ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سي آءِ اي جي اذيتن جو داستان!

Editorial-Article- Javed Pahnwer

1984ع ۾ مشهور انقلابي ليکڪ جارج اورويل پنهنجي شهر جي نالي سان ناول لکيو هيو. طنز واري صنف تي مُبني اهيو ناول هڪ اهڙي فرض ڪيل رياست جي پسگردائي ۽ ماحول کي نمايان ڪري ٿو، جتي هر وزارت جو نالو ان جي ڪم کان بلڪل اُبتو آهي، يعني آسان لفظن ۾ اسان ايئن چئي سگهون ٿا ته تحفظ ڏيندڙ ادارن جو ڪم عوام کي ٽارچر سيلن ۾ رکي اذيتون ڏيڻ آهي. اڄ امريڪا جي سامراجي رياست ان جو حقيقي روپ آهي جنهن کي شرافت جي اڇي چادر پاتل آهي ان جي هيٺان هو هر غليظ ترين ڪم کي لڪائي ڇڏي ٿو.
سي آءِ اي جي جبر، ڏاڍ تي امريڪا سينيٽ جي تازي رپورٽ اسٽيفن ڪنگ جي ڪنهن ڀيانڪ ڪهاڻي کان گهٽ نه آهي. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ نازي جرمني جي ڏوهارين به اهڙائي ڊيڄاريندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا هيا.
هڪ اهڙي رياست جيڪا انساني حقن جي تحفظ جا نعرا هڻندي ٿڪجي ڪانه ٿي ان رياست جي طرفان ماڻهن سان وحشيت ۽ اذيتن ۾ مڪمل طور ملوث هجڻ يقينن ڪنهن خوفائتي خواب کان گهٽ نه آهي، اهڙو مُلڪ جيڪو انساني حقن جو علمبردار سڏائي ان جو انسانيت جي قتل عام ۾ ملوث هُجڻ ڪنهن هارر مووي کان گهٽ نه آهي. اهيا رپورٽ “لبرل بورجوازي” ۽ ” سول سوسائيٽي” ڏني. انهن عورتن ۽ مردن جو اعلاج به آهي جيڪي هِن وقت تائين امريڪا “جمهوريت”، “انساني حقن” ۽ ” آزادي” جو راڳ ڳائن ٿا. اهيا ڪا ڪميونسٽ پروپيگنڊا ناهي پر امريڪي سامراج پنهنجي وحشيت جي دعويٰ پاڻ ڪئي آهي.
دهشت جي خِلاف جنگ جي مالي نُقصانن جون حقيقتون هاڻي ڪنهن کان ڳُجهيون ناهن رهيون. بقول لينن جي “وحشتناڪ جنگ، وحشتناڪ حد تائين فائديمند به هوندي آهي”. 2001ع ۾ جارج ڊبليو بُش ڊڪ چيني ۽ ڊونلڊ رمزفيلڊ جي طرفان شروع ڪيل جنگين ۾ اسلحو، ملٽري جون ڇانوڻيون ۽ تيل جي صنعت سان مُنسلڪ سرمائيدارن هزارين عرب ڊالر ڪمايا. بليڪ واٽر جي نالي سان ڪرائي جي فوج مُهيا ڪرڻ وارن ڪمپنين کي وڏا وڏا ٺيڪا ڏنا ويا، اهي به بنا ڪنهن معاهدي جي تحت.
امريڪي ڪرنلن، سياستدانن ۽ رياستي بيوروڪريسي به گهڻي مايا جمع ڪئي.
