6 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنسن سان هدف ماڻي چمپيئن بڻجي ويو. ڀارت جي شيخ رشيد ۽ نشانت سنڌو 50،50 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، اهڙي ريت انگلينڊ 4 وڪيٽن تان ميچ هارائي ويو آهي. انگلش بيٽرن مان جيمز ريو 95 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي ۽ جيمز سيلز 34 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ ڀارتي بالر راج باوا 5 ۽ روي ڪمار 4 وڪيٽون وٺي ڀارت کي فتح ڏيارڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. انگلينڊ جي بالرن جوشوئا بائيڊن، جيمز سيلز ۽ ٿامس ايسپن وال 2،2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button