پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پوءِ جهڙي ريت سي پيڪ رٿا متاثر ٿي، ان نه رڳو چيني حڪومت جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا پر ملڪي سطح تي به سي پيڪ جي حوالي سان جيترا وات اوتريون ڳالهيون وارو معاملو نظر آيو. بلوچستان سي پيڪ رٿا جو اهم ترين صوبو آهي، خاص طور تي گوادر پورٽ ته سي پيڪ جو مرڪز هو. پر اتي هلندڙ مزاحمت نه رڳو سي پيڪ جي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي پر چيني ماڻهن توڙي سيڪيورٽي فورسز کي به گهڻو نقصان پڻ پهتو.
اهو ته خير سي پيڪ جي سست ٿيڻ جو هڪ پاسو هو، پر جڏهن سي پيڪ اٿارٽيءَ جي چيئرمين عاصم سليم باجوه وارو اسڪينڊل سامهون آيو ته ان مان اهو ظاهر ٿيو ته سي پيڪ واري رٿا ۾ هڪ ريٽائرڊ فوجي پنهنجي بزنس ايمپائر جوڙي چڪو هو. ان کان سواءِ داسوءَ ۾ چيني انجينئرن تي حملن پڻ سي پيڪ واري رٿا کي سخت نقصان پهچايو. اهو هڪ اهڙو ته خطرناڪ حملو هو جو پهرين حڪومت ان کي هڪ حادثو قرار ڏيندي رهي پر ان کان پوءِ ان نيٺ اهو قبول ڪيو ته اها هڪ دهشتگرد ڪارروائي هئي. پر مسئلو وري به اهو آهي سي پيڪ رٿا بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندي، ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي. ڇاڪاڻ ته ان رٿا جا ضامن ته ملڪ جي حفاظت ڪندڙ پاڻ آهن پر جيڪڏهن ان هوندي به سيڪيورٽيءَ جي صورتحال ايتري ڪمزور ٿي وڃي جو چيني پاڻ کي غِير محفوظ سمجهن ته ان کان پوءِ اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته معاملو ڳڙپڙ آهي.
سي پيڪ جيئن ته نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ شروع ٿيو، تنهنڪري ان جو ڪريڊٽ به نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو، ان ڪري عمران خان نيازي ان کي جاري رکڻ کان لنوائيندو رهيو ۽ هو ماضي ۾ به چوندو رهيو ته روڊ ٺاهڻ سان ملڪ ترقي نه ڪندا آهن. جڏهن ته سي پيڪ جي رٿا ۾ ون بيلٽ ون روڊ هڪ وڏي رٿا طور شامل آهي. پر جيڪڏهن اها رٿا عمران خان نيازيءَ جي دور ۾ شروع ڪئي وڃي ها ته ان کان پوءِ شايد هو ان کي اڃا به جاري رکندو اچي ها ۽ ان ۾ وڌيڪ تيزي اچي ها. ان ڳالهه کي هڪ پاسي رکجي ته اها رٿا ڪنهن شروع ڪئي، ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها رٿا ڪيتري اهم هئي، جنهن سان مستقبل ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ئي تبديل ٿي ويندي. پر هاڻ ته اسٽيٽ بينڪ به اهو مڄيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ۾ چيني سيِڙپڪاريءَ ۾ گهٽتائي آئي آهي.