جنگ جي دوران پهريون ڀيرو وڏي پيماني تي اهيا ڳالهه ڏسڻ وٽان ملي جنگي قيدين کان پُڇا ڳاڇا ڪرڻ ۽ انهن تي تشدد ڪرڻ لاءِ به اهيو ڪم ٺيڪي تي بليڪ واٽر فوج کي ڏنو ويو. نيويارڪ ٽائمز جي مطابق “معلومات حاصل ڪرڻ واري شعبي جو سربراهه 2002ع ۾ هڪ اهڙي شخص کي بڻايو ويو، جنهن جي باري ۾ سي آءِ جي انسپيڪٽر سختي سان منع ڪئي هُئي ته هُو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ لاطيني امريڪا ۾ ماڻهن کان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اڍنگا ۽ غيراخلاقي، دلسوز طريقا استعمال ڪندو رهيو. جاچ پڙتال جي ان پروپيگنڊا مان ماهر نفسيات به 1800 ڊالر روزاني جي حساب سان ڪمائيندا رهيا. ڊاڪٽر مِچل ۽ ڊاڪٽر جيسن 2005ع ۾ پنهنجون پنهنجون ڪمپنيون کوليون جن کي سي آءِ پنهنجو پورو ٺيڪو انهن حوالي ڪيو. سي آءِ اي ان ڪم لاءِ اٺ هزار ڊالر ادا ڪيا هيا. قيدين کان معلومات وٺڻ لاءِ ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون ۽ انهن ٽيمن ۾ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا جيڪي پاڻ نفسياتي مريض هيا ۽ جن تي ڪيترائي ڪيس داخل هيا.
جنگ ۾ فائدو حاصل ڪرڻ، وحشت ۽ بربريت جي اهيا صرف هڪ ننڍڙي جهلڪي آهي. سي آءِ اي COBALT ۽ SALT PIT جهڙي خُفيه نالن سان قائم ڪيل اذيت گاهه، ٽارچر سيل جن ۾ انسانيت جي خلاف بدترين تشدد ڪيا ويا. جِن کي ٽارچر سيلن ۾ بند ڪري ڏهڪائيندڙ تشدد ڪيا ويا اُهي سڀ مظلوم هيا. سي آءِ اي معلومات حاصل ڪرڻ جا اهڙا طريقا اپنائيندي آهي جو ٻُڌڻ سان به دل دهلجو وڃي. ان فهرست ۾ پهرئين نمبر تي Waterboarding آهي جنهن ۾ انسان جي منهن تي ڪپڙو ٻڌي ان تي مسلسل مٿان پاڻي لاهيو ويندو آهي ۽ هر لمحو اذيتناڪ هوندو آهي، ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ساهه نڪرڻ تي آهي پر نڪري ڪونه پيو. انهي طرح ڪُرسي سان ٻڌي مٿان پاڻي جا مُسلسل ٽپڪا ڪيرايا ويندا آهن ڪُجهه لمحن کانپوءِ پاڻي جو هر ڦڙو ايئن محسوس ڪرائيندو آهي ڄڻ مٿي ۾ ڪو هٿوڙا هڻندو هُجي. اُگهاڙو ڪري برف جي ٿڌي پاڻي ۾ اڇلائي ڇڏڻ، بُک ۽ اڃ لڳڻ تي کاڌ خوراڪ نه ڏيڻ، اڍنگن طريقن سان ڪيڏي مهل بيهارڻ ته ڪيڏي مهل وري ويهارڻ،اکين ۾ مسلسل تيز چمڪندڙ روشني هڻڻ، لائوڊ اسپيڪر کي ايترو آواز ڏيڻ جو شايد ڪنهن عام زندگي ۾ ايترو تيز آواز ٻُڌو هجي، ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون اذيتن ۾ رکي سُمهڻ نه ڏيڻ، جسم جي هر حصي تي سگريٽ جا ڏنڀ ڏيڻ، بيت الخلا ۾ وڃڻ جي سختي سان منع ڪيل ۽ ان کان علاو ٻيا ڪيترائي طريقا انسانن تي تشدد دوران عمل ۾ آندا ويندا آهن.
