ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بي اعتمادي جي رٿ ۽ ان کانپوءِ جو منظرنامو!

Editorial-Article-Allah Bux Rsthor

نواز شريف جي وزيراعظم خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ لاءِ Initiative مان ھڪڙي ڳالهھ تھ واضح ٿي وئي تھ اڳوڻو وزير اعظم سياسي معاملن ۾ تمام گھڻو slow learner آھي. ن ليگ جي اندران اھم اڳواڻن جي دانھن ڪوڪن جي باوجود نواز شريف راضپو ظاھر نھ پئي ڪيو تھ عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وڃي. نيٺ “ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، تنھن کي ڀليو نھ چئبو” چواڻي نواز شريف کي ان ساڳي پِچ تي اچڻو پيو، جنھن تي پھريان ئي پيپلز پارٽي موجود ھئي، مولانا فضل الرحمان، جيڪو نواز شريف جي بااعتماد اتحادي طور سامھون آيو آھي، ان بابت چيو وڃي ٿو تھ ميان نواز شريف شايد مولانا کان گھڻو متاثر آھي، ھو توڙي جو دورانديش ۽ پري پري تائين واسطن رکڻ وارو سياستدان آھي، پر ھو پنھنجي روئي ۾ وڌيڪ Hardliner ۽ Reluctant ليڊر بڻجي سامھون آيو، جيڪڏھن ائين چئجي تھ مولانا فضل الرحمان اصل ۾ پنھنجي خيالن ۾ قدامت پسند بھ آھي، انڪري ھو پاپولر موڊ کي سمجھڻ ۾ دير ڪري رھيو آھي. ھن جيڪي ملين مارچ ڪرڻ جون دعوائون ڪيون، اھي بھ وقت کان اڳ جون ھيون، انڪري ھن کي بھ ڏٽا ڏئي ڪري خالي ھٿئين واپس ڪيو ويو. ھن کي شايد نان ڊجيٽل نمبر ڊائل ڪرڻ جي عادت پئجي وئي آھي، انڪري ھن جو تير نشاني تي نھ پئي لڳو. ھاڻ بھ مولانا فضل الرحمان ان خوش فھميءَ ۾ مبتلا نظر اچي ٿو تھ واڳ ڌڻي يا اسٽيبلشمينٽ اڻ ڌري ٿي وئي آھي، پر اسٽيبلشمينٽ بھ اھڙو گھيتلو آھي، جيڪو ھر اقتدار ۾ ايندڙ يا Expected حڪمرانن جي پيرن ۾ پوري اچي ويندي آھي، انھن جو مزاج ڪڏھن بھ عوام دوست نھ رھيو آھي، نھ ئي اھي ڪڏھن اھڙي دعويٰ ڪندا رھيا آھن. انڪري واڳ ڌڻين جي آسري تي شايد ڪابھ سياسي Move ڪري نٿي سگھجي، ھي الڳ ڳالهھ آھي تھ بقول مريم نواز جي تھ عمران خان جي حڪومت تي عوام بي اعتمادي ظاھر ڪري چڪو آھي. ھي ڳالهھ بھ درست آھي، پر ان جي خبر ن ليگ ۽ ان جي اتحادين کي دير سان پئي. عام طور تي ھڪ ڪينگرو جي اھا پراڻي عادت، فطرت يا جبلت آھي تھ جيڪڏھن ان جو ٻار مري بھ وڃي تھ اھا ٽن ڏينھن تائين ان کي کڻي گھمائيندي آھي تھ اھو مئل ناھي. ساڳي ڳالهھ عمران خان لاءِ چئي سگھجي ٿي تھ ھن جي حڪومت جو عوامي سطح تي خاتمو گھڻو عرصو اڳ ٿي چڪو ھو، پر ھو وينٽي ليٽر تي رھيو ۽ نيٺ ھاڻ ھن پنھنجي ئي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي ڇڏيو آھي.
