رانديون

پير الاهي بخش شوٽنگ بال ٽورنامينٽ پنجاب جي ٽيم کٽي ورتو

حيدرآباد ۾ 4 کان 6 فيبروري تائين 40 هون ڪل پاڪستان پير الاهي بخش شوٽنگ بال ٽورنامينٽ ٿي گذريو. جنهن ۾ فائنل العثمان لاهور جي ٽيم کٽي ورتو، ۽ ٻين پوزيشن نياز ڪلب حيدرآباد ماڻي. ٽورنامينٽ ۾ سڄي ملڪ مان 32 ٽيمن حصو ورتو. پنجاب مان العثمان لاهور، الفريد ساهيوال، بلوچستان مان شهنشاهه کجڪ، خان ڪلب ۽ سنڌ مان ٺيڙهي، لاڙڪاڻي دادو، ميرپورخاص، پنوعاقل ۽ ٻين علائقن جي ٽيمن حصو ورتو، جنهن ۾ العثمان فائينل ۾ نياز ڪلب حيدرآباد کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کٽي ورتو. جڏهن ته نياز ڪلب الفريد ساهيوال کان ڪوارٽر فائينل ۽ سيمي فائينل کٽي ورتي. ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو اعزاز حيدرآباد ڪلب جي محبوب سولنگي، وهاب ٿيٻو ۽ صدام ميمڻ کي ڏنو ويو. ايم پي اي پير مجيب مک مهمان جي حيثيت سان فائينل ۽ سيمي فائينل ۾ کٽيندڙ ٽيمن کي ٽرافي ۽ ڪيش انعام ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button