هڪ رپورٽ جي مُطابق انڪشاف ڪيو ويو ته سامراج وٽ قيدين کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن ته اُنهن جي زالن سان اجتمائي طور سنجوڳ ڪيو ويندو يا اُنهن جون سِسيون ڌڙ کان ڌار ڪيون وينديون. هِڪ اهڙي قيدي جو ذِڪر به ٿيل آهي جنهن کي ٿڌ ۾ مارڻ لاءِ اُگهاڙو ڪري ٿڌي پاڻي جي هڪ تلاءَ ۾ اُڇلايو ويو. ڪجهه حقيقتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ برطانيا جي هن ريسرچ مان اڃا اُهي حقيقتون سامهون نه اچي سگهيون آهن جيڪي اڃا راز جي پردن ۾ پوشيده بڻيل آهن. اسامه بن لادن خلاف هِن وقت تائين شاهد ناهن ملي سگهيا. ان سلسلي ۾ “فرنٽ لائن اتحاد” رياست جو ئي هِڪ گُروهه امريڪا سامراج جي ڪم آيو.
ياد رکڻ گُهرجي ته امريڪا جي “هوم لينڊ سيڪيورٽي” جي چيف 2009ع ۾ اُن ڳالهه جو پڻ اعتراف ڪيو ته “انٽيليجنس ڪميٽين، ڪانگريس ۽ سينيٽ جو هر ميمبر انُ عَمل کان باخبر آهن هي ڪم سي آءِ اي جو نه پر امريڪي صدر ۽ امريڪا سامراج جو رِٿيل منصوبو آهي. ڪيترن ئي سالن تائين “جمهوريت” جي ايوانن ۾ ويٺل امريڪا جي حڪمران طبقي جي پِنڊ پهڻ خاموشي ۽ تماشائي بڻيل رهيا آهن ۽ هاڻي هي رپورٽ پڌري ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ معصوميت ۽ بي خبري جو ڍونگ رچائي رهيا آهن يعني واڳون وارا ڳوڙها Crocodile tears وهائي رهيا آهن ۽ معاشري ۾ حق سچ جا ڪوڙا دعويدار بڻيا پيا آهن.
اهيا وحشت طالبان يا داعش نه پر پوري دنيا ۾ انساني حقن جي ٺيڪيدار رياست پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ اهيو منصوبابندي جوڙي رکي آهي. اهيو سلسلو ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي، ۽ جيستائين سامراج ۽ ان جي اهڙي نظام کي فاش نٿو ڪجي اهيو سلسلو جاري ۽ ساري رهندو. هِن رپورٽ سان امريڪا جي ماڻهن کي به خبر پوندي ته دنيا ۾ امريڪا جي جهنڊي کي نفرت جي علامت ڇو سمجهيو ويندو آهي. گوانتا نامو (امريڪا جي مشهور ٽارچر سيل) ۾ دهشت گردي جي ڪيسن جي چيف پراسيڪيوٽر پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته امريڪا جي ساک کي پهچندڙ هاڃي جو ڀرپاءُ ٿيڻ ۾ ڪيئي سال لڳي ويندا.
امريڪي سامراجي هميشه ڪوڙ ۽ ڏاڍ جي بنياد تي وحشت جي بازار گرم ڪندا رهيا آهن9/11 ۾ ملوث ڪنهن به هائيجيڪر جو تعلق امريڪا سان نه هئو پر ان واقعي کان پو تُرت ئي پنهنجيون فوجون اُن ملڪ ۾ لاٿيون ويون. القاعده ۽ صدام حسين جو پاڻ ۾ ڪنهن به قسم جو رابطو نه هيو، خُفيه رپورٽن مطابق وڏي پيماني تي تباهي جو ڪارڻ بنجندڙ هٿيارن جا به ثبوت نه ملي سگهيا پر عراق کي تباهه ڪيو ويو عراق ۽ افغانستان ۾ لکين معصوم جانيون ان رت جي هولي جو شڪار ٿي چُڪيون آهن، مرڻ وارن کان وڌيڪ اذيت ۾ اهي آهن جن جا گهر بارود جي باهه ۾ سڙي رَکَ ٿي ويا ۽ سندن زندگيون درهم برهم ٿي ويون آهن. ان جنگين ۾ ڪيترائي امريڪي فوجي به موت جي ور چڙهي ويا جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ معذور ۽ نفسياتي مريض بڻجي ويا. انهن نوجوان فوجين جو تعلق به امريڪا جي غريب گهراڻن سان هيو، جن کي غربت ۽ ٻن وقتن جي ماني جي ڪري سامراجي سازشن جي چنگل ۾ ڦاسڻو پيو.
