پاڪستان جي دوري جي مد ۾ آسٽريليا پنهنجي 18 مڃيل ڪرڪيٽرن تي ٻڌل اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي 24 سالن بعد پاڪستان اچي ڪرڪيٽ سيريز کيڏندا. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا 18 رڪني اسڪواڊ کي پاڪستان ۾ سيريز کيڏڻ جو پابند بڻايو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ايندڙ اسڪواڊ جو ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ نائب ڪپتان اسٽيو سمٿ کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ ٽي 20 ۽ ون ڊي سيريز جي حوالي سان ٽيم جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، ڇوتھ اهي رانديگر دوري دوران ئي باقي رانديگرن سان اچي ملندا. بيان موجب باقي اسڪواڊ ۾ ايشٽن ايگر، اسڪاٽ بولينڊ، ايلڪس ڪيري، ڪيمرون گرين، مارڪس هيريس بھ پاڪستان ۾ ايندا. جڏهن تھ عثمان خواجا، مانس ليبوشين، مچل اسٽارڪ، ڊيوڊ وارنر، جوش هيزل ووڊ، ٽريس هيڊ، جوش انگلس، ناٿن ليان، مچل مارش، مائيڪل نيسر ۽ مچل سوئيپسن بھ پاڪستان ايندڙ اسڪواڊ ۾ شامل آهن. ڪرڪيٽ آسٽريليا چيو آهي تھ ٽيسٽ ٽيم ۽ لاڳاپيل اسٽاف هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close