5 فيبروري تي ملڪي سياست ۾ هڪ پيشرفت اها ٿي آهي ته ڪجهه وقت جي تلخي کان پو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي جي ويجهو آيون آهن. 5 فيبروري تي شهباز شريف طرفان لاهور ۾ سندس رهائش گاهه تي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ويو آهي. آصف زرداري بلاول ڀٽو سان گڏ ماڊل ٽائون پهتو، جتي شهباز شريف، مريم نواز ۽ حمزا شهباز سندن استقبال ڪيو. ان ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ حڪومت مخالف مارچ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اجلاس ۾ مستقبل جي “حڪمت عملي” ۽ حڪومت خلاف “عدم اعتماد” جي رٿ آڻڻ جي معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويو آهي.
ملاقات کان پو شهباز شريف چيو ته “حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اڄ هڪ ايجنڊا تي اتفاق نه ٿيو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي. حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ تي سنجيدگي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. ان تي پنهنجي پارٽي ۽ پي ڊي ايم سان مشاورت ڪنداسين. بي اعتمادي واري معاملي تي نواز شريف ۽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي فيصلو ڪندي. حڪومت خلاف سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ گهرجن. اسان طئي ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي سان مشاورت ڪري اسان اهو معاملو پي ڊي ايم ۾ کڻي وينداسين. مشاورت سان گڏجي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين.”
ان ملاقات کي هڪڙن “بريڪ ٿرو” قرار ڏنو ته ٻين وري ان تي تنقيد به ڪئي. پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اڳواڻن ان ملاقات کي معنيٰ خيز قرار ڏنو آهي. ڏٺو وڃي ته اها معمول موجب هڪ سياسي سرگرمي ئي هئي، تنهنڪري ان کي ڪو “بريڪ ٿرو” قرار ڏيڻ اٻهرائپ ئي هوندي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي پارٽين ۾ ان کان وڌيڪ اهم پيشرفتون ته اڳ ۾ ٿينديون رهيون آهن. ڇا محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جو ميثاق جمهوريت تي صحيح ڪرڻ پاڪستان جي بورجوا سياسي تاريخ جو هڪ اهم واقعو نه هو؟ پر اصل بريڪ ٿرو ته هيو ئي اهو پر پو ان جو ڪهڙو حشر ٿيو؟ اهو به سڀني جي آڏو آهي. ميثاق جمهوريت کي به ڇڏيو، نيازي سرڪار قائم ٿيڻ کان پو ڇا ٻنهي پارٽين جي قيادت ۾ اهڙيون ملاقاتون اڳ ۾ ناهن ٿيون؟ پي ڊي ايم جي قيام کان وٺي، مريم نواز ۽ حمزا شهباز جو بلاول جي دعوت تي ڪراچي سندس گهر اچڻ کان ويندي، اهڙيون کوڙ اڳڀرايون ٿيون جن مان لڳو پئي ته انهن پارٽين هاڻي ماضي مان سبق سکندي ڪجهه سنجيده ۽ جمهوريت جي حق ۾ سياست ڪرڻ جو طئي ڪري ورتو آهي. پر اڳتي هلي، جيئن اهڙين اڳڀراين جا بخيا اڊيڙيا ويا، اهو به سڀني جي سامهون آهي. ٻنهي پارٽين ۾ انهن اڳڀراين کان پو به وڏيون اميدون ڪيون پئي ويون، پر ان جو به کڙ تيل ڪجهه نه نڪتو.