عمران خان پنھنجن 41 وفاقي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن ۾ جيڪا ڪارڪردگي جي ميچ ڪرائي ۽ ٽاپ ٽين جو اعلان ڪيو آھي، اھا پارٽي کي فائدو پھچائڻ بدران ورھائڻ جو بنياد فراھم ڪندي. ھن ڪامياب ٿيندڙ وزيرن مان مراد سعيد کي پھرين نمبر تي رکيو، پر ھي نھ سوچيو تھ اھي جيڪي صبح شام عمران خان لاءِ تارا آسمان تان لاھي اچڻ جون ڳالھيون ڪندا رھيا آھن، انھن جي دل تي ڇا گذرندي، جن ۾ شاھه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد سرفھرست آھن، شيخ رشيد ٽاپ ٽين ۾ نائين نمبر تي ضرور آھي، پر ان سان ھن جي تشفي ٿيڻي ناھي. سڀني کان وڌيڪ تڪليف مملڪتي وزير علي محمد خان کي ٿي، جيڪو قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ عمران خان جو ڪيس بنا في وڙھڻ لاءِ تيار رھيو آھي. ھاڻ جن وزيرن جون مارڪون نوي سيڪڙو آھن، انھن کي ٽي اضافي پگھارون ملنديون ۽ جيڪي ٻي پوزيشن تي آھن، انھن کي ٻھ پگھارون اضافي ملنديون، ھي خرچ ڪو 28 ڪروڙ رپين جو آھي. اھڙي حڪومت جيڪا ھميشھ دانھون ڪندي رھي آھي تھ خزانو خالي آھي، اھا ٽاپ ٽين ۾ شامل وزيرن، انھن جي وزارتن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن ۾ 28 ڪروڙ رپين جي ڳري رقم ورھائيندي!
عمران خان جي ڪارڪردگي جا سرٽيفڪيٽس کيس مارائيندا، شايد اھو ئي سبب ھجي تھ وفاقي ڪابينا جا پنج اھڙا وزير آھن، جن لاءِ دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ اھي لنڊن ۾ نواز شريف يا ن ليگ قيادت سان رابطي ۾ آھن. ھاڻ تھ سرائيڪي بيلٽ مان ٻه درجن، سنڌ ۽ ڪي پي مان ٻن ٻن اھڙن پي ٽي آءِ جي ميمبرن جا نالا سامھون اچن پيا، جيڪي عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آھن. ساڳي طرح سان ايم ڪيو ايم بھ مخالف ڌر جي بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت ڪرڻ جو اشارو ڏنو آھي، ساڳي طرح سان ق ليگ بھ بگ باس جي اشاري جو انتظار ڪري پئي، ممڪن آھي تھ چوڌري ڀائر جلد ان جو اعلان ڪن. اھڙي صورتحال ۾ عمران خان جي جھولي ۾ ڇا بچندو؟
ھي ڳالھه واضح ٿي سامھون آئي آھي تھ ھن ڀيري آصف زرداري بيگ کڻي خريداري تي نھ نڪتو آھي، عمران خان تھ ان تي ھڪ اڌ ڏينھن پھريان حملو ڪيو ھو تھ زرداري، ڪرپشن جا ايترا پئسا گڏ ڪيا آھن،ھو جنھن بھ ميمبر کي چاھي خريد ڪري سگھي ٿو. پر ھن ڀيري زرداري جي بچت ٿي وئي آھي. ڇاڪاڻ تھ عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ جو Mover ميان نواز شريف آھي، ھو ھر صورت ۾ عمران خان مان جان آجي ڪرائڻ گھري ٿو. انڪري بي اعتمادي جي رٿ منظور ڪرائڻ لاءِ ڊيٽا بھ ميان صاحب کي پورو ڪرڻو آھي، آصف زرداري تھ لاھور جي ماڊل ٽائون ۾ شھباز شريف جي دعوت قبول ڪئي ۽ پنھنجي پراڻي پلان جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ شھباز شريف جھڙي ماڻھوءَ کي اعتراف ڪرڻو پيو تھ بي اعتمادي جي رٿ تي جيتري پيپلز پارٽي واضح آھي، ايتري شايد ڪا ٻي پارٽي نھ ھوندي! ان سان گڏ ن ليگ، جنھن ۾ عمران خان جي حڪومت جي حوالي سان ڪيترائي بيانيا ھئا، انھن سڀني جو ان ڳالهھ تي اتفاق آھي تھ پھرين فرصت ۾ عمران خان مان جان آجي ڪرائڻ ضروري آھي، نواز شريف بھ سمجھي ٿو تھ ڪٿي ايئن نھ ٿئي تھ عمران خان پنھنجي مرضي سان نئون آرمي چيف نه مقرر ڪري ڇڏي. واڳ ڌڻين بھ ان معاملي تي خدشا ظاھر ڪيا آھن. اھڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون جن ۾ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي سرفھرست آھن، انھن آءِ ايم ايف جي شرطن جي بنياد تي جيڪو بل آندو، ان جي وڌي چڙھي ڪري حمايت ڪئي ۽ ظاھر طور تي عوام دوستي جو راڳ الاپيو. جيڪڏھن مخالف ڌر جون پارٽيون چاھين ھا تھ اھي ان بل کي بلاڪ ڪري سگھيون پئي، پر بگ باس جو حڪم ھو، جنھن کي مخالف ڌر اکين تي رکيو!
