رانديون

آسٽريليا سپر اوور ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 سيريز جي هڪ دلچسپ مقابلي بعد سپر اوور ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 سيريز جي ٻي ميچ ۾ آسٽريليا پهرين بيٽنگ ڪندي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ سريلنڪا جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورن ۾ 164 رنسون ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پيٿم نشانڪا 73 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي. جڏهن تھ ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو، جنهن ۾ سپر اوور ۾ سريلنڪا پهرين کيڏندي 5 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ آسٽريليا 9 اسڪور ڪري ميچ کٽي ورتي. آسٽريليا جي مارڪس اسٽوئنس لاڳيتو 2 چوڪا هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button