رانديون

آئي پي ايل ۾ ايشان، چهار ۽ شيرياس وڏي اگهه تي وڪرو

ڪرڪيٽ جي ننڍي فارم واري سڀ کان وڏي ايونٽ آئي پي ايل ۾ ايشان ڪشن، ديپڪ چهار ۽ شيرياس آئير وڏي اگهه تي وڪرو ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ممبئي انڊينس ايشان ڪشن کي 15 ڪروڙ 25 لک، شيرياس آئير کي ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرس 12 ڪروڙ 25 لک ۽ ديپڪ چهار کي چنائي سپر ڪنگ 14 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيو آهي. جڏهن تھ محمد شمي، واشنگٽن سندر، جيسن هولڊر، جوني بيرئسٽو، مچل مارش، فاف ڊوپليسي، ڪوائنٽن ڊي ڪوڪ جيسن روئي، ڊوائين بريوو ۽ ٻين کي مختلف ٽيمن خريد ڪيو آهي. جڏهن تھ محمد نبي، شڪيب الحسن، سريش رائنا، ڊيوڊ ملر، اسٽيو سمٿ ۽ ميٿيو ويڊ کي ڪنهن بھ خريد نھ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button