ھاڻ واضح طور تي چيو پيو وڃي تھ عمران خان جو بي اعتمادي جي رٿ مان بچڻ ناممڪن آھي. مخالف ڌر اڳيان نالي ماتر مارجن آھي، جنھن کي اھا پورو ڪري سگھي ٿي. ھن ڀيري اھي پارٽيون بھ عمران خان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏينديون، جن ھن کي اعتماد جو ووٽ ڏنو ھو! ان سان گڏ ھي بھ حقيقت آھي تھ عمران خان جي حڪومت عوام جو جيئڻ حرام ڪرڻ ۾ ڪابھ ڪسر نھ ڇڏي آھي. حڪومت جي اھڙي ڪابھ ڪارڪردگي ناھي، جنھن جي بنياد تي گريس مارڪس ڏئي، ان کي پاس ڪيو وڃي. ھن ڳالهھ جي شاھدي عوام جي ھر طبقي مان سامھون اچي ٿي. حڪومت کي بھ صراط مستقيم نظر ئي نٿي اچي. جيڪڏھن حڪمرانن جو قبلو درست ھجي ھا تھ ملڪ ڏيوالي جي حد تائين نھ پھچي ھا. ناڻي جي وزير به هي اشارو ڏنو ته جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ڪيو ته سعودي عرب پنهنجا پئسا واپس وٺي ڇڏيندو، هينئر معاشري جو ڪھڙو طبقو آھي، جيڪو حڪومت جي پاليسين کان خوش نظر ايندو ھجي.
ھاڻ سوال ھي آھي تھ جيڪڏھن عمران خان جي حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وڃي ٿي تھ پوءِ ڪھڙو منظرنامو ھوندو؟ ڇا عمران خان جي بقول ھو رستن تي آيو تھ وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندو؟ ڇا مخالف ڌر جي جيڪا پارٽي يا ڌر حڪومت ٺاھي ٿي اھا ڊليور ڪندي؟ ڇا اقتدار ۾ اچڻ کان پھريان ن ليگ يا پيپلز پارٽي ھوم ورڪ ڪيو آھي؟ ڇا نئين ايندڙ حڪومت ڪجھه مھينن لاءِ ھوندي يا ايستائين جيستائين ان جو مدو پورو ٿي ويندو؟ ھينئر تائين انھن سوالن جا جواب نھڪار ۾ آھن. مخالف ڌر عمران خان جو ٻوجهھ پنھنجن ڪلھن تي کڻڻ لاءِ تيار آھي، پر ڊليور ڪرڻ جي ڪابھ ضمانت نھ ھوندي. نئين حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل معاھدو جاري رکندي يا مھانگائي جي حوالي سان عوام کي ڪو رليف ڏيندي؟ ھي سڀ سوال، جيڪي جواب طلبين ٿا. مخالف ڌر جو ايترو چوڻ ڪافي ناھي تھ عمران خان جي گھر رواني ٿيڻ سان سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. پاڪستان کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻا چيلينجز آهن، عمران خان صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو عرصو لڳي ويندو. انڪري عوام کي مخالف ڌر جي اقتدار ۾ اچڻ جي باوجود ڪنهن رليف جي اميد گهٽ آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ جادو جي ڇڙي آهي ته اها بهتري آڻي سگهي ٿي. ايترو ضرور ٿيندو ته پاڪستان عالمي سطح تي سفارتي اڪيلائي مان ٻاهر نڪري ايندو، باقي جيڪو نياڻي جو نصيب!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button