موجوده ملاقات کي به هڪ قسم جي روايتي سياسي سرگرمي ئي سمجهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان ملاقات جي ڪجهه ئي دير کان پو اهي به خبرون اچڻ شروع ٿي ويون ته پيپلز پارٽي نواز ليگ کي پنهنجي لانگ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن تي ن ليگ شرط لاڳو ڪيو ته لانگ مارچ جي پڄاڻي تي ڌرڻو هڻندا ته گڏ آهيون. پيپلز پارٽي جي قيادت ڌرڻو هڻڻ کان انڪار ڪيو. ملاقات دوران مريم نواز پنهنجي موبائيل تي نواز شريف سان آصف زرداري جي ڳالهه ٻولهه ڪرائي. مطلب ته ان هڪ ملاقات سان ٻنهي پارٽين ۾ نيازي سرڪار جي خاتمي جي طريقيڪار جي سلسلي ۾ جيڪي اختلاف موجود آهن، اهي ختم نه ٿي ويندا. شهباز شريف جو اهو بيان ته “حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.” به اهميت جوڳو آهي. ڇاڪاڻ ته ملاقات کان پو ميڊيا ۾ اهي به خبرون اچڻ شروع ٿيون ته “پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ اسپيڪر قومي اسيمبلي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته بي اعتمادي رٿ بابت وقت بعد ۾ طئي ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي سامهون نواز ليگ سان رابطي ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ جي 20 ميمبرن جا نالا به رکيا ويا.” جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پو اها نيازي سرڪار جي خاتمي ڏانهن هڪ قسم جي شروعات هوندي ۽ اهي ئي “آئيني ۽ قانوني آپشن” ٿي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڌرڻي واري ڳالهه کان ته پيپلز پارٽي واري قيادت اڳ ۾ انڪار ڪري چڪي آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته هڪ ڌرڻو وڪيلن جي پهرين لانگ مارچ دوران اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو به لڳو هو. جنهن جي خاتمي ۾ پ پ اڳواڻ اعتزا احسن اهم رول ادا ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ وڪيل اڳواڻن ۾ اعتزاز احسن به شامل هو. مطلب ته پيپلز پارٽي ڪنهن به ڌرڻي واري سياست ۾ يقين نٿي رهي. اهو ٺيڪ آهي ته ان وقت پيپلز پارٽي جي ئي سرڪار هئي، پنهنجي سرڪار خلاف ئي ڪي مسئلا پيدا ڪرڻ تي اعتزاز احسن تي پارٽي قيادت پاران دٻا به هوندو، پر سوال وري به اهو آهي ته پيپلز پارٽي هاڻي ايئن ڇو نٿي ڪرڻ چاهي؟ هاڻي ته وفاق ۾ نيازي سرڪار قائم آهي. هو ڌرڻو ڇو نٿي هڻڻ چاهي؟ نيٺ هو نيازي سرڪار کي “عوامي طاقت” جي ذريعي ڇو نٿي هٽائڻ چاهي؟ اهو گهڻو معنيٰ خيز آهي. ٻئي طرف نواز ليگ جي ته اها خواهش رهي آهي ته نيازي سرڪار جي خاتمي لا هر طريقو آزمائي سگهجي ٿو، خاص ڪري هو روڊن رستن واري طريقي کي اهميت ڏيندي رهي آهي، جنهن کان پ پ انڪار ڪندي رهي آهي، پ پ جو پي ڊي ايم مان نڪرڻ جو سبب به اهو ئي هو. بهرحال، بي اعتمادي واري ڳالهه به عملي شڪل وٺندي نظر نه پئي اچي. ڇاڪاڻ ته هنن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو ضايع ڪري ڇڏيو، ان دوران اهي گهڻو ڪجهه ڪري پئي سگهيون پر هنن ڄاڻي واڻي ڪجهه به نه ڪيو.
مانجهاندي کان پو مريم نواز چيو ته “سياسي جماعتن ۾ اختلاف هوندا آهن پر عوام جون ڏکيائيون اسان کي گڏ رکنديون آهن. اسان عوام جي مسئلن تي اختلاف وساري هڪ ٿي وينداسين. سليڪٽڊ هاڻ وڃڻ وارو آهي، جڏهن اسان عوام جون اميدون پوريون ڪرڻ وڃون ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خوشي ناهي هوندي، نومبر گهڻو پري آهي، حڪومت اڳ ۾ ئي گهر هلي ويندي.”
ان تي صرف ايترو ئي چونداسين ته توهان عوام جو الڪو ڇڏيو، توهان رڳو پنهنجا ٽپڙ بچايو، يعني سويلين حاڪميت لا ئي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان هڪٻئي سان گڏجي وڃو ته تڏهن به وڏي ڳالهه هوندي. عوام ته نه ڪلهه توهان جي ايجنڊا تي هو ۽ نه ئي اڄ آهي. توهان حقيقي بوجوا جمهوريت قائم ڪري وڃو، اهو ئي اوهان جو وڏو ڪارنامو هوندو.