رانديون

نيوزيلينڊ ويمن 62 رنسن تان ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم 62 رنسن تان ڀارت جي ويمن ٽيم کي شڪست ڏئي ون ڊي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق 5 ميچن واري ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي 275 جي موٽ ۾ ڀارتي ويمن ٽيم 213 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت کي 62 رنسن تان شڪست ملي وئي. نيوزيلينڊ ويمن جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي سوزي بيٽس شاندار راند کيڏندي 106 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ايمي سيٿرويٽ 63، اميلا ڪر 33، ميڊي گرين 17 ۽ صوفي ڊيوائين 13 رنسن سان نمايا رهيون. ڀارت ويمن 276 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 50 اوور ۾ 213 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ سندس بيٽرن مان مٿالي راج 59 ۽ ياستيڪا ڀاٽيا 41 رنسن سان نمايان رهيون، شيفالي ورما 12، ريچا گهوش 22، پوجا واستراڪر 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويون. ڀارتي بالرن مان جهولان، پوجا، راجيشوري ۽ ديپتي شرما 2،2 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نھ ٿي سگهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button