هن رپورٽ جي منظر عام تي اچڻ ۾ جمهوريت جو ڪو به عمل دخل نه آهي، تازوئي ڇهه هزار صفحن تي ٺاهيل هي رپورٽ امريڪي سينيٽ ۾ ويٺل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نمائندن ڪانگريس جي دوران مدتي اليڪشن ۾ ريپبليڪن پارٽي کان شڪست کائڻ کان پوءِ شايع ڪئي وئي آهي ته جيئن 2016ع جي عام چونڊن لاءِ پنهنجي جڳهه مضبوط بڻائي سگهجي. هي سڀ ڪجهه سرمائيداري معيشت جي گهري بحران جي نتيجي ۾ امريڪا جي حڪمرانن جي پاڻ ۾ وڌندڙ جهيڙي جو تڪرار آهي. حڪومت جو نظام جڏهن زوال پذير ٿيڻ وارو هُجي ته حڪمران طبقي جا اندروني فساد ڪر کڻڻ لڳندا آهن 1853ع کان امريڪا سياست تي حاوي رهيو، انهن ڏينهن ۾ پارٽين جو اختلاف سرمائيداري تي نه پر ان کي هلائيندڙ طريقن تي آهي. آخري ڇيڙ تي مخالف پارٽيون حڪمران طبقي جي مُفادن جي نمائندگي ڪن ٿيون. لٽ مار جي ماحول ۾ جنم وٺندڙ اهي سياسي اختلاف اڳتي هلي وڌندا. ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي خلاف ڪيترائي راز فاش ڪنديون پر سرمائيداري نظام جي حفاظت لاءِ هِن بازاري سياست جا سڀ مقصد گڏ نظر ايندا.
ڊيموڪريٽڪ پارٽي اصل ۾ امريڪي سامراج جو “ٻهارو” آهي جنهن جو ڪم ريپبلڪن پارٽي جو ڪيل گند صاف ڪرڻ آهي. تبديلي جي نعري تي فسادي اقتدار اچڻ وارو باراڪ اوبامه به گوانتانامو جيل کي ختم نه ڪري سگهيو. ايڊورڊ سنوڊن امريڪي جاسوسي ايجنسي (NSA) جو راز فاش ڪيو هيو اصل حقيقت ۾ اها هلي پئي. اوباما بُش جي ڊرون پروگرام کي نه صرف جاري رکيو پر اڃا وڌائي ڇڏيو. هن رپورٽ ۾ انسانيت جو قتل عام ڪندڙ ۽ اهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث جن به ماڻهن جو ذڪر آهي انهن جي مٿي جو وار به نه چُرندو. اهيائي سرمائيداري جمهوريت جي تبديلي آهي.
هي رپورٽ امريڪا جي انُ خواب کي چڪناچور ڪري ڇڏيندي جيڪو سامراجي رياست ڪيتري ئي عرصي کان پنهنجي عوام کي ڏيکاري رهي آهي. هي تلخ حقيقت امريڪي عوام تي ان جبر، ڏاڍ ۽ وحشت کي دنيا آڏو آڻيندي جنهن جي بازار امريڪي حڪمرانن حب الوطني جي نالي تي گرم ڪري رکي آهي.
سامراجي ۽ سرمائيداري نظام جي خوفناڪ حقيقت جو اهيو نظريو امريڪا ۾ طبقاتي جدوجهد کي نئين شڪست ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button