اڻويھه سئو سٺ ۽ ستر کان وٺي نوي وارن ڏھاڪن دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي مان پڙهي نڪتل شاگرد اڄ به پنهنجن ڪچھرين ۾ انهن املهھ استادن جو ذڪر ڪندا رھن ٿا، جيڪي ڄاڻ جي کاڻ ته ھئا پر شاگردن سان سندن پيار ۽ خلوص واريو پڻ بي مثال ھو. توڙي جو شاگردن کي مارڪن ڌيڻ جي حوالي سان اھي استاد ڪافي محتاط ھوندا ھئا پر ڪنهن به شاگرد سان حق تلفي نه ٿيندي هئي. مٿي ذڪر ڪيل دور جي اڪثر استادن جي تعليم صرف ايم اي تائين محدود ھئي پر پوءِ به ھو اڄوڪن پي ايڇ ڊي ھولڊرن کان ڄاڻ، فھم ۽ ادراڪ ۾ گهڻو مٿي ھئا. انگريزي شعبي جي انهي املھه کيپ جو ھڪ نمايان استاد ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ پڻ ھو. ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ بي اي ۽ ايم اي ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي ھئي، بعد ۾ انگريزي ادب ۾ پي ايڇ ڊي به ڪيائين.
ڊپارٽمنٽ ۾ انھن ڏينهن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ ايترو گهڻو ڪونه ھوندو ھو ۽ انهن شاگردن مان جيڪي چار سال انهن عظيم استادن جي نگرانيءَ ۾گذاري فائنل جي ڊگري وٺندا ھئا ته اھي شاگرد پڻ ڪندن ٿي نڪرندا ھئا.
ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ جيڪو ظاھري طرح سان ته ھڪ سخت مزاج جو انسان ھو، پر ھو پنهنجي شاگردن جي بھتري لاءِ ھر وقت سندن رھنمائي ڪرڻ لاءِ تيار ھوندو ھو. ھو شاگردن سان ڪلاس کان ٻاهر انگريزي ۾ ڪچھري ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو ھو ته جيئن لکڻ سان گڏ انگريزي ڳالهھ ٻولهه ۾ پڻ سندن شاگرد ڪا جھجھڪ محسوس نه ڪن.
ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ جي مقبوليت جو ھڪڙو ٻيو پاسو مختلف اخبارن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ لکڻ وارو لاڙو ھو. ملڪ جي ناليوارين انگريزي اخبارن ۾ خاص طور تي تعليم جي بھتري لاءِ پنهنجي تجربي مشاھدي ۽ مطالعي جي بنياد تي خيالن جي اپٽار ڪندو رھيو.
درس ۽ تدريس سان سندن لڳاءُ جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو جو جڏهن کيس سنڌ يونيوسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي جو ڊين مقرر ڪيو ويو ته ان دوران به پاڻ انگريزي شعبي جي آخري سال وارن شاگردن کي صبح جو پھريون ڪلاس وٺي ان کانپوءِ ڊين جي آفيس ۾ وڃي سرڪاري ڪاروھنوار اڪلائيندو ھو.
انگريزي ٻوليءَ جي حوالي سان سندس موقف آهي ته انگرزي ھڪ بين الاقوامي رابطي جي زبان ۽ ھڪ نيوٽرل ٻولي آهي. ھن ٻوليءَ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ سان شاگردن کي پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي حالتن ۾ بھتري جو موقعو ملي ٿو. ميڊيم آف انسٽرڪشن جي حوالي سان ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ پنجويھه سيپٽمبر ٻه ھزار ايڪويھه ۾ ناليواري انگريزي اخبار ڊان ۾ ھڪ تفصيلي لکڻي وسيلي پنهنجي موقف جو اظهار پڻ ڪيو آهي. ان لکڻي ۾ ڊاڪٽر لاڙڪ انگريزي ٻوليءَ کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زبان ڪوٺي ٿو. مشھور برطانوي ماھر لسانيات رڊولف ڪئرڪ جو حوالو ڏيندي، انگريزيءَ کي ھڪ نيوڪليئر ٻولي ڪوٺي ٿو ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته انگريزي ٻوليءَ جي سکڻ سان انگريزي ثقافت جي ڪا پذيرائي ڪا نه ٿي ٿئي.
ڏٺو وڃي ته انگريزي ٻوليءَ جي اھميت جي حوالي سان پوري دنيا ۾ ٻه متضاد رايا ڏٺا وڃن ٿا. ھڪڙا اسڪالر انگريزي ٻوليءَ کي ترقي جي ڏاڪڻ ۽ ڄاڻ تائين رسائي جو اھم ذريعو ٿا سمجھن ته ٻيا وري انگريزي کي علائقائي ۽ ننڍين ٻولي جي بقا لاءِ خطرو ٿا سمجهن. اھڙي اسڪول آف ٿاٽ جا اسڪالر ان راءِ جا حامي آهن ته ٻار کي ابتدائي تعليم سندن مادري ٻوليءَ ۾ ئي ملڻ گھرجي. شروعات کان وٺي پنهنجي مادري ٻولي بدرانِ انگريزي ۾ تعليم ڏيڻ، سندن مطابق ٻارن جي حقن جي انحرافي آهي.
امتحاني نظام جي سيمسٽر سسٽم کان وٺي شاگردن کي پڙھائجندڙ سئلبس ۽ ڪريڪيولم تائين جي تعليمي معاملن بابت پاڻ اخبارن ۾ پنھنجو موقف پيش ڪندا رھيا آهن. ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي عام جام استعمال ٿيڻ کان اڳ ۾ پاڻ تقريبن پنجاهه کن تحقيقي مقالا لکي چڪا آهن. سندن تحقيقي مقالن ۾ جارج برناڊ شا جي ڊرامن جي مختلف پھلوئن، چارلس ڊڪنز جي مزاح، سائنس، ادب ۾ ڳانڍاپو ۽ ٽي ايس ايليئٽ جي شاعري جھڙا موضوع سـندن تحقيقي مضمونن ۾ شامل آهن. نه فقط ايترو پر لطيف شناسي پڻ سندن مطالعي جو محور رھيو. ان حوالي سان سسئي شاهه لطيف جي ھڪ وجودي ھيروئن، سسئي ھڪ باغي ھيروئن ۽ ٻين اھڙن موضوئن تي پڻ تحقيقي مضمون لکيا اٿن. ان کان سواءِ علامه آءِ آءِ قاضي جي علمي خدمتن تي پڻ مضمون لکيا اٿن.
سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ اھڙا املھه ماڻھو اتساهه ۽ حوصلي جو سبب آهن، جن اڻوڻندڙ حالتن ۾ به پنهنجو نور نچوڙي علم جي شمع روشن ڪئي ۽ پاڻ ملھايو. اڻويهھ سئو چاليھه ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ سٺ سالن جي ڄمار ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ به ملڪ جي ڪيترن ئي يونيورسٽيز ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪندو رھيو آهي.
زندگي جي ان عمر ۾ اھڙا ماڻھو جڏھن پنهنجن پروفيشنل ذميوارين کان آجا ٿي شام جو پھر پنهنجن پوٽن ۽ ڏوھٽن جي چيچ پڪڙي ڪنهن پارڪ ۾ پسار ڪندا ھوندا آهن ته ھڪ زنده سماج جي حيثيت ۾، اسان جي ڪا ننڍڙي ڀيٽا کين ماضي ۾ گذاريل سڦل زندگيءَ جو احساس ڏيندي.
جوڳيئڙا جھان ۾ نوري ۽ ناري
ٻري جن ٻاري، آئون نه جيئنديس ان ري
(لطيف)