اسٽيٽ بينڪ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته موجوده حڪومتي دور ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ چيني سيڙپڪارن پاڪستان ۾ هڪ ارب 94 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، جڏهن ته گذريل حڪومت جي پنجن سالن ۾ 4 ارب 16 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي. اسٽيٽ بينڪ موجب مالي سال 2019ع کان ڊسمبر 2021ع تائين چيني سيڙپڪارن پاڪستان ۾ هڪ ارب 94 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي، اهڙي ريت موجوده دور حڪومت ۾ چيني سيڙپڪاريءَ جي ماهوار سيڙپڪاري 4 ڪروڙ 60 لک ڊالر رهي. مرڪزي بينڪ موجب چيني سيڙپڪارن گذريل حڪومت جي 5 سالن دوران 4 ارب 16 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي هئي ۽ ساڳئي عرصي دوران سراسري ماهوار سيڙپڪاري 6 ڪروڙ 93 لک ڊالر هئي. ياد رهي ته اپريل 2015ع ۾ سي پيڪ معاهدي تي صحيح کان پوءِ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو ٿيو هو. معاهدي کان اڳ مالي سال 2014ع ۽ 2015ع ۾ چيني سيڙپڪاري ترتيبوار 69 ڪروڙ 58 لک ڊالر ۽ 34 ڪروڙ ڊالرن تائين محدود هئي، پر مالي سال 2016ع ۾ چيني سيڙپڪاري هڪ ارب ڊالر کان وڌي وئي. اسٽيٽ بئنڪ موجب مالي سال 2017ع ۾ چيني سيڙپڪاري 76 ڪروڙ 32 لک ڊالر رهي، جڏهن ته مالي سال 2018ع ۾ چيني سيڙپڪاري 1 ارب 31 ڪروڙ 30 لک رپيا رهي، جولاءِ 2018ع ۾ نئين چونڊن کانپوءِ آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم عهدي جو حلف کنيو ۽ انهي سال معاهدو ٿيڻ کان پوءِ چيني سيڙپڪاريءَ جي سيڙپ 13 ڪروڙ ڊالر تائين محدود هئي.
تازو ملڪ جي وزير اعظم عمران خان نيازي چين جو دورو ڪيو آهي، کيس اهو پروٽوڪول ته ڪونه مليس پر ملڪ جي صدر شي جن سان سندس ملاقات ٿي وئي ۽ سي پيڪ کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پر سوال اهو آهي ته جتي ملڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ايترا سخت حملا ٿي رهيا آهن، اتي چين کي ان ڳالهه لاءِ مطمئن ڪيئن ڪري سگهبو ته ان جا پنهنجا ماڻهو پاڪستان جي هر حصي خاص طور تي بلوچستان ۾ محفوظ رهندا. چين جتي جتي به پنهنجي رٿا شروع ڪندو آهي، اتان جي ملڪن جا اثاثا گروي پيو رکندو آهي. اهڙي ريت هو پاڪستان کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ملڪ کي گروي رکڻ جون ڪوششُون ڪري رهيو آهي.
چين هن وقت به هڪ اڀرندڙ سامراج آهي. آمريڪا کي معاشي طور ڌڪ هڻڻ لاءِ هو گهڻو ڪري انهن ملڪن کي پاڻ سان گڏائي رهيو آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي آمريڪا جا مخالف رهيا آهن. ان ايران کي به ان رٿا ۾ شامل ڪري وڏي سيڙپڪاري پڻ ڪئي آهي. پر اهو اڃا نٿو چئي سگهجي ته اها رٿا بنا ڪنهن رنڊڪ جي پوري ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻه طاقتور ملڪ هڪٻئي جي سامهون هجن ته سياسي مفادن تي جهيڙو وڌي ويندو آهي. هن وقت جيڪي ملڪ آمريڪا جو پاسو ڇڏي چين جي جهوليءَ ۾ ڪري رهيا آهن، اهي اصل ۾ پنهنجو سامراج تبديل ڪري رهيا آهن. ماضي ۾ انهن آمريڪي سامراج کي ڀليڪار ڪيو پر هاڻ وري اهي چين جهڙي سامراج کي پنهنجو مسيحا سمجهي رهيا آهن. تنهنڪري اهي هاڻ انهن پاليسين جو پڻ حصو ٿي رهيا آهن، جيڪي آمريڪا مخالف آهن، پر جڏهن ڪو ملڪ پنهنجي دشمن (آمريڪا) سان سالن کان ڪم ڪندو هجي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ ان کي سڃاڻي ويندو آهي پر چين سان جبلن کان اوچي ۽ سمنڊ کان گهري دوستي هوندي به پاڪستان ان کي اڃا تائين سڃاڻي نه سگهيو آهي.
پاڪستان کي هڪ حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو آءِ ايم ايف جي خيرات تي گذارو ٿو ڪري يا سي پيڪ کي جاري رکندي پنهنجو مستقبل ان سان ٿو ڳنڍي ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت ٻن ٻيڙين جو سوار ٿيڻ ممڪن ڪونهي.