شوبز

عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور اپريل ۾ شادي ڪري ڇڏيندا

بالي ووڊ جي اداڪار جوڙي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي شادي هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ ٿي رهي آهي، جنهن بابت اڃا تائين ڪو تصديقي بيان جاري نھ ٿيو آهي. ميڊيا مطابق رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ جي شادي جو ڪاڄ ممبئي ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ منڊپ راجسٿان ۾ سجائڻ جو رٿيو ويو هو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ شادي جي تقريب ۾ رڳو خاندان جا فرد ۽ انتهائي ويجها دوست بھ شريڪ ٿيندا. هوڏانهن رنبير ڪپور يا عاليا ڀٽ ۽ ٻنهي جي خاندان اپريل ۾ شادي بابت ڪجهه نھ ٻڌايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button